ڪرتارپور راهداري کلي سگهي ٿي ته پوءِ ايل او سي ڇو نه…؟

 

نارووال (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي جيڪڏهن ڪرتارپور راهداري کلي سگهي ٿي ته پوءِ ايل او سي جي حدبندي به ختم ٿي سگهي ٿي.

ڪرتارپور راهداري جي افتتاحي تقريب کي خطاب شاهه محمود قريشي چيو ته ڪرتارپور جا دَر سڄي دنيا جي سکن لاءِ کوليا ويا آهن، اڄ هڪ نئين تاريخ لکي وئي آهي، بابا گرونانڪ جو هڪ واضح پيغام هو ۽ اهو پيغام امن هو، هن محبت جو ٻج پوکيو پر اڄ توهان کي ڏسڻو آهي ته ننڍي کنڊ ۾ نفرت جو ٻج ڪير پوکي رهيو آهي.

هن چيو ته اڄ سڄي قوم ۽ سک برادري ان فيصلي کي ساراهي رهي آهي، بابا گرونانڪ جو امن جو پيغام صوفين، اوليائن ۽ داتا گنج بخش جو پيغام آهي، اسلام به امن، ڀائيچاري ۽ محبت جو پيغام ڏئي ٿو، وزيراعظم هڪ سال اڳ ڀارتين سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو پر 72 سال ٿي ويا، والاريل ڪشمير وارا انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهن، هڪ واعدو اسان پورو ڪيو، هڪ توهان ڪيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: نواز شريف پرڏيهه ڪڏهن ويندو ۽ ساڻس گڏ ڪير هوندو…؟ شيخ جي رشيد اڳڪٿي

سندس چوڻ هو ته دنيا وارئو! توهان سامهون برلن جي ڀِت ڪري سگهي ٿي ۽ يورپ جو نقشو تبديل ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڪرتارپور راهداري کلي سگهي ٿي ته لائن آف ڪنٽرول جي عارضي حدبندي به ختم ٿي سگهي ٿي ۽ حقن جو واعدو پورو ڪري سگهجي ٿو.

پرڏيهي وزير چيو منهنجي خواهش آهي ته جيئن اڄ گوردوارا سک براداري لاءِ کوليو ويو، ڪاش ڀارتي وزيراعظم سرينگر جي جامع مسجد ڪشميري مسلمانن لاءِ کولي ته جيئن اهي اتي جمعي جي نماز ادا ڪري سگهن.

شاهه محمود قريشي چيو ته اچو گڏجي هڪ نئين صبح جي شروعات ڪيون، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سرحد جي هن پار تقرير ۾ وزيراعظم عمران خان کي مبارڪ ڏني ۽ ٿورا مڃيا، مودي! توهان عمران خان کي به ٿورو مڃڻ جو موقعو ڏئي سگهو ٿا، والاريل ڪشمير مان ڪرفيو ختم ڪري، پيلٽ گنز جو استعمال ختم ڪري، مواصلاتي بليڪ آئوٽ ختم ڪري ائين ڪري سگهو ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.