آرڊيننس ذريعي قانون سازي ۽ پارليامينٽ

زاهد ميراڻي

پاڪستان ۾ قانون سازيءَ جي تاريخ ڪا سُٺي نه رهي آهي ۽ نه ئي ڪا جمهوري روايتن واري رهي آهي، جنهن ڪري ملڪ ۾ قانون سازيءَ ڪري سماجي سڌارا اچن اهڙو عمل ڪڏهن به ڏسڻ ۾ نه آيو آهي ۽ نه ئي وري ڪا اهڙي قانون سازي ڏسڻ ۾ آئي آهي، جيڪا عوام جي اڪيچار سماجي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي هُجي، قانون سازيءَ وارا اڪثريتي اسم حڪمران ڌر جي سياسي مقصدن ماڻڻ لاءِ هوندا آهن، جڏهن ته ملڪ تي مڙهيل 30- سالن کان وڌيڪ مارشل لا وارن دورن ۾ آمر حڪمرانن پاران قانون آرڊيننسز ذريعي ٺهندو ۽ لاڳو ٿيندو رهيو آهي.

ملڪ ۾ شروع کان وٺي قانون سازيءَ جو عمل هڪ ته سگهارين قوتن جي هٿ ۾ رهيو آهي ۽ ٻيو ته انهن ڌرين جي وس ۾ رهيو آهي جيڪي سگهارين ڌرين جي سهاري ايوان ۾ اچن ٿيون ۽ حڪومت سازيءَ واري عمل ۾ سرگرم ٿين ٿيو، اهو ئي سبب آهي جو انهن حڪومتن جو جمهوري هوندي به پارليامينٽ ۾ ويساهه نه هوندو آهي ۽ اڪثر قانون سازي آرڊيننس ذريعي ڪئي ويندي آهي.

دنيا جي سمورن جمهوري ملڪن ۾ اها روايت رهي آهي ته جيڪا به قانون سازي ٿيندي آهي اها پارليامينٽ جي ذريعي ئي ٿيندي آهي ۽ ٿيندڙ هر قانون سازيءَ جي بِل تي حڪمران ۽ مخالف ڌر جا ميمبر بحث مباحثو ڪندا آهن، قانون سازيءَ لاءِ پيش ٿيندڙ بِل ۾ ڪنهن قدر ترميمو به ڪيون وينديون آهن جنهن بعد انهيءَ بل کي قانون جي حيثيت ڏني ويندي آهي، پارليامينٽ ذريعي وجود ۾ ايندڙ قانون مستقل قانون جي حيثيت رکندا آهن.

پر پاڪستان ۾ اڪثر ڪري قانون صدارتي آرڊيننس ذريعي ئي وجود ۾ ايندا آهن، پوءِ ڀل اها جمهوري حڪومت هُجي يا وري ڪا آمريتي حڪومت هُجي، تحريڪ انصاف جي حڪومت به جيتوڻيڪ جمهوري حڪومت آهي پر ان حڪومت ۾ به قانون سازي گهڻي قدر صدارتي آرڊيننس ذريعي عمل ۾ اچي رهي آهي، جيڪا ڳالهه ملڪ ۾ جمهوريت ۽ پارليامينٽ لاءِ انتهائي ڳڻتيءَ جهڙي آهي.

تحريڪ انصاف حڪومت پاران آرڊيننس ذريعي قانون سازي ڪرڻ واري عمل مان اها ڳالهه ته واضع ٿي رهي آهي ته تحريڪ انصاف پارليامينٽ جي اهميت، قدر، ضرورت ۽ ان جي سياسي عمل کي دل سان تسليم نه پئي ڪري، جيڪا ڳالهه ملڪ ۾ جمهوري عمل لاءِ ڪنهن به طور تي بهتر چئي نه ٿي سگهجي.

پاڪستان جي پارلياماني نظام ۾ صدر جو ڪردار قانون سازيءَ واري عمل کان وڌيڪ رياست، آئين ۽ وفاق جي ايڪن جي مفادن جي محافظ وارو هوندو آهي، جيڪو ڪردار پاڪستان جي تاريخ ۾ هن وقت تائين ڪوبه صدر ادا ڪري نه سگهيو آهي، قانون سازيءَ جي حوالي سان جيڪڏهن صدر جي ڪردار جي ڳالهه ڪبي ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 89 – موجب پاڪستان جو صدر ان صورت ۾ قانون سازيءَ واري عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو؛ جڏهن ملڪ ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس نه ٿيندا هُجن ۽ ملڪ ۾ قانون سازي بنهه اڻ ٽر هُجي ته صدر آرڊيننس ذريعي قانون سازي ڪرڻ جو مجاز آهي.

ملڪ جي موجوده سياسي منظر نامي ۾ قومي اسيمبلي به سرگرم آهي ۽ ان جا باقاعده اجلاس به ٿين پيا، جڏهن ته سينيٽ به پنهنجي معمول موجب سرگرم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ملڪ ۾ اهڙي ڪا ايمرجنسيءَ واري صورتحال به نه آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ قانون سازي ڪرڻ ضروري هُجي، تنهن هوندي به تحريڪ انصاف 11- قانون صدارتي آرڊيننس ذريعي پاس ڪرايا آهن.

تحريڪ انصاف حڪومت پاران آرڊيننس ذريعي قانون سازي ڪرڻ واري عمل تي مخالف ڌر سميت ملڪ جي جمهوري حلقن، ساڃاهه وندن، قانوني ماهرن ۽ سول سوسائٽيءَ سخت تنقيد ڪئي آهي، جنهن کي تحريڪ انصاف اهو چئي رد ڪري ڇڏيو آهي ته مخالف ڌر قانون سازيءَ واري عمل ۾ تحريڪ انصاف سان ساٿ نه ٿي ڏئي جنهن ڪري حڪومت کي مجبورن آرڊيننس ذريعي قانون سازي ڪرڻي پئجي رهي آهي، انهيءَ ڏس ۾ وزيراعظم جو پاڻ به اهو ئي چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت مخالف ڌر جي سهڪار نه ڪرڻ باوجود ملڪ جي ترقيءَ ۽ سماجي مسئلن جي حل لاءِ ضروري قانون سازي آرڊيننس ذريعي ئي ڪندي.

تحريڪ انصاف جي وفاقي قانون واري وزير فروغ نسيم جو به اهو ئي چوڻ آهي ته ” مخالف ڌر جي دلچسپي نه هجڻ ڪري آرڊيننس ذريعي ئي قانون سازي ڪئي ويندي.“

انهيءَ سلسلي جي دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته جڏهن تحريڪ انصاف جي وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ قانون سازيءَ واري عمل بابت بحث ٿيو ته ڪافي ميمبرن جو اهو رايو هو ته قانون وارن گهڻ تڻن مسودن جو تعلق عام ماڻهن جي مفاد سان آهي تنهنڪري ضروري آهي ته انهن کي پاس ڪرائڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي،

جڏهن ته ڪافي ميمبرن جو اهو به چوڻ هو ته جيئن ته پارليامينٽ ذريعي قانون سازيءَ وارو عمل تمام گهڻو پيچيده ۽ ڊگهو آهي تنهنڪري قانون سازي آرڊيننس ذريعي ڪرڻ وارو عمل ئي بهتر آهي، تحريڪ انصاف جي ڪابينه ۾ قانون سازيءَ متعلق ٿيل اهڙي بحث مان اها ڳالهه به ظاهر ٿي رهي آهي ته صدارتي آرڊيننس ذريعي قانون سازي ڪرڻ واري عمل تي تحريڪ انصاف اندر پڻ ڪافي اختلاف آهن جن کي ماٺو ڪرڻ لاءِ وزيراعظم پاڻ ۽ خاص ڪري قانون وارو وزير فروغ نسيم سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

دنيا جي اڪثر جمهوري ملڪن ۾ صدارتي آرڊيننس ذريعي قانون سازي ڪرڻ جي ڪابه گنجائش نه آهي، جڏهن ته پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن جي آئين ۾ صدارتي حڪم ذريعي قانون سازي ڪري سگهجي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ اڪثر حڪومتون پوءِ اهي ڀل جمهوري هجن قانون سازي ڪرڻ لاءِ آرڊيننس جو ئي رستو اختيار ڪن ٿيون، تحريڪ انصاف جو وزيراعظم عمران خان ايترو به چئي چڪو آهي ته موجوده حڪومت مخالف ڌر سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ بجاءِ آرڊيننس ذريعي قانون سازي ڪرڻ واري عمل کي اوليت ڏئي ٿي.

سوال هي آهي ته جيڪڏهن پاڪستان جي چونڊيل جمهوري حڪومتن جا وزيراعظم ۽ حڪومتون ملڪ ۾ قانون سازيءَ واري عمل کي پارليامينٽ ۽ مخالف ڌر سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ بجاءِ اهو بهتر سمجهن ته قانون سازيءَ لاءِ آرڊيننس جو رستو اختيار ڪيو وڃي ته اها ڪا سٺي روايت نه آهي ۽ اهڙي رويي ۽ روايت ۾ جهڙوڪر پارليامينٽ مورڳو ئي بي مقصد ۽ بيڪار ٿي وڃي ٿي جيئن موجوده دور ۾ نظر اچي رهي آهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.