اسين ڪرتارپور جو لنگهه کولڻ جي آجيان ڪريون ٿا

پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سٺن لاڳاپن جي سَڌ رکندڙ ۽ جنگين کي ننديندڙ ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ اڄ جو ڏينهن شادماني جو  آهي. اڄ سکن جي بابا گُرو نانڪ جي 550 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڪرتارپور لنگهه جي بحالي جو افتتاح ٿي رهيو آهي جنهن سان ڀارت ۾ رهندڙ بابا گرو نانڪ جي عقيدتمندن کي سندس درگاهه تي اچي مذهبي فرض ادا ڪرڻ لاءِ رستو کولي ڏنو ويندو جيڪو  70 ورهين کان پاڪستان ۽ ڀارت جي سياسي ۽ حڪومتي ڇڪتاڻ سبب ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ ”نوگو ايريا“ بڻيل هو .

ڪرتار پور لنگهه کي ڀارت جي سک ياترين لاءِ کولڻ جي اڳڀرائي تحريڪ انصاف جي موجوده حُڪومت ۾ عمران خان جي وزيراعظم واري عهدي جو قسم کڻڻ واري تقريب ۾ ٿي جنهن ۾ عمران خان جي ڀارتي ڪرڪيٽر دوست نوجوت سنگهه سِڌو شرڪت ڪئي ۽ ان ئي تقريب ۾ هن فوج جي سربراهه جنرل قمر باجوا کي ڪرتارپور لنگهه کي کولڻ جي هُجت ڪئي جنهن تي ٿڏي تي ئي چيف آف آرمي اسٽاف کيس مثبت موٽ ڏني ۽ ائين سڌوءَ کي هڪ يادگار ۽ تاريخي ڪم ڪرائڻ جو موقعو  ملي ويو .

پاڪستان جي حڪومت کي ڪرتارپور لنگهه کولڻ ۾ ڪهڙو مفاد نظر ٿو اچي، ڀارت جي سرڪار وٽ پاڪستان جي ڏيکاريل ان خير سگالي جو ڪهڙو تاثر آهي تنهن کان هٽي ڪري ٻنهي ملڪن جو امن پسند ۽ آزادي پسند عوام سٺن پاڙيسرين وارن لاڳاپن جو ماحول چاهي ٿو ۽ اُهو جنگين، نفرتن ۽ سرحدي ڇڪتاڻ واري ورهين کان ٻاريل باهه کي وسائڻ گھري ٿو . اُهو چاهي ٿو ته ٻنهي ملڪن جو پاڻ ۾ سياسي، سماجي، ادبي، سماجي، واپاري، علمي، ثقافتي وهنوار هلندو رهي. ٻنهي ملڪن جي سرحدن جا سڀ رستا عوام لاءِ ائين ئي کوليا وڃن جيئن اڄ ڪرتارپور لنگهه کي کولڻ جو افتتاح ٿي رهيو آهي .

اسين سڀ ڪرتارپور لنگهه جي کُلڻ تي بيحد خوشي جو اظهار ڪيون ٿا ۽ اُميد ڪيون ٿا ته ڪرتارپور جو اِهو لنگهه ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن وارن ٻين رستن کي به کولي ڇڏيندو  ته جيئن عوام، حڪمران، سياستدان، اديب، سنگيت ڪار، اداڪار، سماجي اڳواڻ، ڊاڪٽر، پروفيسر، فلسفي مطلب ته سڀ جا سڀ ماڻهو هڪٻئي جي ملڪن ڏانهن ايندا ويندا رهن .

جيئن ڪرتارپور لنگهه ڏانهن ايندڙ سک ياترين جا ويزا مفت ڪيا ويا آهن ۽ کين سفري سهولتون ۽ رعايتون ڏنيون ويون آهن تيئن ٻين شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن لاءِ به رستا کوليا وڃن . ڇاڪاڻ ته جنگيون گھڻيون ٿي چڪيون آهن، نفرتون هانو ڦاڙڻ لڳيون آهن، انتهاپسندي ۽ بنياد پرستي چوٽ چڙهي وئي آهي جڏهن ته ٻئي پاسي ٻنهي ملڪن جو عوام امن، سک ۽ ترقي ٿو گھري . اچ وڃ جون رونقون واپس آڻڻ ٿو چاهي، خدارا هاڻي انهن جي آسن ۽ جذبن جو به خيال ڪيو . ماڻهن کي پاڻ ۾ ملڻ ڏيو . اديبن ۽ فنڪارن کي هڪٻئي جي ويجهو ٿيڻ ڏيو جيڪي هڪٻئي لاءِ اُڪير رکندڙ آهن . جيڪي ادبي ۽ فني معاملي تي پنهنجن خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ چاهين ٿا، تحقيق ڪندڙن کي تحقيق ڪرڻ ڏيو، ڪاروبار ڪندڙن کي ڪاروبار ڪرڻ ڏيو، واپار ڪندڙن کي واپار ڪرڻ ڏيو .

بابا گرو نانڪ جو روح اڄ ڪيڏو نه سرخرو هوندو . کين 550 هين جنم ڏينهن تي ان کان وڏو تحفو نٿو ڏئي سگهجي . سک ياترين جي ته اڄ عيد آهي . ان کان اڳ اهي ويچارا وڏا وڏا ڪشالا ڪٽي پنهنجو مذهبي فرض ادا ڪندا هيا پر ڪرتارپور جي لنگهه  مان کين سفر جي اُها سهولت ملي وئي آهي جنهن جو اهي رڳو خواب ئي ڏسندا هيا پر اڄ سندن اهو خواب ساڀيان ٿي رهيو آهي . هاڻي هو ڪرتارپور واري لنگهه ذريعي پاڪستان جي سرحد کان رڳو چئن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي قائم بابا گرو نانڪ جي درگاهه تي پهچي پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪري سگهندا . اهڙي مذهبي آزادي سڀني کي ملڻ گھرجي، سڀني جي مذهبن جو شل ائين ئي احترام ٿئي. هيءُ رڳو مذهبي حق جو معاملو ناهي پر پنهنجي جوهر ۾ انساني حقن جو به معاملو آهي، امن ۽ آزادي هر انسان جو حق آهي ۽ اهو حق هر ملڪ ۽ حڪومت کي ڏيڻ گھرجي .

اسان پاڪستان ۽ ڀارت جي حڪومتن طرفان ڪرتارپور لنگهه جي بحالي ۽ ان بحالي لاءِ ٿيل معاهدي ۽ ان معاهدي کي عملي شڪل ڏيڻ واري يادگار  اڳڀرائي جي آجيان ڪيون ٿا ۽ گُهر ڪيون ٿا ته ٻنهي ملڪن جي سرحدن سان ڳنڍيل اچ وڃ جا جيڪي به وساريل رستا آهن تن کي کوليو وڃي جو انهن رستن سان ماڻهن جون جذباتي وابستگيون به آهن . رت جا رشتا به لنگهه بند ٿيڻ سبب ويجهو هوندي به هڪٻئي کان صدين جي مفاصلي جيڏو پري ٿي ويا آهن جڏهن رستا کلندا ته صدين جيڏا اهي فاصلا ختم ٿي ويندا .

سنڌ واسي به حڪومت پاڪستان سان هاڻي اها هجت ڪرڻ ۾ِ حق بجانب آهن ته سنڌجي سرحدن سان جيڪي لنگهه ڀارت ڏانهن يا ڀارت مان سنڌ ڏانهن اچن ٿا سي به کوليا وڃن ته جيئن سنڌين جا به هندستان واسين سان خوابن جهڙا لاڳاپا بحال ٿي سگهن .

عام ماڻهو ته پاڻ ۾ نفرت به ڪري سگهن ٿا ۽ وڙهي به سگهن ٿا پر جيڪڏهن ملڪ ۽ حڪومتون به عام ماڻهن جهڙيون عادتون پالي رکن ته حيرت ئي ڪري سگهجي ٿي . ملڪن ۽ حڪومتن کي پنهنجون دليون وڏيون ڪرڻ گھرجن . جنگيون ۽ نفرتون ختم ڪري امن ۽ سرچاءُ جو ماحول پيدا ڪرڻ گھرجي جيئن ڪرتارپور جو لنگهه کولي ڊگهي اونداهي رات جو انت آڻي نئين صبح جو سج اڀاريو ويو آهي .

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.