دنيا جي پهرين ورچوئل فتويٰ سروس

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ ٽيڪنالوجي جي هن دور ۾ جتي تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ “آرٽيفيشل انٽيليجنس” مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪيو پيو وڃي.

هاڻ انهيءَ ٽيڪنالوجي جو استعمال مذهبي معاملن ۾ به ٿيڻ لڳو آهي.

۽ انهيءَ ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪندي گڏيل عرب رياستن (يو اي اِي) جي رياست دبئي۾ دنيا جي پهرين ورچوئل فتويٰ متعارف ڪرائي وئي آهي.

جي ها، دبئي جي “سمارٽ دبئي” منصوبي تحت اسلامڪ افيئرز کاتي ۽ چيريٽيبل ايڪٽوٽيز (آءِ اي سي اي ڊي) ورچوئل فتويٰ جي سروس شروع ڪئي آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: فلائيٽ جي بڪنگ لاءِ موبائل ايپ متعارف

ان سروس مان دنيا جا سمورا مسلمان فائدو وٺي سگهندا، ان سروس کي استعمال ڪرڻ لاءِ دبئي ۾ رهڻ يا اتان جي شهريت جو هجڻ لازمي آهي.

ورچوئل فتويٰ سروس شروعاتي مرحلي ۾ ان سهولت کي رڳو (آءِ اي سي اي ڊي) جي ويب سائيٽ تي معتارف ڪرايو آهي، پر جلد ان کي واٽس ايپ تي به متعارف ڪرايو ويندو.

گڏ ئي مستقبل ۾ ان سهولت جي ڌار ايپليڪيشن به متعارف ڪرائي ويندي.

ورچوئل فتويٰ ڇا آهي؟

ذهانت

ورچوئل فتويٰ حقيقت ۾ مسلمانن جي عام مسئلن تي تقريبن 205 سوالن جا جواب ڏئي انهن کي هنن جي مسئلن تي فتويٰ فراهم ڪندي.

ان سروس کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪوٺايل تقريب ۾ ٻڌايو ويو ته ورچوئل فتويٰ جو نظام 85 سيڪڙو سوالن جا جواب بلڪل درست ڏئي ٿو، پر جيڪڏهن سوالن کي مختلف لفظن يا جملن سان  سولو بڻائي پيش ڪيو وڃي ته نتيجا وڌيڪ بهتر ٿي سگھن ٿا.

هي به پڙهي سگھو ٿا:گڏيل عرب رياستن جي واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ خوشخبري..!

ورچوئل فتويٰ ذريعي ڪنهن به صارف کي شروعاتي طور تي ٻن ٻولين انگريزي ۽ عربي ۾ لکت طور تي جواب ملندا ۽ سوالن جي مڪمل هجڻ تي فتويٰ جو نتيجو صارف جي سامهون هوندو.

ورچوئل ڪم ڪيئن ڪندي آهي؟

ذهانت

ان سروس تحت ڪنهن به مسئلي جو شڪار شخص (آِ اي سي اي ڊي) جي ويب سائيٽ تي وڃي آن لائين چيٽ جي پاپ اپ کي کولڻ بعد پاڻ رجسٽرڊ ڪرائيندو.

رجسٽرڊ ڪرائن کان پوءِ هو فتويٰ جي آپشن تي هليو ويندو، جنهن کان پوءِ مصنوعي ذهانت جو نظام رجسٽرڊ صارد کان مسئلو ۽ ان بابت سوال پڇندو.

سوال کان پوءِ مصنوعي ذهانت جو نظام ڪجهه لمحن ۾ واهپيدار کي لکت طور جواب ڏيندو ۽ سوال مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فتويٰ به جاري ڪئي ويندي.

ان نظام تحت دبئي جي مذهبي معاملا ڏسندڙ محڪمي کي سولائي ٿيندي ۽ ادارو هر ايندڙ ڏينهن ماڻهن طرفان پڇيل لکين فتوائن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندو.

دبئي جا مذهبي معاملا ڏسندڙ کاتي کي هر سال تقريبن 10 لک فتوائن جون درخواستون موصول ٿينديون آهن، جن مان ادارو رڳو سوا لک فتوائن کي لکت طور تي جاري ڪري سگھندو آهي.

ذهانت

ان نئين نظام سان ادارو هر فتويٰ کي لکت طور شايع ڪري سگھندو ۽ شروعاتي مرحلي ۾ ننڍن معاملن تي آن لائين فتوائون ڏنيون وينديون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.