عيد ميلاد النبي صه اڄ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي ويندي

اسلام آباد (بيورو+ اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ عيد ميلاد النبي صه اڄ آچر ڏينهن مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي ويندي. ان حوالي سان خاص تقريبون، ڪانفرنسون ۽ ميلاد ريلين جو انتظام ڪيو ويندو. سڄي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ مسجدن، سرڪاري ۽ غيرسرڪاري عمارتن سميت مصنوعي روشنين ۽ جهنڊين سان سجايو پيو وڃي. پاڪستان ۾ عيد ميلاد النبي صه جي ڏينهن جي شروعات وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21-21 توپن جي سلامي سان ٿيندي ۽ رات جو محفل نعت ڪانفرنس جو انتظام ۽ روشنين جو انتظام ڪيو ويندو. مسجدن ۾ اسلام جي بالا دستي، مذهبي تعليم کي هٿي وٺائڻ، اتحاد، يڪجهتي، بين مذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺائڻ ۽ مسلم امت جي ترقي ۽ فلاح ۽ بهبود لاءِ خاص دعائون ڪيون وينديون. سرڪاري غير سرڪاري ۽ مذهبي تنظيمون، ميلاد ڪميٽيون ۽ پاڪستاني ان ڏينهن جي مناسبت سان ميلاد جلوسن،  سيمينار، ڪانفرنسون ۽ مذاڪرن سميت ڪيترن ئي پروگرامن جو انتظام ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان عيد ميلادنبي کي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن شهرن کي خاص هدايت ڪئي هئي جنهن جي روشني ۾ قدم کنيا ويا آهن ۽ اسلام آباد ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جي انتظام هيٺ انٽرنيشنل سيرت ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي وفد شرڪت ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.