ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن سبب ڇا ٿيو…؟ مليحا لوڌي ٻڌائي ڇڏيو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير  ڊاڪٽر مليحا لوڌي چيو آهي ته ڪشمير ۾ ڀارتي قدم سنگين بحرانن کي جنم ڏنو آهي، انساني حقن جي پامالي سان پيدا ٿيل الميو ڇڪتاڻ جو سبب آهي.

اِها ڳالهه هن چيٿم هائوس ۾ والاريل ڪشمير بابت تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مليحا لوڌي چيو ته والاريل ڪشمير جي حيثيت ۾ ڪڏهن به تبديلي نٿي ٿي سگهي ڇو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۾ ڪشمير مسئلو اڄ به ايجنڊا تي موجود آهي.

هن چيو ته ڪشمير ۾ ڀارتي قدم سنگين بحرانن کي جنم ڏنو آهي، انساني حقن جي پامالي سان پيدا ٿيل الميو ڇڪتاڻ جو سبب آهي، ڀارتي قدم عالمي قانون ۽ يو اين ٺهراءَ جي سنگين ڀڃڪڙي آهي، سلامتي ڪونسل جو اجلاس وڌندڙ عالمي دٻاءَ جو به عڪس آهي.

مليحا لوڌي جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي تي سلامتي ڪونسل اجلاس گهرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، اجلاس ۾ ڪشمير مسئلو  تصفيه  طلب ٿيڻ جي حيثيت ٻيهر اجاڳر ٿي ويو، عالمي برادري، يو اين کي ڪشمير مسئلي جي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

ڪشميرين جي امنگن تي ڪشمير مسئلي جو حل دنيا جي امن جي لاءِ اڻ ٽر آهي، ڀارتي ظلم ۽ بربريت هاڻ پوري طرح عالمي برادري تي عيان ٿي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.