مولانا جو ڌرڻو:دل ڪنهن نئين دوکي کائڻ جي موڊ ۾ ناهي

امداد سومرو

مولانا فضل الرحمان اهي ڳالهيون ڪري رهيو آهي،عمومن  جيڪي هن مان توقع نه پيون ڪيون وڃن. مولانا جي سياست ۽ پاڪستان جي وسيع تر اڪثيريت ۾ ڪا به هم آهنگي نه رهي آهي. ڇو ته ساڄي ڌر جو سڄو زور موجوده زندگي ۽ دنيا نه پر مرڻ کانپوءِ واري عالم ارواح تي وڌيڪ رهيو آهي. ماڻهن جي مسئلن کان وڌيڪ هنن کي پريشاني عالمِ اسلام، مذهبي طور دنيا کي پنهنجي زير ڪرڻ ۽ پاڻ کي زبر ڪرڻ، يهودي مخالف موقف ۽ غير مسلمانن کي مسلمان ۽ مسلمانن کي وڌيڪ مسلمان ڪرڻ تي رهي آهي. پاڪستان جي اڪثيريت بهرحال مذهب جي مسلط تشريح ڪرڻ باوجود اعتدال پسند مسلمان ته رهي پر ان جو ووٽ هميشه سيڪيولر يا نيم سيڪيولر جماعتن کي رهيو آهي. عام طبقن جو وڌ ۾ وڌ ووٽ پيپلز پارٽيءَ کي رهيو آهي، جيڪا سيڪيولر ۽ سوشلسٽ مرڪزيت پسند جماعت آهي. ان کانپوءِ پاڪستان ۾ مسلم ليگ نون اها جماعت آهي جيڪا پنجاب ۾ پاپولر هجڻ ڪري اڪثيريتي جماعت ٿي اڀري. ڀٽو دور ۾ اڳوڻي سرحد ۽ هاڻوڪي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ سيڪيولر ۽ قومپرست جماعتن جي اتحادي جماعتن جون حڪومتون رهيون. پر پوءِ ضياءَ جي اسلامائيزيشن ڪري خيبرپختونخواهه ۾ مذهبي جماعتن جي يلغار وڌي. جهادي عنصر سبب فاٽا کي بارودي سرنگهه ۾ تبديل ڪيو ويو.

پاڪستان جي اولهندي سرحد کليل گيٽ هئي هر قسم جي جهادي لشڪرن لاءِ ۽ سڄي اسلامي دنيا مان هٿياربند جهاد جي نالي تي ڀرتي ڪيا ويا، جن کي عسڪري سکيا ڏني وئي. پاڪستان جي شڪل ضياءَ جي دور ۾ جيئن بگڙي ته اڄ تائين اها سنورجي نه سگهي آهي. جيڪي زهريليون انجيڪشنون قوم جي رڳن ۾ ضياءَ الحق لاٿيون انهن جي اثر مان پاڻ اڃا تائين نڪري نه سگهيا آهيون. ضياءَ جي ترميمن ۽ سماج تي کوڙيل چنبن مان نجات سگهاري ۽ جرئتمند قيادت ڏياري پئي سگهي، پر هڪ ته ايتري سگهاري قيادت نه ملي سگهي ۽ ٻيو ته اسٽيبلشمينٽ ايترو ته مضبوط ٿي چڪي يا ايئن چئجي ته ان اولهندي ۽ اوڀرندي سرحدن تي جيڪا پاليسي طئه ڪئي، ان کي تبديل ڪرڻ جو تصور به محال ٿي ويو.

1988ع ۾ پنهنجي پهرين حڪومت ۾ بينظير ڀٽو تڏهوڪي ڀارتي پرڌان منتري راجيو گانڌي جو استقبال ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسٽئبلشمينٽ ۾ ان تي تاءُ پيدا ٿي ويو. نواز شريف واجپائي جو بس ياترا دوران واگها بارڊر تي استقبال ڪيو ته ان تي ڪارگل وارو آپريشن شروع ڪيو ويو. اهو جنرل مشرف ۽ سندس چند ساٿين جو پلان هو جنهن کان وزيراعظم نواز شريف کي به بي خبر رکيو ويو هو. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو اسان کي وائيٽ هائوس وڃي بل ڪلنٽن اڳيان منٿ ميڙ ڪرڻي پئي ته جنگبندي ڪرائي وڃي. ڪارگل کانپوءِ ڇا ٿيو، اهو 12 هين آڪٽوبر 99ع واري فوجي چڙهائي جي صورت ۾ سڀني اڳيان آهي.

پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ 18هين ترميم وارو ڪم تمام وڏو ڪم هو پر اسان وٽ پ پ مخالف پنڊتري ۽ صحافتي ڪلاس ان تي پيپلزپارٽي کي ڪريڊٽ ايترو نه ڏنو، جيترو اها لهڻي. ان ۾ رضا رباني ۽ ٻين جو اڻٿڪ ڪم آهي ۽ آصف علي زرداريءَ جي تمام تر ڪوتاهين جي باوجود کيس اهو ڪريڊٽ نه ڏيڻ زيادتي ٿيندي. انتهائي هوشياريءَ سان پيپلزپارٽي 18 هين ترميم وارو ڊرافٽ نواز ليگ سميت باقي جماعتن کان منظور ڪرائي ورتو پر جيئن ته پ پ کانپوءِ پارليامينٽ ۾ ٻي وڏي جماعت نواز ليگ هئي، ان ڪري ان ۾ نواز ليگ کي به ڪريڊٽ وڃڻ گهرجي پر بنيادي ڪريڊٽ دراصل پيپلزپارٽيءَ کي وڃي ٿو.

ارڙهين ترميم پاس ڪرائڻ ايئن هو جيئن نانگن جي هيٺان آنا ڪڍڻ… قومپرست جماعتون جيڪي سڄي ڄمار صوبائي خودمختياري ۽ صوبن جا وسيلا صوبن کي ڏيڻ لاءِ جدوجهد ۾ هيون ۽ ان ڪري سزاوار قرار ڏنيون ويون، انهن مان اڪثر مطالبن جو احاطو 18هين ترميم ۾ اچي وڃي ٿو. اڄ جي اسٽئبلشمينٽ 18 هين ترميم تي ناراضگيءَ جو اظهار ڪري رهي آهي ۽ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جهڙين جماعتن جي پيٽ ۾ سور آهي ته اهو به 18 هين ترميم سبب آهي. ان ڪري بلاول ڀٽو جڏهن 18 هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ خلاف چتاءُ ڏئي ٿو ته ان جو اشارو سمجهڻ وارا سمجهن ٿا ته ڪهڙي طرف آهي. سنڌ سميت باقي صوبن جي قومپرست جماعتن کي پيپلزپارٽيءَ جي 18 هين ترميم واري مامري تي اڳيان وڌي حمايت ڪرڻ گهرجي.

پيپلزپارٽيءَ کانپوءِ نواز ليگ جي 2013ع کان 2018ع تائين واري حڪومتي دور ۾ نعرو چئو يا ٽرم، خوب استعمال ٿيو ۽ اهو هو ”سولين بالادستيءَ“ وارو. وڪيلن جي تحريڪ کانپوءِ جيئن پاڪستان جي اڀاڳي تاريخ ۾ قانون ۽ آئين جي بالادستيءَ جو فلڪ شگاف نعرو لڳو، ان جي ضد ۾ پيپلز پارٽي ”پارلياماني بالادستيءَ“ وارو منتر کڻي آئي. ميان رضا رباني جيستائين سينيٽ جو چيئرمين هو، چوندو هو ته، ”سڀني کان بالادست يا سپريم ادارو پارليامينٽ آهي، باقي ادارا پوءِ اچن ٿا.“ ميان يا ربانيءَ جي ان منتر کان متاثر ٿي واچوڙن جي ضد ۾ آيل نواز ليگ حڪومت ۾ سولين بالادستي وارو اصطلاح گهڻو استعمال ٿيو… پي ٽي آءِ اقتدار ۾ اچي ان تي سرينڊر ڪيو جو پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران خان، شيخ رشيد کان متاثر ٿي پارليامينٽ تي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا لعنتون وجهي چڪو هو. پي ٽي آءِ جي سڄي منڊيءَ ۾ اوهان کي پارلياماني ۽ سولين بالادستي وارو نعرو قطعي نه ملندو جو هو شارت ڪٽ ذريعي اقتدار ۾ آيا آهن ۽ رهڻ چاهين ٿا. هنن جو منشور طاقتور اڳيان پوري طرح جهڪڻ ۽ سياسي جماعتن کي ڪزور ڪرڻ آهي. کين ان ڏس ۾ تاحال محڪمه زراعت جي مڪمل حمايت حاصل آهي. اها حمايت، هٿ ٺپڪي ڪڏهن ٿي واپس ٿي، اهو ڏسڻو پوندو.

مولانا ٻيو ڪجهه نه ڪيو آهي پر پي ٽي آءِ جي ان وڪرو ٿيل منڊيءَ ۾ ٽاڪوڙو ضرور وجهي ڇڏيو آهي. نظرياتي حساب کان مولانا جو نظريو باقي سياسي جماعتن کان مختلف آهي ۽ مٿيان مامرا هتي بحث هيٺ به ان ڪري آندا اٿم جو جي يو آءِ (ف) جو ان تي ڪو به ڪم ناهي ۽ نه ان جا ڪڏهن اهي اشوز اوليت رهيا آهن جيڪي باقي سياسي ۽ نظرياتي جماعتن ۽ حلقن جا رهيا آهن. هي مارچ جيڪو هاڻ ڌرڻي جي شڪل اختيار ڪندي هفتو پورو ڪري چڪو آهي، انهن اشوز تي نه ڳالهايو آهي، البت ٻه ٽي ڀليون ڳالهيون ضرور ڪيون آهن، جن جو مولانا کي ڪريڊٽ وڃڻ گهرجي. (1) فوج هاڻ چونڊن ۾ مداخلت نه ڪندي ۽ پولنگ ڏينهن تي پولنگ اسٽيشنن تي بيهندي. (2) پاڪستان جن بنيادن تي جڙيو هو، اهي واپس ڪيو ۽ (3) حڪومت چونڊڻ جو اختيار عوام کي ڏيو.

اهو اشارو هو جن ڌرين طرف ڪري رهيو آهي، اهي به سمجهن ٿيون ته عمران خان ۽ سندس منڊي به سمجهي ٿي. مارڪيٽ ۾ وکر آهستي آهستي مولانا جو هلي به ان ڪري رهيو آهي جو هو مسلمانن کي وري مسلمان ڪرڻ بجاءِ اهي ڳالهيون ڪري رهيو آهي جيڪي هونئن باقي سياسي ۽ نظرياتي جماعتون ڪنديون رهيون آهن. پر مولانا ايتري وڏي هجوم سان گادي واري هنڌ اهي ڳالهيون ڪري رهيو آهي جيڪي پوسٽ نظرياتي دور ۾ معنيٰ خيز محسوس ٿي رهيون آهن.

مولانا اڳيان هلي خانصاحب جي استعفيٰ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو يا نه پر هو هڪ ڳالهه يقيني بنائڻ جي چڪر ۾ آهي ۽ اها آهي ايندڙ عام چونڊون ۽ ان ۾ جي يو آءِ (ف) جو جائز مقام. مولانا هن ڌرڻي جي صورت ۾ اهو به يقيني بڻائي سگهي ٿو ته هو اسٽئبلشمينٽ کي چئي ته توهان ڪنهن کي اڳيان نه آڻيو، عوام جنهن کي چاهي، اقتدار سونپي. جي اهو به ٿيو ته پاڻ محڪومن کي ٻيو ڇا گهرجي.

اياز ڇا نه خوب چيو هو ته،

حڪمران کي ڪونه مڃون ٿا،

پوءِ به محڪوم ته آهيون.

محڪوم کي تڏهن ئي پنهنجو حڪمران ملندو جڏهن اصل حڪمرانن جي جاءِ تي عوامي حڪمران اقتدار جي سنگهاسن تي ويهندو. اهو ممڪن ڪنهن هڪ مارچ، ڌرڻي يا خواهش تي نه ٿي ٿيندو، ان لاءِ وڏي جدوجهد ڪرڻي پوندي. ان ڏس ۾ مولانا ڪيترو ڪامياب ٿيندو، اهو چئي نه ٿو سگهجي. باقي جي مولانا پنهنجي سياست کي جي يو آءِ (ف) جي پراڻي مذهبي فولڊر مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته هو پاڪستان جي چڱن خاصن طبقن جو اڳواڻ ٿي اڀري سگهي ٿو. ان لاءِ مولانا کي پنهنجي سياست کي نئون پاڻي ڏيڻو پوندو ۽ پراڻا رنگ روغن لاهڻا پوندا. ان ڏس ۾ توقع ايتري ڪرڻ گهرجي، جيتري زميني حقيقت اجازت ڏئي ٿي. اجائي ۽ وڏي توقع مايوسيءَ تي کٽندي آهي. دل في الحال ڪنهن نئين دوکي کائڻ جي موڊ ۾ ناهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.