آزادي مارچ ۽ زميني حقيقتون

امتياز عالم

جڏهن مولانا فضل الرحمان اسلام آباد پهچي آزادي مارچ ذريعي حڪومت کي سوڙهو ڪري وزيراعظم عمران خان کي وزير اعظم هائوس مان گرفتار ڪرڻ جي  ڳالهه ڪئي هُئي تڏهن مون کي مولانا طاهرالقادريءَ جي ڌرڻي دوران نواز شريف جي سوڙهي ٿيل حڪومت ياد آئي.

ان وقت مولانا طاهر القادريءَ جا ڪارڪن احتجاج ڪندي اچي وزيراعظم هائوس جي ويجهو پهتا هيا ته مون نواز شريف کي چيو هو ته صورتحال ڪافي سنگين ٿي رهي آهي، موٽ ۾ نواز شريف چيو هو ته هو ڪيڏو نه بيوس آهي ۽ پنهنجي حڪومت وڃڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي، پر ان جي ڀيٽ ۾ آزادي مارچ ڪندڙن جو انگ ڪافي وڌيڪ آهي تنهن هوندي به هو وزيراعظم هائوس پهچي نه سگهيا آهن ۽ اڃان تائين ريڊ زون کان پري آهن ۽ وزيراعظم محفوظ آهي.

مولانا طاهرالقادريءَ جو ڌرڻو جيتوڻيڪ نواز حڪومت خلاف اسپانسر ٿيل هيو پر ان جي ڀيٽ ۾ آزادي مارچ ۾ شامل ماڻهو مذهبي قيادت جا پوئلڳ آهن ۽ انهن جي وڏي اڪثريت خيبر پختون خواهه ۽ بلوچستان جي آهي جڏهن ته ماڻهن جو هڪ وڏو انگ پنجاب ۽ سنڌ مان پڻ آيل آهي، اُهي ماڻهو پنهنجي محرومين جي احساسن سبب آزادي مارچ ۾ شامل آهن.

ٿي سگهي ٿو ته آزادي مارچ سول- ملٽري لاڳاپن کي متاثر ڪري جيڪي اڳ ئي ڪافي ڪمزور آهن. مذهبي نعري بازيءَ کان هٽي ڪري ڌرڻي ۾ شامل پختونن ڪيترين ئي سماجي محرومين جي پسمنظر ڪري شرڪت ڪئي آهي جيڪي اڪثر ڪري پختون علائقن ۾ ڪيترن ئي انقلابن جو سبب بڻجندا رهيا آهن. آزادي مارچ ۾ شامل اڪثر پختون مذهبي حوالي سان ديوبندي فڪر ۽ پختون قومپرستيءَ جي سلسلي ۾ ڳنڍيل آهن.

آزادي مارچ ۾ جيڪي ماڻهو شامل آهن انهن مان نوجوان پنهنجن جمهوري حقن جي ڦرجڻ ۽ سماجي ناانصافين ڪري شامل ٿيا آهن جڏهن ته انهن ماڻهن جو هڪ وڏو حصو ” تبديليءَ“ جي نالي ڪيل دوکي جي ڪري به شامل ٿيو آهي. انهن ماڻهن کي پختون خواهه ملي عوامي پارٽيءَ جي محمود خان اچڪزئي ۽ عوامي نيشنل پارٽيءَ جي ميان افتخار حسين سرگرم ڪيو آهي.

مون کي جي يو آءِ بلوچستان جي هڪ ڪارڪن جا اهي خيال ٻڌي انتهائي حيرت ٿي ته آزدي مارچ جو مقصد رڳو عمران خان جي حڪومت جو خاتمو نه آهي پر ان جو اصل مقصد ملڪ ۾ عوام جي حاڪميت قائم ڪرڻ آهي.

جمعيت جي آزدي مارچ ۾ ملڪ جون سموريون لبرل، کاٻي ۽ ساڄي ڌر واريون پارٽيون گم آهن، جمعيت اڪيلي سر ان حيثيت ۾ نه آهي جو عمران خان جي حڪومت ختم ڪري سگهي، ها ايترو ضرور آهي ته آزادي مارچ ٻه مُهين حڪومت کي ڪنهن حد تائين پريشان ڪري سگهي ٿي.

اها ڳالهه به دلچسپ آهي ته اڳين حڪومتن جا مختلف عناصر گڏجي ڪري سياسي طور تي هن هاءِ برڊ حڪومت خلاف آهن، ۽ وري مزي جي ڳالهه اها آهي ته عمران خان جي حڪومت ۾ به اهڙا ئي عنصر شامل آهن جيڪي گذريل حڪومتن ۾ شامل رهيا آهن، ۽ اهي ئي وري عوامي حقن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن.

مولانا فضل الرحمان ضياءَ دور جو متاثر آهي ۽ مسلم ليگ (ن) جنرل پرويز مشرف جي دور جي متاثر آهي پر ٻنهي پارٽين عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ لاءِ گڏيل بنياد جوڙي ورتا آهن.

مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ اهڙي ئي ڪوشش آهي جنهن اڳ مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي نقصان پئي رسايو آهي. آزادي مارچ ۾ جيتوڻيڪ مسلم ليگ (ن) جي ڪا موثر شرڪت نه آهي، تنهن هوندي به جڏهن نواز شريف کي علاج لاءِ ڪي سهولتون ملن ٿيون ته ان تي به شهازشريف جو ڪو سٺو رد عمل ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.

انهيءَ سڄي صورتحال دوران مولانا فضل  الرحمان ڪنهن به اٻهرائيءَ کان پاسو ڪندو رهيو . هُن وزيراعظم کي جيڪو استعفى ڏيڻ لاءِ ٻن ڏينهن جو چتاءُ ڏنو هو ان کي هُن پوئتي ڪري اصل ۾ حڪومت کي ڳالهين لاءِ وقت مهيا ڪيو هو. بلاول ڀٽو  ” ٽين قوت“ جي حڪومت سنڀالڻ واري جنهن خدشي جو اظهار ڪيو آهي، اهو به اجايو آهي ڇو جو اها قوت اڳ ئي حڪومت ۾ آهي.

مولانا جي آزادي مارچ جو وقت انتهائي نامناسب آهي کيس مالي سال جي آخري حصي ۾ احتجاج ڪرڻ گهرجي ها جڏهن ته هُن عمران حڪومت خلاف ٻن وڏين مخالف ڌر جي پارٽين جي حڪومت خلاف ڪاوڙ جو پڻ غلط اندزو لڳايو ، جيڪي هن وقت عوامي حقن لاءِ جدوجهد جي خيال ۾ نه آهن. هن وقت سويلين- ملٽري تعلقاتن ۾ جيڪا ڇڪتاڻ آهي، آزادي مارچ ڪري مولانا لبرل  قوتن کان وڌيڪ موثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

هن وقت مولانا هڪ اهڙي سياسي صورتحال ۾ آهي جنهن ۾ هو آزاديءَ سان پنهنجو سياسي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو عمران خان آزدي مارچ جي حوالي سان ڪافي نرم رويو اختيار ڪيو آهي، پر ڪو به سياسي حد اورانگهڻ نه ٿو چاهي، مولانا فضل الرحمان پنهنجي ڌرڻي کي ايندڙ هفتي تائين وڌائي ڇڏيو آهي ته جيئن ڪا سياسي فائدو حاصل ٿي سگهي، پر اها تلخ حقيقت آهي ته هن ملڪ ۾ جمهوريت ۽ سياسي جدوجهد هميشه صدمن ۾ رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.