نواز شريف ڇا ٿو چاهي!

نذير سومرو

ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ جو ٽي دفعا وزيراعظم رهندڙ (جنهن لاءِ موجوده وزيرگھرو چيو هو ته هُو ڪرپشن جي ڪيس ۾ جيل ناهي ويو، هو ته چوٿون دفعو به وزيراعظم ٿئي ها جيڪڏهن پنهنجي ضد تان لهي ها) نواز شريف جو بيان اخبارن جي زينت بڻيو ته سنڌين، بلوچن ۽ پختونن کي سدائين لاش ملندا رهيا آهن پنجابين کي به هڪ لاش ملڻ گهرجي. جيڪڏهن ائين ٿيو ته اهو مون لاءِ (نواز شريف لاءِ) فخر جو باعث هوندو. ڪيترو وقت اڳ ان ماڻهوءَ جي پارٽيءَ جي وفادارن/ميمبرن پاران به اسيمبلي اجلاسن ۾ سائين جي ايم سيد تي مڙهيل غداريءَ واري الزام تي سوال اٿاريا ويا هئا ۽ ان جو سبب ملڪ جي اصل مالڪن پاران مڙهيل ڪوڙي نظام کي قرار ڏنو ويو هو.

ان کان اڳ نواز شريف صاحب طبيعت جي ناسازيءَ سبب ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ جيل کان اسپتال آندو ويو جتي هن جي پليٽليٽس جو تعداد تمام گهڻو گهٽجي ويو هو جيڪو هن جي زندگيءَ لاءِ وڏو خطرو هو. هي اهو وقت هو جو مولانا فضل الرحمان جي پارٽيءَ پاران آزادي مارچ شروع ٿي چڪو هو جيڪو پوءِ اسلام آباد پهتو. جنهن وقت نوازشريف جو مٿيون بيان آيو ان وقت صورتحال تمام ڳنڀير هئي جيڪا خدا نه ڪري سندس موت تي اڃان وڌيڪ خراب ٿي پوي ها ۽ ٿي سگهي ٿو ته حڪمرانن جي هٿ وس ڪجهه به نه رهي ها.

اصل سوال اهو آهي ته هن اهو بيان ڇو ڏنو؟ ڇا کيس پنهنجي موت تي هڪ تمام وڏي تبديليءَ جو وجود ۾ اچڻ نظر اچي رهيو آهي. ڇا هو سمجهي ٿو ته بينظير جي موت وقت جيڪا ملڪ جي صورتحال ٿي هئي سندس موت تي به ائين ئي ٿيندو ۽ اهو گهڻو ڪجهه پنجاب ۾ ئي ٿيندو؟ ڇا هو چاهي ٿو ته سندس هجڻ نه هجڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي پر جيڪا جدوجهد هو ڪجهه سالن کان ڪندو پيو اچي اها ڪامياب ٿئي ۽ تاريخ ۾ سندس نالو انهن سان گڏ هجي جن کي اڄ تائين ملڪ جي مالڪن غدار پئي ڪوٺيو آهي جنهن جي ابتڙ تاريخ سندن نالو انتهائي احترام سان کڻندي آئي آهي .

ته ڇا هن ماڻهوءَ پنهنجي سياسي سفر ۾ سمجهي ورتو آهي ته اصل هيرو ڪير هوندو آهي. عوام سان بيهندڙ يا اسٽيبلشمينٽ سان. تاريخ ڪهڙي قسم جي انسانن جو نالو سونهري لفظن ۾ لکندي آهي ۽ ڪنهن کي پنهنجي سونهري ورقن کان ٻاهر رکندي آهي؟

ڇا هن سمجهي ورتو آهي ته سندس سياسي سفر جيڪو سڀني (اٽڪل سڀني) سياستدانن وانگر هڪ ”فرمانبردار/جي حضوريءَ“ کان شروع ٿيو هو هاڻي انهن جي ئي نافرمانين تي ختم ٿئي جيڪا سندس خوشنصيبي هوندي!؟

سوشل ميديا تي محترم آصف علي زرداري صاحب جي حوالي سان به ڪجهه وقت اڳ هڪ خبر هئي ته  وقت اچي ويو آهي ته ڳڙهي خدابخش هڪ وڌيڪ لاش وڃڻ گهرجي.

تاريخ وڏي ۾ وڏو استاد آهي. هي اهو استاد آهي جتي هر شاگرد اچڻ وقت کيس (تاريخ کي) شڪ جي نظر سان ڏسندو آهي جيڪو اڳتي هلي هن استاد جا هٿ چمي کيس مرشد سمجهندو آهي سندس لکت جي هر لفظ، نقطي، جملي کي مقدس سمجهندو آهي. تاريخ جو سبق ڏکيو ضرور آهي پر وڏو ڪارائتو آهي.

تاريخ پنهنجو فرض سمجهندي ذوالفقار علي ڀٽي کي به خبردار ڪيو هو ته بينظير کي به، نواز شريف کي به ته آصف زرداريءَ کي به پر انهن سڀني ان وقت سندس ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي جيڪا پوءِ هڪ هڪ اکر صحيح ثابت ٿي. ڏک انهن (مٿين) کي، تاريخ کي ۽ مون سميت تاريخ جي هر شاگرد کي رڳو ان ڳالهه جو آهي ته ان وقت راند اسان سڀني جي هٿن مان نڪري چڪي هئي. مٿين سياستدانن تجربن کان پوءِ ائين سمجهيو جڏهن ته سنڌ سميت ملڪ ۾ ٻيا به گهڻا ئي ليڊر هئا جن تجربن کان اڳ به ڪجهه نه ڪجهه سمجهي ورتو هو ته ”هيءَ گاڏي ايڪسيڊنٽ ڪندي ۽ ڊرائيور مسافرن سميت مري ويندا“. ان وقت گاڏيءَ جو اسٽرينگ ڪن ٻين جي هٿن ۾ هوندو ۽ هي سڀ بيوس هوندا.

1977 ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي لاءِ توبهه جا سڀ دروازا بند ٿي چڪا ۽ هن محسوس ڪيو ته تاريخ جهڙي استاد جو چوڻ نه مڃڻ سبب هو سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو آهي، تڏهن ملڪ جي هڪ اهڙي سياستدان جنهن تاريخ جي تجربيگاهه مان گذرڻ بنا سياست جا داءِ پيچ سمجهي ورتا هئا تنهن سان ذوالفقار علي ڀٽي صاحب صلاح ڪئي. ان همراهه پاران اهڙي نقشي ڪڍي ڏيکارڻ تي ته هاڻي تو لاءِ توبهه جا سڀ دروازا بند ڪرائي هنن تو کي سوگهو ڪري ورتو آهي. هاڻي تون جيڪڏهن ڪا عوامي ڳالهه ڪندين ته عوام ان تي ويساهه ڪونه ڪندو ۽ ”هو“ به تو کي فرمانبردار ڪونه مڃيندا. تڏهن ڀٽي صاحب ٿڌا ساهه ڀريندي چيو ته ڪاش مان هن سان گهڻو اڳ ملان ها.

تاريخ هينئر به وقت جي ”فرمانبردارن“ کي خبردار ڪندي رهي ٿي ته  هو پاڻ سنڀارين متان اڳتي هلي هنن سان به اهو ڪجهه ٿئي جيڪو ٻين سان ٿيو هو پر هي به اڳين وانگر ”تڪبر“ ۾ آهين ڪنهن جي ڪونه پيا ٻڌن سندن اکيون بند آهن. الائي ڇو دل اهو سڀ ڪجهه سٺو نه سمجهندي به اهو ڏينهن ڏسڻ چاهي ٿي ته هي به چون ته ”هئي پر ولوءَ کان وئي“.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.