آصف زرداري جا ماڻهو ايندڙ هفتي کان پئسا ڏيندا: شيخ رشيد

لاهور (م ڊ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته آصف زرداري جا سمورا ڪيس پلي بارگين ۾ ٽي چار مهينن ۾ ختم ٿي ويندا. هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آصف زرداري وڏي دل وارو آهي. دوستن سان گڏجي کائي ٿو ۽ ڪرپشن ڪري ٿو. هن چيو ته نواز شريف اڄ يا سڀاڻي سومر ڏينهن ٻاهر ويندو. هي طبي مسئلو آهي. هن چيو ته شهباز شريف به پنهنجي ڀاءُ سان گڏ ويندو. هن چيو ته آصف زرداري جا ماڻهو ايندڙ هفتي کان پئسا ڏيندا، جڏهن ته نواز شريف ڪڏهن به نه ڏيندو.063041

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.