ڪرتارپور راهداري تي آمريڪي پرڏيهي کاتي جو بيان

واشنگٽن(ويب ڊِيسڪ) ڪرتارپور راهداري کلڻ تي سڄي دنيا مان مبارڪ جون سلسلو جاري آهي، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مورگ اورٽيگس راهداري کلڻ تي ٻنهي ملڪن کي واڌايون ڏنيون آهن.

اڄ جاري ٿيل هڪ ويڊيو بيان ۾ مورگن اورٽيگس پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ راهداري کلڻ تي ڀليڪار چيو، سندس چوڻ هو ته ڪرتارپور  راهداري کي آمريڪي پاڙيسرين جي وچ ۾ هڪ سٺي مثال طور ڏسي رهيا آهيون.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڪرتارپور راهداري کي مذهبي آزادي جي هٿي ڏانهن هڪ قدم قرار ڏنو.

مورگن اورٽيگس موجب ڪوريڊور مان سک گردواري ڪرتاري صاحب اچي سگهن جيڪو پاڪستان جي اندر هنن جو مقدس مقام آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.