ڇا اسين حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي اخلاقي سنت تي پورا لهون ٿا؟

12 ربيع الاول جو ڏينهن هڪ اهڙي عظيم شخصيت جو جنم ڏينهن آهي جنهن کي سڄي دنيا حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي نالي سان سڃاڻي ٿي. حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي شخصيت تي هونئن ته دنياجي وڏي آبادي ناز ڪري ٿي پر مسلمانن جو فخر ان ڪري ٻيڻو، ٽيڻو ۽ چئوڻو ٿي وڃي ٿو  جو هو ان مذهب جا پيروڪار آهن جنهن کان اُهي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم وسيلي متعارف ٿيا. اسان مسلمانن جي اڄوڪي شادماني بجا آهي. اسين حضور صلعم جن جي سنت تي هلڻ جا به پاڻ کي دعويدار سمجهندا آهيون پر ڇا اسين مسلمان حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي انساني ۽ اخلاقي سنت تي هلڻ ۽ پورو لهڻ ۾ مڪمل طور تي ڪامياب ٿيا آهيون؟ جنهن جي معنيٰ اها آهي ته اسان اسلام جي روح تي پورا نٿا لهون. جنهن تي افسوس کان وڌيڪ حيرت  ئي ڪري سگهجي ٿي.

ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪا ڄاڻ نه هجي، ڪو سونهون نه هجي ته اها ڪا خراب ڳالهه نه آهي پر ڪو ماڻهو ڪا ڄاڻ رکڻ جي يا سونهون بڻائڻ جي ضروت ئي محسوس نه ڪري ته اهو الميو آهي. اها ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي ته اسان مسلمانن وٽ ته قرآن شريف به آهي ۽ رول ماڊل طور حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي مڪمل زندگي به آڏو آهي جيڪا ڪنهن به ماڻهوءَ کي ”انسان“ بڻائڻ لاءِ ڪافي آهي. پر پوءِ به اسان گمراهي جي ور چڙهيل آهيون.

ڪامل انسان ڇا کي چئبو آهي، انساني قدر ڪهڙا ٿيندا آهن، زندگي ڇا آهي، زندگي ڪيئن گذارجي، اخلاقيات ڇا آهي، اخلاق سان ماڻهن جون دليون ڪيئن ٿيون کٽي سگهجن، اعليٰ انساني قدرن وارو سماج ڪيئن ٿو اڏي سگهجي، حق، سچ ۽ انصاف ڇا آهي، انجا ماپا ڪهڙا آهن سي سڀ جا سڀ معيار حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي زندگي مان ملن ٿا، جنهن کي اسان پنهنجو پيغمبر ٿا سمجهون، هيرو ڄاڻون ٿا، آدرش سمجهون ٿا ۽ انکي پنهنجن سڀني حواسن سان عقيدت جي حد تائين تسليم به ڪيون ٿا پر حضرت محمد صلي الله عيله وسلم جن جي ڪامل انسان جهڙا عظيم انسان ٿيڻ جي عملي طور ڪوشش ته ٺهيو حسرت به نٿا ڪيون. شايد ان ڪري به جو اسان مذهبي فرضن کي پورو ڪرڻ کانپوءِ پاڻکي مڙني انساني ۽ اخلاقي قدرن کان آجو سمجهون ٿا جيڪا اسانجي مجموعي طور تي هڪ بدحواسي آهي.

اسان مسلمانن کي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي اڄوڪي جنم ڏينهن تي اهو نئين سر ۽ پوري ايمانداري سان  وچن ڪرڻ گهرجي ته اسانکي هن ڌرتيءَ تي هڪ عظيم ترين انسان ٿي رهڻ گهرجي ۽ ثابت ڪجي ته اسان ئي عظيم انسان ٿي سگهون ٿا جو اسان کي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي رهنمائي مليل آهي جنهن کي اسان دل ۽ جان وچان تسليم به ڪيون ٿا.

سٺو انسان ٿيڻ لاءِ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي زندگيءَ جو سبق پڙهڻ گهرجي ۽ پاڻ ڪريم جن وري عظيم انسان ٿيڻ واري تربيت ۽ رهنمائي ان آسماني ڪتاب مان حاصل ڪئي جنهن کي”قرآن شريف“ چيو وڃي ٿو.قرآن شريف، حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي زندگي ۽ سندن رهنمائي ٻڌائي ٿي ته پاڻ عظيم انسان ڪيئن بڻيو. سڀ جا سڀ مذهبي فرض ادا ڪرڻ کانپوءِ جيڪا زندگي گذارڻ جي تاڪيد ٿيل آهي ان زندگيءَ جي جيڪا اخلاقيات آهي تنهن تي عمل ڪري اسان بهترين ۽ عظيم انسان ٿي سگهون ٿا ۽ اعليٰ انساني قدرني تي ٻڌل سماج تعمير ڪري سگهون ٿا. ضرورت رڳو ان ڳالهه جي آهي ته اسان مسلمان، حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن سان سچا ٿيون ۽ سندن روح کي سرخرو ڪرڻ واري چئلينج کي قبول ڪيون. حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي طريقت تي هلڻ برابر ڏکيو آهي پر ناممڪن به ناهي. هيءُ پيار ۽ عقيدت جو ظرف آهي.

حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي پيغام ۽ زندگي گذارڻ واري طريقي کي سڄي دنيا ۾ پکيڙڻ ۽ هر دور جي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪرڻو آهي ۽ اهو ڪم تڏهن ٿيندو جڏهن اسانجي قول ۽ فعل ۾ فرق نه رهندو. جڏهن اسان هر ماڻهوءَ کي عزت ڏينداسين، کيس پنهنجو سمجهنداسين، کيس خدا تعاليٰ جي تخليق سمجهنداسين ۽ ان تخليق کي اکين تي رکنداسين، سندس جيئڻ جي حق کي تسليم ڪنداسين، کيس جيئڻ جي بنيادي آزادي ڏينداسين، کيس سٺو انسان بڻائڻ سان گڏ پاڻ به سٺو انسان ٿيڻ چاهينداسين،  پنهنجي اخلاق سان ماڻهن جون دليون کٽنداسين، نفرتن جي باهه تي پيار، امن ۽ اخلاق جو پاڻي هارينداسين، سڀني مذهبن جو احترام ڪنداسين،  ٻين ماڻهن کي سهولتون ڏينداسين، پاڻ کي بکيو رکي ٻين جو پيٽ ڀرينداسين.

ڀلي ڪير پاڻ مٿان گند اڇلائي پر اهو ماڻهو جڏهن بيمار ٿئي ته سندس طبيعت پڇڻ وينداسين، پنهنجن مخالفن سان به سٺو هلندسين، ٻين جون برايون ڳڻائڻ بدران سندس خاصيتون بيان ڪنداسين، ماڻهن جي تعريف ڪنداسين، سندن حوصلي  افزائي ڪنداسين، سندن منداين جو جواب به ڀلائي سان ڏينداسين.

هونئن ته سڀني مذهبن ۾ اخلاقيات آهي پر اسلام ته آهي ئي سلامتي جو مذهب پوءِ اسان مسلمان مسجدن ۾ ويندي به پاڻ کي سلامت ڇو محسوس ناهيون ڪندا. ايمبولينس ۾ ويندڙ مريضن کي اسپتال پهچڻ لاءِ رستو ڇو ناهيون ڏيندا. ماڻهن جو حق ماريندا آهيون، سندن استحصال ڪندا آهيون، ٻئي جي تڪليف کي پنهنجي تڪليف  محسوس ناهيون ڪندا. آخر ڇو؟، ان تي سوچڻ گهرجي. اسانکي برابر حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي جنم ڏينهن تي شادماني ملهائڻ گهرجي، پر ان خوشي جو معراج اهو ئي چئبو جڏهن اسان مسلمان پاڻ کي هن دنيا جا سڀ کان عظيم انسان طور مڃائي ڏيکاريون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.