چين ۾ جلد تي چنبڙندڙ طبي ڊسپلي تيار

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) جزوي اسٽيڪر يا ٽيٽو جيان جلد جو حصو بڻجندڙ سينسر تي ڪيتري ئي عرصي کان ڪم جاري آهي ۽ هاڻ چيني ماهرن جلد تي چنبڙندڙ انتهائي سنهڙي ۽ لچڪدار ڊسپلي تيار ڪري روتي آهي.

نانجيانگ يونيورسٽي جي سائنسدانن ڏينهن جي روشني ۾ به نظر ايندڙ ڊسپلي اسٽيڪر تيار ڪيو آهي جيڪو انسان ۽ مشين جو حيران ڪندڙ ميلاپ به آهي جنهن کي سڌي طرح کل تي لڳائي سگھجي ٿو.

هي به پڙهي سگھو ٿا:دنيا جي پهرين ورچوئل فتويٰ سروس

ان کي ”الٽرنيٽنگ ڪرنٽ اليڪٽروليومنيسنٽ (اي سي اي ايل) ڊسپلي جو نالو ڏنو ويو آهي. ان مان روشني خارج ڪندڙ نينو ذرڙن کي چاندي جي انتهائي سنهڙن نينو تارن جي چادر تي سينڊ وچ جيان لڳايو ويو آهي. اهڙي طرح اسٽيڪر تي لڳل ذرڙن جي ڊسپلي ايتري روشن آهي جو ان کي ڏينهن جي روشني ۾ به ڏسي سگھجي ٿو ڇو جو اهو گھٽ وولٽيج تي به حيران ڪندڙ روشني خارج ڪري ٿو.

ڊسپلي جي مرڪزي موجد پروفيسر ڊيشينگ ڪونگ جو چوڻ آهي ته ڊسپلي راندين ۾ اٿليٽس جي مدد ڪندو ۽ ڪيترن ئي مريضن ۾ ان کي استعمال ڪري سگھجي ٿو.

جلد

پهرين مرحلي ۾ سائنسدانن اسٽيڪر تي اسٽاپ واچ لڳائي آهي جنهن کي انساني هٿ تي به ڏسي سگھجي ٿو. ان جا انگ اکر واضح آهن ۽ انتهائي گھٽ وولٽيج تي به روشن نمبرن کي ڏسي سگھجي ٿو.

پر ڊسپلي جلد تي لڳڻ جي ٿوري دير بعد ئي گرمي پيدا ڪري ٿي ۽ پارو 45 سينٽي گريد تائين پهچي وڃي ٿو جيڪو هڪ حد تائين برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي پر ماهر ان کي وڌيڪ ٿڌو رکڻ ج

ي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

هي به پڙهي سگھو ٿا:گڏيل عرب رياستن جي واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ خوشخبري..!

پروفيسر ڊيشينگ موجب اي سي اي آءِ ايجاد کي نرم روبوٽ، انسان ۽ مشين انٽرفيس ۽ ٻين سمارٽ پاتو ويندڙ اوزارن ۾ استعمال ڪري سگھبو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.