راڻا ثناءُ الله جي ضمانت واري درخواست ٻيهر رد…!

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي اينٽي نارڪوٽڪس عدالت منشيات ڪيس ۾ گرفتار مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر ۽ اسيمبلي ميمبر  راڻا ثناءُ الله  جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

منشيات جي خاتمي واري عدالت  جج شاڪر حسن راڻا ثناءُ الله جي ضمانت بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان دوران مسلم ليگ ن جي اڳواڻ طرفان ايڊووڪيٽ فرهاد علي شاهه ۽ زاهد بخاري دليل ڏنا.

عدالت جي ڪمري ۾ راڻا ثناءُ الله جي گهرواري ۽ ناٺي شهريار راڻا به موجود هئا.

ٻڌڻي دوران راڻا ثناءُ الله جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سيف سٽي اٿارٽي جي فوٽيجز اسان جي موقف کي درست قرار ڏنو آهي، اي اين ايف  اختيارين واقعي واري هنڌ ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:هي به پڙهي سگهو ٿا:راڻا ثناءُ الله به آزادي لاءِ هٿ پير هڻڻ لڳو…!

سندس چوڻ هو ته اي اين ايف جي آفيس ۾ ڪوڙي ايف آءِ آر  داخل ڪئي وئي آهي.

هن ٻڌايو ته سي سي ٽي وي فوٽيج موجب راڻا ثناءُ الله جي گاڏي 3 لڳي 34 منٽن تي لاهور ڪنال روڊ تي پهتي، هن جي گاڏي جي سي سي تي وي فوٽيجز کي ريڪارڊ جو حصو بڻايو ويو آهي.  ضمانت واري درخواست سيف سٽي جي فوٽيج اچڻ کان ٻيهر داخل ڪئي آهي.

فرهاد علي شاهه جو چوڻ هو ته پهرين جج کي ته ضمانت درخواست جي ٻڌڻي جي دوران تبديل ڪيو ويو هو، ڊيوٽي جج راڻا ثناءُ الله جي درخواست رد ڪئي.

هن چيو ته اي اين ايف واقعي واري هنڌ ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي، 3 لڳي 25 منٽ تي گاڏي کي ٽول پلازا تي روڪيو ويو جڏهن ته 10 منٽ ۾ هو پنجاب يونيورسٽي ڪنال تائين پهچي چڪي هئي.

سندس چوڻ هو ته رڳو 6 ماڻهن جا نالا پتا ولديت لکڻ ۾ ڪٿي گهڻو وقت لڳي ويندو آهي، فرسٽ انفارميشن رپورٽ کي پڙهڻ ۾ 10 منٽ لڳا هوندا ته واقعي واري هنڌ جهيڙو ۽ برآمدگي ڪڏهن ٿي.

هن چيو ته راڻا ثناءُ الله 4 مهينن کان جيل ۾ آهي، دل کي مريض کي سزا طور جيل ۾ نٿو رکي سگهجي، راڻا ثناءُ الله هميشه پنهنجو بلڊ پريشر وارو اوزار پاڻ وٽ رکندو آهي جيڪو هٿ ٿيل سامان ۾ موجود آهي.

هن عدالت کان اپيل ڪئي ته هي ڪيس وڌيڪ جاچ جو آهي، راڻا ثناءُ الله ڪٿي به فرار نٿو ٿي سگهي، راڻا ثناءُ الله پنهنجو پاسپورٽ ڏيڻ لاءِ تيار آهي، بي شڪ نالو اي سي ايل ۾ وجهو پر ضمانت تي آزاد ڪيو.

بعد ۾ اي اين ايف جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته راڻا ثناءُ الله جي وڪيل ڪو نئون گرائونڊ ناهي ڏنو ، هي 10 منٽن ۾ واقعي واري هنڌ کان ڪنال تائين پهچڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، هي سڀ ته ٽرائل جون ڳالهيون آهن جنهن کي ضمانت ۾ نٿو ڏسي سگهجي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:راڻا ثناءُ الله جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ واڌ

سندس چوڻ هو ته انهن سڀني ڳالهين کان پهرين ئي عدالت ضمانت جو فيصلو ڪري چڪي آهي، هي تازو گرائونڊ ضمانت جي لاءِ نٿو ٿي سگهي.

سندس چوڻ هو ته ان تصوير کي درست ٿيڻ تي اسان کي اعتراض آهي.

ان موقعي تي راڻا ثناءُ الله جي ٻئي وڪيل زاهد بخاري جو چوڻ هو ته سرڪاري وڪيلن کي خبر ناهي ته هو ڪهڙي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ٻئي سرڪاري وڪي هڪ ٻئي جي نفري ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته ڪا هي تصوير ڪشي ڪار خاني ۾ بڻي آهي، هي تصويرون عدالت جي چوڻ تي سرڪاري کاتي اسان کي ڏنيون آهن.

عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ ضمانت تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ بعد ۾ جج شاڪر حسن محفوظ فيصلو پڙهي ٻڌايو ۽ راڻا ثناءُ الله جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته 6 نومبر تي راڻا ثناءُ الله ضمانت تي آزادي جي لاءِ لاهور جي منشيات جي خاتمي واري عدالت  ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.

ان کان اڳ 20 سيپٽمبر تي ڊيوٽي جج راڻا ثناءُ الله جي ضمانت جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو هو.

راڻا ثناءُ الله سان گڏ 5 شريڪ جوابدارن جي ضمانت منظور ٿي چڪي آهي جڏهن ته مسلم ليگ ن جي اڳواڻ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل ۾ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.