زور ان ڳالهه تي ڇو آهي ته نمرتا آپگهات ڪيو آهي؟

زرار پيرزادو

¨ نمرتا ڪماري جنهن جو  16 سيپٽمبر تي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي هاسٽل مان لاش مليو هو جيڪا آصفا ڀٽو ڊينٽل ڪاليج جي آخري سال جي شاگردياڻي هئي تنهن جي ڪيس کي الائي به ڇو آپگهات جو ڪي بڻائڻ تي زور لڳايو پيو وڃي.

¨ جڏهن ته ميڊيڪل رپورٽ ۾ نمرتا کي جنسي ڏاڍائي جو شڪار بڻائڻ

کانپوءِ قتل ڪرڻ بابت به ثبوت ظاهر ڪيا ويا آهن. ٻيو ته نمرتا ڪيس جي جاچ به اڃا مڪمل نه ٿي آهي، اڃا هلي رهي آهي.

¨ هوڏانهن اهي به رپورٽون ميڊيا تي اچي چڪيون آهن ته وارثن ايف آءِ آر به داخل ڪرائڻ نٿي ڏني وڃي ۽ نمرتا جي والدين مٿان ان ڏس ۾ دٻاءُ آهي.

¨ ان صورتحال ۾ ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته خود حڪومت يا عدالت کي نمرتا جي ڪيس ۾ فريادي بڻجي آڏو اچي.

¨ اهو سڀ ان احساس وچان ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن به معاملي جي مڪمل طور تي ”جاچ“ ۽ ”تحقيق“ جي ماحول کي يقيني بڻائجي ۽ اهو ظاهر آهي ته حڪومت ۽ عدالت ئي ڪري سگهي ٿي.

¨ ڇاڪاڻ ته بدي ۽ ڏوهاري طاقتن ۽ ڏاڍن سان عام ماڻهن جو مهاڏو اٽڪائڻ جوکم هوندو آهي ۽ اهڙو جوکم کڻڻ معنيٰ پاڻ کي وڌيڪ تباهه ۽ برباد ڪرڻ هجي ٿو.

¨ سو جاچ ۽ تحقيق تي ڪنهن کي به اعتراض نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي رنڊڪون وجهڻ گهرجن.جاچ جون جيڪي به گهرجون آهن تن ۾ لاڳاپيل انتظاميا سميت سڀني ڌرين کي سهڪار ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙو ماحول يقيني بڻائڻ گهرجي جنهن ۾ نمرتا جي ڪيس سان انصاف ٿي سگهي.

¨ شاگرد يونين تي پابندين سبب اسانجون يونيورسٽيون ۽ ڪاليج انتظاميا، مافيائون بڻجي ويون آهن. اهڙي ماحول ۾ حڪومت کي گهرجي ته ترت ئي شاگرد يونين کي سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءُ تحت بحال ڪرڻ جو حڪم صادر ڪري.

¨  ٻيو ته ڇوڪرين جي والدين کي به اهڙي واقعن مان مايوس  نه ٿيڻ گهرجي انهن کي پنهنجي مايوسي کي طاقت ۾ بدلائڻ کپي ۽ پنهنجين نياڻين کي اهڙي حوصلي، اعتماد ۽ طاقت سان هٿياربند ڪري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ موڪلڻ گهرجي ته جيئن اهي پاڻمرادو پنهنجي ۽ ٻين جي حفاظت ڪري سگهن.

¨ اسان کي پنهنجين نياڻين تي اعتماد آهي ۽ اعتماد رهندو. اهي نه رڳو پنهنجن پيرن تي بيهڻ لاءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪن ٿيون پر اهي تعليم ماڻي، ملازمتون ڪري هن سماج جي جديد تعمير ۾ پنهنجو حصو به وجهڻ گهرن ٿيون.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسانجيون نياڻيون يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ آپگهات ڪرڻ نه پر پڙهڻ لاءِ وينديون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.