بابري مسجد جو فيصلو بي جي پي جي سازش آهي: سياستدان

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ڀارتي سپريم ڪورٽ طرفان بابري مسجد جي تڪراري فيصلي تي شديد رد عمل جو اظهار ڪيو آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي بابري مسجد تي رد عمل ڏنو ۽ چيو ته سوچڻ جي ڳالهه  آهي ته هن ڏينهن جي موقعي تي فيصلو ڏيڻ جو ڪهڙو سبب آهي؟ ڪرتارپور راهداري جو افتتاح هو ۽ فيصلو به ڏنو ويو، ان مان لڳي ٿو ته اها بي جي پي جي سازش آهي. هندن جي حقن ۾ فيصلو اچڻ ثابت ڪري ٿو ته سپريم ڪورٽ دٻاءُ جو شڪار آهي. مودي جي سياست نفرت جي سياست آهي. وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو شرمناڪ، غيرقانوني ۽ غيراخلاقي آهي. ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو ته مودي جي هوندي امن جي ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي. بابري مسجد جي جاءِ تي مندر اڏڻ جي اجازت عقل جا انڌا ئي ڏئي سگهن ٿا. ڀارتي مسلمان هاڻ پاڪستان ڏانهن ڏسن ٿا. اطلاعات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته ڀارتي عدالت به انتهاپسند آئيڊيالوجي سان گڏ بيٺل آهي اهو هڪ بدنما داغ آهي، ان کي هندستان جي رياست ڪڏهن به ڌوئي نه سگهندي. وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري چيو ته سيڪيولر انڊديا جو مڪروه چهرو ظاهر ٿي ويو ۽ اها ان جي پڄاڻي آهي. ڀارتي سپريم ڪورٽ مودي جي بياني سان گڏ آهي.043041

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.