وزيراعظم ڪرتارپور راهداري جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ڪشمير مسئلي جي حل تي زور

نارووال (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سک برادري جي مذهبي پيشوا بابا گرونانڪ جي 550هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڪرتارپور راهداري جو باضابطا طور افتتاح ڪري ڇڏيو.

نارووال ضلعي ۾ واقع ڪرتارپور ۾ ٿيندڙ افتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان کانسواءِ گهرو وزير اعجاز شاهه، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، مذهبي معاملن واري وزير پير نور الحق قادري، پنجاب جي گورنر چوڌري سرور، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ، ذوالفقار بخاري سميت ٻين شرڪت ڪئي.

ان سان گڏوگڏ افتتاحي تقريب ۾ اڳوڻو ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه، اڳوڻو ڪرڪيٽر ۽ سياستدان نوجوت سنگهه سڌو، بالي ووڊ اداڪار سني ديول ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا.

ڪرتاپور راهداري جي افتتاح جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان سک برادري کي بابا گرونانڪ ديو جي جي 550هين جنم ڏينهن جي مبارڪ ڏني.

تقرير ڪندي وزيراعظم ڪرتارپور سان سهاڙيل منصوبن کي 10 مهينن جي عرصي ۾ مڪمل ڪرڻ تي سڀني ادارن ۽ وزارتن کي خراج پيش ڪيو ۽ چيو ته مون کي اندازو نه هو منهنجي حڪومت ايتري محتني آهي.

هن چيو ته الله جو جيڪو به پيغمبر آيو، انصاف ۽ انسانيت جو پيغام کڻي آيو، انصاف ۽ انسانيت جانورن جي معاشري سان فرق ڪندي آهي، بابا گرونانڪ جو فلسفو ۽ نظريو به انسانيت ۽ محنت جي ڳالهه ڪرڻ آهي، اهو انسانن جي ورهاست ۽ نفرتون پکيڙڻ جي ڳالهه نٿو ڪري.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ”قائداعظم جو هندو شدت پسندي بابت نظريو هڪ ڀيرو ٻيهر درست ثابت ٿيو“

سندس چوڻ هو ته ننڍي کنڊ ۾ جيڪي ماڻهو انسانيت لاءِ آيا هئا، انهن ۾ وڏا وڏا صوفي بابا فريد شڪر گنج، نظام الدين اولياءُ، حضرت محيءُ الدين چشتي شامل آهن، ماڻهو اڄ به انهن جي مزارن تي ويندا آهن، ڇو ته هو انسانيت لاءِ آيا هئا، مون کي خوشي آهي ته اسان توهان لاءِ راهداري کولي، مون کي اندازو نه هو ته ننڍي کنڊ ۾ ڪرتارپور جي ڇا اهميت آهي.

عمران خان چيو ته مان وزرات عظميٰ سنڀالڻ کانپوءِ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ٻڌايو ته خطي ۾ سڀ کان وڏو مسئلو غربت آهي، واپار ۽ سرحدون کولڻ سان خوشحالي اچي سگهي ٿي، اسان جي وچ ۾ ڪشمير مسئلو آهي، جنهن کي پاڙيسرين جيان ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪري سگهون ٿا.

هن چيو ته اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم من موهن سنگهه هڪ تقريب ۾ چيو هو ته والاريل ڪشمير جو مسئلو حل ڪيو وڃي ننڍي کنڊ جو خطو اڀري سگهي ٿو، مان به نريندر مودي کي اهڙو ڪجهه ئي چيو هو پر هاڻ اهو مسئلو خطي جي حدن مان نڪري انساني حقن جو بڻجي چڪو آهي، 80 لک ماڻهن جا انساني حق ختم ڪري کين 9 لک فوجين هٿان قيد ڪرايو ويو آهي، ڪشميرين کان گڏيل قومن طرفان ڏنل حق زبردستي کسيو ويو آهي.

وزيراعظم عمران خان ڀارتي هم منصب کي مخاطب ٿيندي چيو ته ائين ڪڏهن به امن نه ٿيندو، نريندر مودي کي چوڻ چاهيان ٿو ته انصاف سان امن ٿيندو آهي، ڪشمير جي ماڻهن کي انصاف ڏيو ۽ سڄي ننڍي کنڊ کي ان مسئلي مان ڪڍو ته جيئن اسان انسانن جيان رهي سگهون.

سندس چوڻ هو ته ان مسئلي جي حل نه ٿيڻ سبب 70 سالن کان نفرتون آهن، جڏهن ڪشمير مسئلو حل ٿي ويندو ته ننڍي کنڊ ۾ خوشحالي ايندي ۽ اهو ڏينهن پري ناهي.

شاهه محمود قريشي

ڪرتارپور راهداري جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو جيڪڏهن ڪرتارپور راهداري کلي سگهي ٿي ته پوءِ ايل او سي جي حدبندي به ختم ٿي سگهي ٿي.

هن چيو ته ڪرتارپور جا دَر سڄي دنيا جي سکن لاءِ کوليا ويا آهن، اڄ هڪ نئين تاريخ لکي وئي آهي، بابا گرونانڪ جو هڪ واضح پيغام هو ۽ اهو پيغام امن هو، هن محبت جو ٻج پوکيو پر اڄ توهان کي ڏسڻو آهي ته ننڍي کنڊ ۾ نفرت جو ٻج ڪير پوکي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته اڄ سڄي قوم ۽ سک برادري ان فيصلي کي ساراهي رهي آهي، بابا گرونانڪ جو امن جو پيغام صوفين، اوليائن ۽ داتا گنج بخش جو پيغام آهي، اسلام به امن، ڀائيچاري ۽ محبت جو پيغام ڏئي ٿو، وزيراعظم هڪ سال اڳ ڀارتين سان ڪيل واعدو پورو ڪري ڇڏيو پر 72 سال ٿي ويا، والاريل ڪشمير وارا انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهن، هڪ واعدو اسان پورو ڪيو، هڪ توهان ڪيو.

شاهه محمود قريشي چيو ته دنيا وارئو! توهان سامهون برلن جي ڀِت ڪري سگهي ٿي ۽ يورپ جو نقشو تبديل ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڪرتارپور راهداري کلي سگهي ٿي ته لائن آف ڪنٽرول جي عارضي حدبندي به ختم ٿي سگهي ٿي ۽ حقن جو واعدو پورو ڪري سگهجي ٿو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: بابري مسجد جي جاءِ تي مندر اڏڻ جو حڪم…!

پرڏيهي وزير موجب منهنجي خواهش آهي ته جيئن اڄ گوردوارا سک براداري لاءِ کوليو ويو، ڪاش ڀارتي وزيراعظم سرينگر جي جامع مسجد ڪشميري مسلمانن لاءِ کولي ته جيئن اهي اتي جمعي جي نماز ادا ڪري سگهن.

سندس چوڻ هو ته اچو گڏجي هڪ نئين صبح جي شروعات ڪيون، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سرحد جي هن پار تقرير ۾ وزيراعظم عمران خان کي مبارڪ ڏني ۽ ٿورا مڃيا، مودي! توهان عمران خان کي به ٿورو مڃڻ جو موقعو ڏئي سگهو ٿا، والاريل ڪشمير مان ڪرفيو ختم ڪري، پيلٽ گنز جو استعمال ختم ڪري، مواصلاتي بليڪ آئوٽ ختم ڪري ائين ڪري سگهو ٿا.

نور الحق قادري

مذهبي معاملن واري وزير نور الحق قادري ڪرتارپور راهداري جي افتتاح کي پاڪستان ۽ ڀارت ٺهڻ کانپوءِ امن ڏانهن سڀ کان وڏو قدم قرار ڏئي ڇڏيو.

افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي نور الحق قادري چيو ته ڪرتارپور صاحب ۾ بابا گرونانڪ پنهنجي حياتيءَ جو آخري وصال وارو مهينو گذاريو هو، ہغ 6 سال عراق ۾ گذاريا ۽ هو هر روز صبح حضرت موسيٰ ۽ عبدالقادر جيلاني جي مزار تي ويندو هو، اهو محبت جو پيغام هو، بابا گرونانڪ توحيد، امن ۽ انسانيت جو خير جو پيغام ڏنو.

هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سکن سان جيڪو واعدو ڪيو هو اهو پورو ڪري ڇڏيو، اميد ته سرحد جي هن پار کان به محبت جو پيغام ڏنو ويندو.

نوجوت سنگهه سڌو

اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ سياستدان نوجوت سنگهه سڌو شاعراڻي انداز ۾ عمران خان جي تعريف ڪندي چيو آهي ته هن اڄ تاريخ لکي ڇڏي.

ڪرتارپور راهداري جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران نوجوت سنگهه سڌو شاعراڻي انداز ۾ وزيراعظم عمران خان جي شخصيت کي خراج پيش ڪيو ۽ چيو ته عمران خان سڄي دنيا جي 14 ڪروڙ سکن جون دليون کٽي ورتيون، سڪندر بادشاهه پنهنجي طاقت سان دنيا فتح ڪئي، عمران خان توهان ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪيو ٿا، عمران خان سک برادري تي جيڪو ٿورو ڪيو آهي، اهو وسارڻ جوڳو ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه عمران خان جهڙا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي تاريخ لکندا آهن ۽ اهو ورهاڱي کانپوءِ پهريون ڀيرو آهي جو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سرحد جون رنڊڪون ختم ٿيون، جيڪڏهن مسئلا ڀاڪر پائڻ سان حل ٿي سگهن ٿا ته سرحدن تي رتوڇاڻ جي ضرورت ناهي.

ان موقعي تي سکن جي تنظيم ڀارتي آڪال تخت جي سربراهه گياني هرپريت سنگهه پاڪستاني ۽ ڀارتي حڪومتن جا ٿورا مڃيندي چيو ته جيڪڏهن ڀارت دَر نه کولي ها ته اسان هتي نه اچي سگهون ها ۽ جيڪڏهن پاڪستان دَر نه کولي ها ته اسان اندر نه اچي سگهون ها.

هن چيو ته اڄ خوشين جو ڏينهن آهي، 72 ورهين کانپوءِ اسان جي خواهش پوري ٿي.

سک ياتري

بابا گرونانڪ ديو جي جي 550هين جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شريڪ سک ياترين ڪرتارپور جي افتتاح تي وزيراعظم عمران خان ٿورا مڃيا.

پاڪستان ٽيلي ويزن سان ڳالهائيندي سک ياترين پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته اها اسان جي صدين کان خواهش هئي، اسان کي خبر نٿي پئي ته اسان پاڪستان ۾ آهيون يا ڪنهن ٻئي هنڌ، اسان کي جيڪو پيار ۽ محبت ملي ان تي ڏاڍا خوش آهيون، اسان پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي جيتري تعريف ڪيون گهٽ آهي.

هڪ سک عورت چيو ته اسان وزيراعظم عمران خان جي ڪري ئي هتي اچي سگهون ٿا، جڏهن ته هڪ ٻئي سک ياتري جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان هيءَ راهداري کولي تاريخ لکي ڇڏي آهي، اسان کي ايتري خوشي آهي جو بيان ئي نٿا ڪري سگهون.

ڀارتي سپريم ڪورٽ جي سينيئر ايڊووڪيٽ ايڇ ايس فلڪا ڪرتارپور راهداري کلڻ تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اها ڏاڍي خوشي جي ڳالهه آهي، اسان پاڪستاني حڪومت جا ٿورائتا آهيون، جنهن اسان کي هتي اچڻ جي اجازت ڏني.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان:

ڪرتارپور راهداري کلڻ تي سڄي دنيا مان مبارڪ جون سلسلو جاري آهي، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مورگ اورٽيگس راهداري کلڻ تي ٻنهي ملڪن کي واڌايون ڏنيون آهن.

جاري ٿيل هڪ ويڊيو بيان ۾ مورگن اورٽيگس پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ راهداري کلڻ تي ڀليڪار چيو، سندس چوڻ هو ته ڪرتارپور  راهداري کي آمريڪي پاڙيسرين جي وچ ۾ هڪ سٺي مثال طور ڏسي رهيا آهيون.

آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڪرتارپور راهداري کي مذهبي آزادي جي هٿي ڏانهن هڪ قدم قرار ڏنو.

مورگن اورٽيگس موجب ڪوريڊور مان سک گردواري ڪرتاري صاحب اچي سگهن جيڪو پاڪستان جي اندر هنن جو مقدس مقام آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.