بي سهارن جو ڀرجهلو حضرت محمد صلي الله عليه وسلم

عرفان منان 

 اڄ ان عظيم هستيءَ جو جنم ڏينهن آھي جنهن پنھنجي زندگي اٻوجهن، مسڪينن، لاچارن، ۽ بي سهارن جي واهر ڪندي ۽ انهن جي حقن جي حاصلات لئه وقف ڪري ڇڏي. ان عظيم شخصيت جي سوچ، سمجهه ۽ خيال جو محور اهو طبقو ھيو جيڪو مڪمل ڌڪاريل ۽ وساريل ھيو، اهوئي سبب آھي جو ھُن سان ان ڦريل طبقي وڏي محبت ۽ عقيدت جو اظھار ڪيو ۽ ڪندا اچن ٿا. تاريخ جي ان اعليٰ ڪردار کي روءِ زمين حضرت محمد صلعم جي نالي سان ڄاڻي سڃاڻي ٿي. پاڻ سڳورن صلعم جو ڄمڻ ان وقت جي حالتن ۾ عقل ادراڪ ۽ سمجهه جو جنم ھيو، ۽ اڄ تائين آھي به، پاڻ سڳورا صلعم ڏاهپ، ساڃاهه ۽ دانائي جو زندهه مثال آھن، ان بي مثال ڪردار جو جنم خاص ڪري عرب قوم جي لئه ھڪ معجزو ثابت ٿيو. عرب جدا جدا ٽولن ۾ ورهايل ھيا، پاڻ سڳورن صلعم انهن کي ھڪ ھنڌ ۽ هڪ مقصد جي پورائي لئه گڏ ڪيو.

 اسان پنھنجي محدود ڄاڻ ۽ علم جي آڌار جڏهن پاڻ سڳورن صلعم جي حياتي مبارڪ ۾ مٿاڇري جهاتي پايون ٿا ته هو ڪنهن اهڙي حستي جو حقيقي روپ لڳي ٿو جنهن مان ڪيئي پهلو پسي سگهجن ٿا. پاڻ سڳورا صلعم ڄمڻ سان ئي غير معمولي خوبين جا مالڪ ھيا، ننڍڙي عمر ۾ ئي ھن محنتي ٻار جو ڏيک ڏنو ھو، جواني ۾ پير پائيندي ئي پاڻ سڳورن صلعم ماڻھن جو اعتماد بحال ڪري ورتو، جنهن عمل سان کيس تمام گھڻي عزت ۽ احترام مليو. ايمانداري جي اعليٰ آدرشن جو ڏيک ڏيندڙ سدا حيات هستيءَ واپار سانگي سفر ڪندي ڪندي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڃي وڏي حڪمت عملي سان ماڻھن سان وڻج واپار ڪيو، اتي ماڻھن سان سندن رويو به اعليٰ قسم جو ھو. اهڙي بي مثال رويي اتان جي ماڻھن جي دلين ۾ پاڻ سڳورن صلعم جي لئه احترام ۽ عزت پيدا ڪئي. پاڻ سڳورن صلعم جيڪي به ڳالھيون، عمل، ۽ ڪم ڪيا اھي سڀ انسان ذات جي ڀلائي وارا ھيا، ماڻھن سان احترام جي انداز سان پيش اچڻ، پاڙي وارن جي حقن جو خيال رکڻ، ٻارن سان انتهائي محبت ڪرڻ، جانورن تي ڪهل کائڻ، ۽ انهن جي نسل ڪشي کي نندڻ، ۽ ٻيا سوين اهڙا عمل پاڻ سڳورن صلعم جي زندگي جا منفرد پھلو آھن. اھڙن سٺن گڻن ۽ عملن ماڻھن جون دليون موھي ۽ لوڏي ڇڏيون، جنهن سبب ماڻھو پاڻ سڳورن صلعم ڏانهن مائل ٿيندا رهيا. نبوت ڳان اڳ۾ ۽ پوءِ به پاڻ سڳورن صلعم پنھنجي حياتي جو وڏو حصو علم ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ گذاريو، ان وقت جي ٻين، علمن، نظرئن، فڪرن، مذھبن، عقيدن، رواجن مطلب ته سڀني ڄاڻ رسائي ڪندڙن جو هن دور انديشي سان مطالعو ڪيو، هر ان ڳالهه، نقطي، نظرئي ۽ فڪر کي پاڻ سڳورن صلعم جيءَ ۾ جاءِ ڏني ۽ ان تي عمل ڪيو جيڪو عوام دوست ھيو، ۽ ظالم قوتن جي خلاف ھيو. غار حرا جبل جو (چُرُ) اھا جاءِ ھئي جتي پاڻ سڳورا صلعم عبادت ڪرڻ سان گڏوگڏ تمام گهڻو غور فڪر ڪندا ھيا، ڪائنات جي پُر اسرار رازن، لقائن ۽ مظھرن تي سوچيندي لوچيندي وڏي گھرائي ۾ هليا ويندا ھيا، ۽ ڪي بهتر نتيجا به ڪڍي ايندا ھيا، غار حرا اھو ئي جبل جو چُرُ ھيو جتي جبرائيل عليه الاسلام پاڻ سڳورن صلعم ڏانهن الله تعاليٰ جا ڳجها پيغام کڻي ايندو ھو.

پاڻ سڳورا جڏھن به ڪنهن غلام کي غلامي ڪندي ڏسندا ھيا ته ڏک ۾ وٺجي ويندا ھيا، جنهن مان خبر پئي ٿي ته  ھو غلامي جي برخلاف ھيا، ھو آزادي جا حامي ھيا. پاڻ سڳورن صلعم جي نظر ۾ انسان ھر غلامي کان آجو ۽ آزاد ھجي، ماڻهو پاڻ ۾ ٻڌي ڪن ته ھو ھر مشڪل ۽ هر ظلم جو مقابلو ڪري سگهن ٿا، ٽولن، فرقن ۽ گروهن ۾ ورهائجڻ بدران ماڻھو متحد ٿين. پاڻ سڳورا صلعم انسان ذات سان تمام گھڻو پيار ڪندا ھيا.

پاڻ سڳورن صلعم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سماجي تبديلي آڻڻ لئه هڪ اھڙي نظرئي جي گهرج آھي جيڪو مڪمل عوام دوست ھجي، ۽ ظالم قوتن جي خلاف هجي، اسلام اھڙو فڪر آھي جيڪو عرب سميت سڄي دنيا کي بڇڙائن کان بچائيندو. سماجي، معاشي، جاگرافيائي، ادب، منطق، فلسفي ۽ سائنس جهڙن اهم موضوعن تي لکيل ان دور جا تمام مستند ڪتاب پاڻ سڳورن صلعم جن پڙھيا ۽ پُرجها ھيا، ان ۾ ڪو به شڪ نه آھي ته پاڻ سڳورا صلعم سڀني علمن جا سرچشما آھن،

تاريخ ٻڌائي ٿي ته محمد صلعم جن جو مذھب ۽ نظريو ستين صدي جي رائج سڀني وهمن، وسوسن، ظلمن، ناحقن، ۽ غلامين جو رد بنجي آيو، اسلام جي فتح جو مکيه  ڪارڻ  آذادانه اصولن، قائدن، سان وابستگي ھئي، اسلامي انقلاب اچڻ پويان پاڻ سڳورن صلعم جن جي دور انديشي واري نظر، صبر، تحمل ۽ حالتن پٽاندڙ عمل ۽ ڪم سمايل آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.