ڊيل يا ڍر، نواز شريف جا 48 ڪلاڪن اندر پرڏيهه وڃڻ جا امڪان

اسلام آباد/ لاهور( م ڊ)  اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پرڏيهه وڃڻ جا رستا کلي ويا. ان لاءِ 48 ڪلاڪ اهم آهن جڏهن ته آچر تي لنڊن روانو ٿيڻ جا امڪان آهن. گهرو کاتي اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ مليل درخواست جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.  شهباز شريف ۽ مريم نواز جي لنڊن وڃڻ جو امڪان آهي. شريف خاندان ۽ (ن) ليگي ذريعن موجب نواز شريف جي علاج لاءِ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار لنڊن ۾ انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. نواز شريف سان گڏ شهباز شريف به ويندو ۽ ٻاهرين ملڪ علاج جي لاءِ پنجاب حڪومت کي به آگاهه ڪيو ويندو.خانداني ذريعن موجب مريم نواز به نواز شريف سان گڏ ٻاهرين ملڪ روانو ٿيڻ جا امڪان آهن. مريم نواز جي پاسپورٽ جي واپسي جي لاءِ درخواست عدالت ۾ داخل  ڪرائي ويندي. هو پنهنجي والد جي سار سنڀال جي لاءِ ٻاهرين ملڪ ۾ ئي قيام ڪندي.نواز شريف جي معالج ڊاڪٽر عدنان به ٻاهرين ملڪ علاج جي لاءِ وڃڻ جو مشورو ڏنو ۽ شريف خاندان کي بريفنگ ڏيندي چيو ته نواز شريف جي طبعيت متعلق رپورٽس ٺيڪ ناهي.نواز شريف جي والده شميم اختر به چيو ته ٻاهرين ملڪ علاج ڪرايو وڃي، جڏهن ته شهباز شريف چيو ته توهان جي صحت جي حوالي سان ڪافي فڪرمند آهيون، علاج ڪرائڻ تمام گهڻو ضروري آهي.ان بابت مريم نواز چيو ته حڪومت اسان جي خلاف سڀ ڪجهه ڪري ورتو پر ڪجهه ثابت نه ٿيو. ڪرپشن ڪيس ٺهندا رهيا پر ڪرپشن جو هڪ رپيو به ثابت نه ڪري سگهيو.هوڏانهن  وفاقي گهرو کاتي نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ شريف ڪٽنب جي درخواست ملڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ميڊيڪل بورڊ جي راءِ ڄاڻڻ لاءِ رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه وزيراعظم سان به صلاح مشورو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان سان وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه ملاقات ڪئي آهي، ذريعن موجب ملاقات دوران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم چيو ته نواز شريف جي  صحت بابت سياست نه ڪئي ويندي. انساني معاملو ۽ سياست ڌار ڌار شيون آهن.  گهرو کاتي شريف ميڊيڪل سٽي لاهور مان نواز شريف جي صحت جي حوالي سان ميڊيڪل رپورٽس گهرايون آهن ته جيئن ميڊيڪل بورڊ جي راءِ معلوم ڪري سگهجي.گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته درخواست جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي وقت سر قدم کنيا ويا آهن..ميڊيا رپورٽس موجب وفاقي ڪابينا يا وزيراعظم جون حتمي هدايتون ملڻ کانپوءِ نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويندو ۽ امڪان آهي ته ٻن ڏينهن ۾ نواز شريف جو نالو حتمي طور اي سي ايل مان ڪڍيو ويندو. 03

اسلام آباد(م ڊ) وزير اعظم عمران خان حڪومتي ترجمانن کي نواز شريف جي پرڏيهه روانگي جي معاملي تي نرم موقف رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم ترجمانن کي نواز شريف جي پرڏيهه روانگي تي نرم موقف رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزير اعظم چيو ته نواز شريف جي صحت يا علاج تي ڪا به سياست نه ڪنداسين، پهرين ڏينهن کان موقف آهي ته سياست کي انساني صحت کان الڳ رکيو وڃي.وزير اعظم چيو ته پاڪستان جا ادارا آزاد آهن قومي احتساب بيورو جي چوڻ تي نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وڌو ويو، نيب جي سفارش تي ئي نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويندو، اسان ادارن جي آزادي ۽ خومختياري تي يقين رکون ٿا.  اجلاس ۾ ڪجهه اڳواڻن وزير اعظم کان پڇيو ته ڇا نواز شريف کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ اين آر او آهي؟ جنهن تي وزير اعظم چيو ته اِهو واضح ڪري ڇڏيان ته هي اين آر او بلڪل به ناهي، توهان هر فارم تي اين آر او جي تاثر جي نفي ڪيو. وزير اعظم چيو ته نواز شريف واقعي بيمار آهي هن سان همدردي آهي، نواز شريف جو نالو علاج جي لاءِ اي سي ايل مان ڪڍي رهيا آهيون، .03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.