نيب کي نه روڪيو ويو ته ڪامورا ڪنهن کي هلڻ نه ڏيندا: سعيد غني

ڪراچي: انفارميشن ۽ ليبر کاتي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته جيڪڏهن نيب کي نه روڪيو ويو ته پوءِ نيب عملدار ملڪ ۾ ڪنهن کي به هلڻ نه ڏيندا، ان ڪري فوري ڪارروائي ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته نيب سکر جي آفيسرن کيس ۽ ورڪر ويلفيئر بورڊ جي عملدارن کي غلط ڪم ڪرڻ لاءِ ڌمڪايو آهي، جيڪڏهن نيب چيئرمين نوٽيس نه ورتو ته سمجهندس هو پاڻ ان ۾ ملوث آهي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته هو معاملو اختيارين آڏو اٿاريندو.هن چيو ته نيب سکر جي ڊائريڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ورڪر ويلفيئر جي عملدارن کي ليٽر لکي 1902 فليٽ نيب چيئرمين هٿان ورهائڻ جي حوالي سان تياري ڪري سکر اچڻ جو حڪم ڏنو، نيب عملدار فهيم قريشي ورڪر ويلفيئر بورڊ جي عملدارن کي گرفتار ڪرڻ ڪيس ڪرڻ سميت مختلف حيلن سان دٻايو ۽ کين سکر گهرايو، جڏهن مون عملدارن کي روڪيو ته نيب عملدارن کيس به فون ڪري عملدارن جي شڪايت ڪئي ته هو نٿا اچن. هن چيو ته نيب عملدار کي مون فون تي چيو ته ورڪر ويلفيئر بورڊ جا عملدار تقريب ۾ نه ايندا. ڇاڪاڻ ته فليٽ ڏيڻ جو ڪم نه پر سندس کاتي جو آهي، هو پنهنجي ڪم ۾ مداخلت برداشت نه ڪندو ان بعد نيب عملدارن سندس آفيسر کي هوٽل مان پروگرام تي کڻي ويا جتي نيب چيئرمين هٿان 10 ڄڻن کي شادي فنڊ سميت 10 چيڪ ڏنا ويا. ان بعد نيب جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سندس کاتي جي عملدار کي منهنجي لاءِ پيغام ڏنو ته نيب سرپرائيز ڏيندي اها کليل ڌمڪي آهي. کيس مختلف ذريعن وٽان ڌمڪين وارا پيغام ڏنا ويا آهن، ان ڪري ايوان کي آگاهي ڏيان ٿو.0630

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.