محمد ابراهيم جويو جي شخصيت ۽ خدمتون

رضوان گل

ڪجهه ماڻهو قومن جي علم، ادب، ثقافت ۽ ذهني اوسر جي حوالي سان پيڙهه جي پٿر واري حيثيت رکندا آهن ۽ پنهنجي علمي بصيرت ذريعي قومي شعور ۽ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. اهڙا ماڻهو ڪنهن به ٻولي ۽ علم و ادب لاءِ سرمايو هجن ٿا.

سنڌي قوم جي ذهني تربيت ۾ جن ماڻهن تمام ڀرپور ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي انهن ۾ محمد ابراهيم جويي جو نالو وڏي اهميت وارو آهي. محمد ابراهيم جويو نظرياتي حوالي سان اڄ به اُتي ئي موجود آهي ۽ ان ئي فڪر سان سلهاڙيل آهي جتان هن پنهنجو سفر شروع ڪيو هو. هن جي خيالن ۽ نظرين سنڌ جي ماڻهن جي ذهني لاڙن ۾ انقلابي تبديليون آنديون. جويي صاحب جتي به ليڪچر ڏنا، اتي ماڻهو سندس مداح ٿي پيا. سائين جي ايم سيّد ۽ شيخ اياز جهڙين قدآور ۽ مَهان شخصيتن کان پوءِ محمد ابراهيم جويو ۽ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ۽ اهڙا چند ئي ٻيا ماڻهو ئي هئا، جن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيو.ڪنهن وڏي شخصيت بابت لکڻ ان ڪري به ڪافي ڏکيو هوندو آهي جو ان جي ڪيل پورهئي جا ڪيترائي رخ هوندا آهن، جن کي هڪ ئي وقت پوري ذميواريءَ سان بيان ڪرڻو هوندو آهي ۽ ٻيو ته پنهنجو قد ان وقت هماليه جي چوٽيءَ جي هيٺان بيٺل ننڍري ڪِوِل جيترو ڏسي به اهو گمان ٿيندو آهي ته شايد سندس محبت ۽ محنت سان ڪيل پورهئي جو ڪاٿو ڪري نه سگهجي ۽ سندس ذڪر ڀرپور انداز سان ٿيڻ کان رهجي وڃي. جويي صاحب جو نالو يقيناً اهڙين ئي شخيتن ۾ شامل آهي.محمد ابراهيم جويو تعلقي سيوهڻ جي لڪي تيرٿ ڀرسان ڳوٺ آباد ۾ 13 آگسٽ 1915ع تي جنم ورتو، بنيادي تعليم آباد ۽ سنَ ۽ بعد ۾ مئٽرڪ 1934 ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي، انٽر 1936 ۾ ڊِي جي (ڏيارام ڄيٺمل) ڪاليج، گريجوئيشن 1938 ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۽ بِي ٽِي 1942 ۾ بمبئي مان ڪيائين.

1938 ۾ سنڌ مدرسي ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان ملازمت جو آغاز ڪيائين، 1942 ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول ٺٽي جو هيڊ ماستر ٿيو، جنهن بعد گورنمينٽ ڪاليج فار مين ۾ استاد ٿيو. 1951 ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ 1955 ۾ ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. اهڙي طرح 1973 ۾ نوڪريءَ تان رٽائرمينٽ ورتائين. 1997 کان 2002 تائين کيس سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمئن طور خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو. ڪراچي ۾ ملازمت دؤران اڪثر سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون به منعقد ڪرائيندو رهيو. سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ جو ڪيس به وڙهيو، بي ڊپو ٿي لکندو ۽ پروگرامن ۾ بيباڪيءَ ڳالهائيندو رهيو. وقت جي حڪمرانن سان اصولي ڳالهين تي مهاڏو اٽڪائڻ ۾ هن ڪا به جِجَهڪ محسوس نه ڪيائين. پاڻ هميشه هڪ اديب ۽ دانشور طور ڀرپور مزاحمتي ڪردار نڀائيندو رهيو.
محمد ابراهيم جويو هڪ ئي وقت بهترين نقاد ۽ دانشور به آهي ته مترجم ۽ سچو سياسي ڪارڪن به. هن هميشه هڪ ڪارڪن جيان ئي ڪم ڪيو ، پر سندس سوچ، فڪر ۽ ڏاهپ کيس ماڻهن جي دلين ۾ هڪ اڳواڻ واري حيثيت ڏياري آهي. پنهنجي ارادن تي اٽل رهڻ وارو هي کاهوڙي هر دؤر ۾ سنڌيت جو نعرو بلند ڪندو رهيو. شيخ اياز سان سندس تمام گهڻي ويجهڙائي ۽ دوستيءَ جو سٻنڌ رهيو ۽ سائين جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجي جي سنڌي ماڻهن کي آزادي ۽ سندن حق ڏيارڻ واري جدوجهد ۾ پڻ سندس اهم ڪردار رهيو. هن ترقي پسند نظريي جي پرچار ۾ پنهنجا ڪيترائي هم خيال دوست پيدا ڪيا.محمد ابراهيم جويي جن ڪتابن جا ترجما ڪيا سي انتهائي ڪارائتا آهن. هن ادبي بورڊ ۾ ڪجهه معياري ڪتابن جا ترجما ٻين ناليوارن ليکڪن ۽ مترجمن کان به ڪرايا. سائين جي ايم سيّد جي ڪتابن جي شايع ڪرائڻ لاءِ پاڻ پروف ريڊنگ کان ويندي آخري مرحلن تائين جُڙيل رهيو. ساڳيءَ ريت هن سنڌ جي بيحد وڏي شاعر شيخ اياز جي ڪتابن جا بهترين مهاڳ پڻ لکيا جن مان اياز کي وڏو اتساهه مليو. شيخ اياز،  محمد ابراهيم جويي بابت لکيو آهي ته: ”ابراهيم جويي ۾ ڪوئي تذبذَب نه آهي، هن جا سياسي نظريا ۽ زندگيءَ جا اصول طَي شده آهن، جن ۾ ڦير گھير جي ڪائي گنجائش نه آهي. ترتيب ۽ تسلسل هن جي زندگيءَ جون نمايان خوبيون آهن، پسِ پردا رهي هن نئين سنڌ جي ذهني تربيت ڪئي آهي.“ابراهيم جويي بابت ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي لکيو آهي: ”محمد ابراهيم جويو هڪ اهڙو عالم، اديب، محقق، دانشور ۽ سياسي گُرو آهي، جنهن تي تمام گهڻو لکجڻ کپندو هو، پر هن يار نه ڪجهه پاڻ تي لکيو ۽ نه ڪنهن ٻئي کيس خاص ڪريڊٽ ڏنو. جِي ايم سيد، شيخ اياز، رسول بخش پليجو، مان پاڻ ۽ سنڌ جو سمورو ادبي لڏو محمد ابراهيم جويي جا قرضي آهيون. هن اسان کي صرف ڏنو آهي، ورتو ڪجهه به نه آهي.“

محمد ابراهيم جويو بحيثيت اديب ۽ دانشور گهڻو مشهور آهي، پر هي هڪ باشعور سياسي ڄاڻ رکندڙ خاموش ۽ گم نام ڪارڪن رهيو . هن تاريخي نوعيت وارا ۽ انتهائي ذميواريءَ وارا ڪم پڻ سرانجام ڏنا . جويو صاحب وڏي سياسي بصيرت رکندڙ ماڻهو هو. اهو ئي سبب آهي جو سياسي ڄاڻ ڏيندڙ سندس انتهائي لاڀائتا ليک دستاويز جي حيثيت رکندڙ آهن. محمد ابراهيم جويي ڪيترائي ڪتاب ترتيب ڏنا ۽ ڪيترائي ترجمو به ڪيا. هڪ ڪتاب انگريزي ٻوليءَ ۾ ”سيوِ سنڌ سيوِ ڪانٽينينٽ فرام فيوڊل لارڊس ڪيپيٽلس“ 1947 ۾ هن شايع ڪرايو، جنهن سبب کيس ملازمت تان به هٿ ڌوئڻا پيا. بعد ۾ مدرسي جي شاگردن هن جي حمايت ۾ جلسا جلوس ڪڍيا. ٽه ماهي رسالو ”مهراڻ“ 1955 ۾ شايع ڪرائڻ شروع ڪيائين، جنهن ۾ ناليوارن ليکڪن جي ليکن شايع ڪرڻ کان علاوه نون لکندڙن جي تمام گهڻي همت افزائي ۽ اصلاح پڻ ڪيائين. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي نوان لکندڙ اڀري آيا.

پاڻ  ٻه سال اڳ اڄ جي تاريخ تي لاڏاڻو ڪري ويا هيا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.