بابري مسجد جي جاءِ تي رام مندر جي تعمير جو فيصلو

سنڌيڪار: زاهد ميراڻي

هندستان ۾ بابري مسجد جو تڪرار ته تمام گهڻو پراڻو آهي پر ان جي شروعات 6- ڊسمبر 1992ع کان ٿئي ٿي جڏهن هندن بابري مسجد کي اهو چئي ڊاهي رام مندر تعمير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ” بابري مسجد“، ” رام مندر“ ڊاهي تعمير ڪئي وئي هئي، تنهنڪري ان کي ڊاهي وري ” رام مندر“ تعمير ڪيو ويندو. بابري مسجد 1528ع ۾ مغل بادشاه ظهير الدين بابر جي ڪمانڊر مير باقيءَ تعمير ڪرائي هُئي، جنهن کي ڊاهڻ بعد هندستان جي سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ هيو جنهن تي ڪافي عرصي کان ڪارروائي ٿيندي رهي ۽ 16- آڪٽوبر تي سپريم ڪورٽ فيصلو ڪري محفوظ ڪري ڇڏيو هو ۽ وري ان کي عين ان ڏينهن تي ٻڌايو ويو جنهن ڏينهن تي ڪرتار پور راهنداريءَ جو افتتاح ڪيو ويو هو.

هندستان جي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس رنجن گوگوئي جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني بينچ جيڪو فيصلو ٻڌايو ان موجب، ” بابري مسجد جيئن ته ڪنهن خالي جڳهه تي تعمير نه ڪئي وئي هُئي، پر ان جي تعمير ڪنهن اڳوڻي تعمير جي بنيادن تي ٿيل آهي، جيڪي بنياد ڪنهن مندر جا ئي ٿي سگهن ٿا، تنهنڪري ان جاءِ تي رام مندر تعمير ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ سني وقف بورڊ کي بابري مسجد جي تعمير لاءِ 5- ايڪڙ زمين ڏني وڃي“، اهو آهي هندستان جي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو متن، پر اهڙي فيصلي کان اڳ هندستان جي سپريم ڪورٽ هندستان جي آرڪيالاجي کاتي کان پڻ تحقيقي رپورٽ طلب ڪئي ته تڪراري بابري مسجد جي جاءِ تي اڳ ڪنهن تعمير جو بنياد آهي يا نه، جنهن جي موٽ ۾ هندستان جي آرڪيالاجي کاتي الهه آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي هُئي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، ” جنهن جڳهه تي 1528ع ۾ بابري مسجد تعمير ڪئي وئي آهي ان جڳهه تي 13- صدي قبل مسيع کان وٺي انساني سرگرميءَ جا آثار ملن ٿا، شروع واري دور جي تعمير جا آثار شونگا دور ( پهرين قبل مسيع) جا آهن ان بعد ڪوشن دور ( 01 ع کان 03ع تائين) ان بعد وچ اوڀر جي دور جون شروع واريون سرگرميون جيڪي ( 11ع- 12ع) تائين جون آهن. ٽين دور ۾ بابري مسجد جي جاءِ جيڪا قديم عمارت تعمير ٿيل آهي ان جا ڪي ٽي تهه آهن ۽ انهن جا بنياد تمام گهڻا ويڪرا ۽ وسيع آهن، انهن آثارن جي تعمير مان اهو ئي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته اهي آثار ڪنهن  وڏي مندر جا ئي ٿي سگهن ٿا.

هندستان جي انهيءَ آرڪيالاجي ٽيم ۾ هندستان جو مشهور مسلمان آرڪيالاجسٽ ” ڪي ڪي محمد“ پڻ شامل آهي، جنهن پڻ انفرادي طور تي اها تصديق ڪئي آهي ته جنهن جاءِ تي بابري مسجد تعمير ٿيل آهي ان جاءِ تي اڳ ئي ڪنهن وڏي ۽ وسيع تعمير جا بنياد موجود آهن، جنهن جو مقصد اهو آهي ته انهيءَ جاءِ تي هڪ وڏي مذهبي تعمير اڳ ئي موجود هُئي جنهن کي رام جي جنم ڀومي يا مندر چئي سگهجي ٿو.

هندستان جي سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو ڏنو آهي ان فيصلي لاءِ انهيءَ آرڪيالاجيءَ کاتي جي رپورٽ بنياد فراهم ڪيا آهن، سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو ڏنو آهي ان ۾ بابري مسجد جي ٻيهر تعمير لاءِ 5- ايڪڙن زمين ڏيڻ جو پڻ حڪم ڪيو ويو ۽ مسجد جي تعمير جو پڻ فيصلو ڏنو آهي. برصغير سنڌ ۽ هند جي سرزمين ان حوالي سان به اڀاڳي آهي ته ان دنيا جي هر مذهب، فڪر، سوچ ۽ فلسفي جو آڌر ڀاءَ ڪيو آهي، خاص ڪري اسلام جي وارد ٿيڻ بعد اسلام جو به آڌر ڀاءَ ڪيو آهي ايتري قدر جو اڄ به ڪيرالا رياست ۾ هندستان جي قديم ترين مسجد موجود آهي جيڪا عين حضور صلعم جن جي دور ۾ تعمير ٿي هُئي.

پر موٽ ۾ برصغير ۾ اسلام جي ڦهلاءَ لاءِ ڪي اسلام جا عالم ۽ مبلغ گهٽ آيا پر اسلام جي نالي ۾ قاتل حڪمران ۽ جنگو سپهه سالار حملي آور ٿيندا رهيا، جن سڄي سنڌ ۽ هند تاراج ڪري لکين ماڻهن جو قتل عام ڪيو، برصغير ۾ محمود غزنوي سومناٿ مندر لٽڻ لاءِ سترنهن ڪاهون ڪري سگهي ٿو ته برصغير ۾ 16- صديءَ ۾ مغل بادشاهه ظهير الدين بابر يا ان جا سپهه سالار هڪ مندر کي ڊاهي ان تي مسجد تعمير ڪن اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. برصغير سنڌ ۽ هند تي جيڪي به مسلمان حملي آور آيا آهن، انهن جو موقف اهو ئي رهيو ته ” هندستان ڪافرن جو ملڪ آهي“، سندن اهڙي موقف ڪري برصغير سنڌ ۽ هند تي سندن حملو جائز، واجب ۽ ضروري ٿي پوندو هو.

اها ڳالهه انتهائي معنى خيز آهي ته سپريم ڪورٽ عين ان ڏينهن تي رام مندر جي تعمير جو فيصلو ٻڌايو آهي جنهن ڏينهن تي پاڪستان سک ياترين لاءِ ” ڪرتاپور راهداري“ کولڻ جو افتتاح ڪيو آهي، فيصلي ڪرڻ واري وقت جي نزاڪت اهو ٻڌائي ٿي ته برصغير ۾ مذهب جي نالي تي اها خوني راند اڃان جاري آهي جيڪا صديون اڳ شروع ٿي هُئي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هاڻي تاريخ جي سلسلي کي پرامن ۽ ترقيءَ وارو بنائڻ لاءَ انهيءَ سلسلي کي بند ڪيو وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.