ڪجهه قوتون دٻاءُ پيون وجهن پر اصولن تي ٺاهه نه ڪبو: بلاول

مظفر ڳڙهه (م ڊ) ڪجهه قوتون دٻاءُ وجهڻ چاهين ٿيون پر هو اصولن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن مظفر ڳڙهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سليڪٽيڊ کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته حڪومت هڪ سال اندر معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. نااهل ٽولو ملڪ سنڀالي نه ٿو سگهي. معيشت ۽ احتساب جي نالي تي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اهو ڪهڙو احتساب آهي جيڪو صرف اپوزيشن جو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ڪيس داخل سنڌ ۾ ٿيندو آهي ۽ هلندو راولپنڊي ۾ آهي. هن چيو ته عوام کي حڪمرانن جي رحم ڪرم تي نه ٿو ڇڏي سگهجي. عوام جي حقن لاءِ وڙهندا رهنداسين. 25 جولاءِ 2018ع تي بدترين ڌانڌلي ٿي ۽ عوام جي حق تي ڌاڙو هنيو ويو. هن چيو ته موجوده وزيراعظم جو حشر به آمر جهڙو ٿيندو.0430

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.