يقين آهي ته فضل الرحمان ٽڪراءَ واري سياست ۾ نه ويندو: چوڌري سرور

لاهور(م ڊ) پنجاب جي گورنر چوڌري سرور چيو آهي ته يقين آهي ته فضل الرحمان ٽڪراءَ واري سياست ۾  نه ويندو، اميد آهي ته ڳالهين جي ذريعي ئي مسئلو حل ٿي ويندو. تفصيل موجب پنجاب جي گورنر چوڌري سرور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ۽ ڳالهيون ڪامياب ٿينديون، اميد آهي ته ٽڪراءَ واري سياست نه ٿيندي، سياستدانن جا بيان هميشه سخت هوندا آهن پر معاملا ڳالهين جي ذريعي ئي حل ٿيندا آهن. پنجاب جي گورنر جو چوڻ هو ته يقين آهي ته فضل الرحمان ٽڪراءَ واري سياست ۾ نه ويندو، عالمن کان اپيل آهي ته  وفد بڻائي مولانا سان ڳالهيون ڪرڻ وڃو ۽ هن ڏکئي وقت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.