جاچ مڪمل ٿيڻ کان اڳ هڪ گروهه نمرتا جو موت خودڪشي ثابت ڪرڻ چاهي ٿو

 

ڪراچي (رپورٽر) لاڙڪاڻي جي آصفه ڊينٽل ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا چنداڻي جي موت بابت جوڊيشل انڪوائري هلندڙ آهي، جيڪا مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلي ۾ آهي، جڏهن ته حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ به اچي چڪي آهي، جنهن ۾ مرداڻا جزا ملڻ جي به تصديق ٿي وئي آهي.

پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر امرتا پڻ جڊيشل انڪوائري ۾ پيش ٿي چڪي آهي پر حيرت جي ڳالهه اها اهي ته جڊيشل جاچ مڪمل ٿيڻ کان اڳ شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جو هڪ گروهه اوچتو سرگرم ٿي ويو آهي، جنهن نمرتا ڪيس ۾ انصاف لاءِ احتجاج ڪندڙن جي هجوم ۾ اچي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته نمرتا قتل نه ٿي آهي، هن خودڪشي ڪئي آهي.

ان ڏس ۾ ترقي پسند، روشن خيال ۽ لبرل سوچ رکندڙ ڊاڪٽر عنايت مگسيءَ جي ويڊيو به سوشل ميڊيا ۾ وائرل ٿي آهي، جيڪو پاڻ کي سوڀي گيانچنداڻي ۽گربخشاڻي جو پٽ چئي رهيو آهي ۽ اهو به چئي رهيو آهي  ته نمرتا منهنجي نياڻي آهي، وري اهو به چئي ٿو ته نمرتا قتل ناهي ٿي، هن آپگهات ڪيو آهي ۽ هوءَ مسلمان ٿي چڪي هئي، جنهن کانپوءِ ڊاڪٽر عنايت مگسي سوشل ميڊيا ۽ سياسي سماجي حلقن ۾ تڪراري بڻجي ويو آهي.

اهي سوال اُٿي رهيا آهن ته ڊاڪٽر عنايت مگسي کي نيٺ اهڙي ڪهڙي تڪڙ هئي جو اڃا جڊيشل جاچ آخري مرحلي ۾ آهي ته هو ميدان ۾ اچي ويو ۽ چيو ته نمرتا قتل ناهي ٿي پر هن خودڪشي ڪئي آهي؟ ڇا فقط ان لاءِ ته يونيورسٽيءَ جي وي سي اڳ ئي نمرتا جي موت کي خودڪشي قرار ڏئي چڪي هئي.

ڊاڪٽر عنايت وي سي جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ ان جي ونگار وهي رهيو آهي؟ يا ان لاءِ ته ڊاڪٽر پاڻ يونيورسٽي جي ذهني بيمارين واري شعبي جو سربراهه ۽ ساڳي يونيورسٽي ۾ سينڊيڪيٽ جو ميمبر به آهي؟

هاڻي ته اهي به امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن ۽ مطالبا به ٿي رهيا آهن ته جاچ مڪمل ٿيڻ کان اڳ نمرتا جي خودڪشي جي دعويٰ ڪندڙ وي سي ۽ ٻين ماڻهن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، جڏهن ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر امرتا کي به جاچ ڪندڙ سيشن جج طلب ڪري رپورٽ ظاهر ڪرڻ تي ڇنڊ پٽي آهي.

سوشل ميڊيا تي اهي به اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن ته يونيورسٽي جا ٻيا سگهارا ڪردار پڻ نمرتا ڪيس ۾ ملوث آهن.

ڪراچيءَ ۾ نمرتا ڪيس ۾ انصاف لاءِ ٿيندڙ احتجاج ۾ پڻ سماجي ڪارڪن شيرين کوکر خطاب ڪندي چيو ته نمرتا ڪيس جي جاچ مڪمل ٿيڻ کان اڳ ڊاڪٽر عنايت مگسيءَ جو ميدان تي لهي پوڻ معنيٰ خيز آهي، جيڪڏهن وٽس ٺوس ثبوت آهن ته ان کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.

ياد رهي ته نمرتا جي تڏي تي وي سي هڪ صحافيءَ کي سوال پڇڻ تي بوکلاهٽ ۾ چماٽ هنئي هئي ۽ بعد ۾ وڃي معافي ورتي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.