سوشل ميڊيا پوسٽ

ڳانو  ٻڌل ڪتاب

ڪن ڪتابن کي ٻڌل يا ٻڌايل ڳانو ڪنهن نظر کان بچڻ لاءِ نه هوندو آهي پر ان جو ڪم پڙهندڙ يا قاري جي لاءِ پڙهيل ۽ اڻپڙهيل پنن وچ۾ سَنڌي يا نشاني طور رکڻ هوندو آهي.

اڳي جڏهن اڃا ڪتابن کي اهڙو ڌاڳو ٻڌل نه هوندو هو ته قاري، پڙهيل ۽ باقي رهيل صفحن /پنن وچ ۾ ڪانه ڪا نشاني رکندو هو. جنهن ۾ سولي مان سولو طريقو ڪتاب جي پني کي ٻيڻو ڪري رکي ڇڏڻ يا وري ٿوري ٿڪي لحاظ وارو قاري پني جي ڪنڊ کي ٻيڻي ڪري ڇڏيندو هو،جيئن باقي رهيل مواد کي پڙهڻ وقت ڪتاب کي اتان ئي شروع ڪجي.

ان کانسواءِ پاڙهو ايئن به ڪندو هو جو ڪاغذ جو ننڍڙو ٽڪرو ڪٽي انهن صفحن جي وچ ۾اهڙي طرح رکندو هو .جو کيس اهو هنڌ ڳولڻ ۾ آساني ٿئي، جتان اڳتي پڙهڻو آهي.

هاڻي جيئن جيئن وقت بدليو  آهي زندگي جي ٻين شعبن ۾ به ڦيرو آيو آهي،ان لحاظ سان پبلشر /ليکڪ پڻ ڪتابن کي نت نوان ڳانا ٻڌڻ شروع ڪري ڏنا آهن،جنهن ۾ ننڍڙي ربن/رنگ برنگي ڌاڳا ڪتاب جي پنن سان گڏ سلهاڙيل ، ٻڌل يا ذري گهٽ ٽنگيل هوندا آهي، جنهن مان به ساڳيو ڪم ورتو ويندو آهي،

ڪي ذهين ريڊر اڃا به انهن ڌاڳن يا ربن مان ڪم نٿا وٺن بلڪه هو پنهنجي ذهن ۾ پڙهيل آخري صفحي کي ياد ڪري وٺن ٿا پوءِ جڏهن باقي رهيل پنا پڙهن ٿا ته ان صفحي کان پڙهڻ شروع ڪن ٿا. جتان کين وڌيڪ مطالعو ڪرڻو هوندو آهي.

اهي ڌاڳا يا ربن ڪٿي ڪٿي صفحن جي ڊيگهه جيترا يا ان کان ٿورڙا ڊگها هوندا آهن،هاڻي ته انهن ڳانن جي پڇڙي ۾ ڦندڻ به لڳل هوندا آهن، ڪتاب جو ٽائٽل، ان تي لکيل اکر/عنوان انهن اکرن مان نڪرندڙ مراد، انهن جو مختلف انداز ۾ لکيل هئڻ، ڪتاب جا ست سينگار هوندا آهن، جنهن مان ليکڪ ، پبلشر جي ذوق ظرافت جو اندازو ٿيندو آهي.

يوسف سيف جي پوسٽ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.