جمهوريت ۾ استادن کي احتجاج جو حق ناهي ..!

رکيل مورائي

سنڌ جي وڏي وزير ۽ تعليم واري وزارت سميت سنڌ حڪومت جس لهڻي  ۽ پڪ سان ان جس ۾ اهي سڀ ڀاڱي ڀائيوار آهن جيڪي اسيمبليءَ ۾ تعليم بابت قانون جوڙين ستت ان تي عمل به ڪرائين  ڪِن ڪِن حالتن ۾ سختي به ڪن، جنهن  جو تازو مثال ڪاليجي استادن جي گهرجن بابت احتجاج آهي، جيڪو سنڌ جي راڄڌانيءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ ڪيو ويو ۽ رد عمل ۾ سنڌ حڪومت جيڪو مان استادن کي ڏنو، اهو نه رڳو هن ملڪ جي سمورن ماڻهن ڏٺو پر ميڊيا ذريعي سموري دنيا ۾ رهندڙ سنڌين پڻ ان جو عملي مشاهدو ڪيو ۽ سنڌ حڪومت کي ساراهيو .

سچ اهو  آهي ته ڪنهن به حڪومت کي پنهنجو وقار  وڌائڻ لاءِ اهڙي سختي ڪرڻ جڳائي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به آمريت پسند ملڪ ۾ عام ماڻهو جڏهن به ڪنهن حڪومت کي سندس ڪاروهنوار کي يا شهر جي روڊ رستي تي ڪابه بدمزگي ڪندو آهي ته ان جي مسئلي حل ڪرائڻ واري خواهش جو احترام ڪندي سڀ کان پهريان ان سان ورتاءُ اهڙو ڪيو ويندو آهي، جو هُو نه پاڻ رهي ۽ نه سندس مسئلا رهن، ڇاڪاڻ ته هو عام ماڻهو هوندو آهي، ان کي مسئلن حل ڪرائڻ جي سڌ نه هوندي آهي ان ڪري ان سان ائين ئي پيش اچڻ گھرجي .

سنڌ ۾ جيئن ته جمهوري حڪومت آهي، اُها جمهوريت جنهن کي واپس ڪرائڻ لاءِ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو هڪ نئين ڪربلا  مان گذريا هُئا، جنهن ڪربلا کي اسان جي نسل اکين سان ڏٺو به ته ڀوڳيو به، ان جي مهابي آيل جمهوريت کي پنهنجي حڪومتي ۽ قانوني طور ائين ئي ڪرڻ جڳائي، ڇاڪاڻ ته جن احتجاج ڪيو آهي اهي عام ماڻهو نه آهن، لکيل پڙهيل آهن، کين قانون جي ٿوري گھڻي ڄاڻ آهي پوءِ به هڪ جمهوري حڪومت ۾ احتجاج ڪن ته انهن کي اهڙي ئي سيکت ڏني وڃي . ڇاڪاڻ ته حڪومت جا ڪارندا وزير،مشير ۽ اسيمبلي ميمبر چوويهه ڪلاڪ ڪم ڪن ٿا تڏهن وڃي مس پنهنجي لاءِ ڪجهه وڌيڪ گُھر ڪن ٿا. ڪاليجن جا استاد ڇهن کان اٺن ڪلاڪن تائين پڙهائين ٿا ۽ وري گھر ان کان به گھڻي ڪن ٿا، جنهن جا هو مستحق نه آهن .

سنڌ ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي حڪومتي عملدارن  ۽ بيوروڪريٽس جهڙا اڻ ڄاڻ ويٺل نه آهن جو هنن استادن کي ٽائيم اسڪيل ۽ انهن صوبن جهڙيون ٻيون سهولتون ڏين انهن صوبن ۾ جمهوريت لاءِ ڪيترن ماڻهن پنهنجا جهڳا جهڻ ڪيا آهن؟ جڏهن ته سنڌ گھڻا ڏک ڏسي، هي جمهوريت آندي آهي ۽ ان ۾ وري احتجاج ٿيڻ لڳن ته اهو ڪنهن به طرح واجب نه آهي. ان عمل کي جمهوريت دشمني سمجهڻ گھرجي ۽ انهن جمهوريت دشمن استادن سان سختي سان پيش اچڻ گھرجي .

ڪاليجي استادن کي ايترو ته سوچڻ گھرجي ته هن جمهوري حڪومت جا اڪثر اڳواڻ ڪرپشن جي ڏوهن ۾ ڪي جيلن ۾ آهن ته ڪي لڪل آهن ۽ ڪن تي نيب ڪرڙي اک رکي ويٺي آهي، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت انهن مسئلن کي منهن ڏئي يا هنن استادن جي مسئلن کي منهن ڏئي .

سنڌ حڪومت لاءِ اهو پڻ وڏو مسئلو آهي ته جيڪڏهن انهن جي اڳواڻن تي ڪنهن به طرح ڪرپشن ۾ گڏ ڪيل پئسن جي چٽي ڪورٽ ۾ ڀرڻي ٿي پوي ته پوءِ اهي پئسا ڪٿان ايندا جو ان کان اڳ استادن جي مسئلن تي خرچ ڪري ڇڏين . استادن لاءِ اهو ويچارڻ جو لمحو آهي ته سندن ئي سنڌي ڀائر حڪومت ۾ آهن پوءِ به جلوس ڪڍي شهر جي روڊن رستن تي ڌرڻا هڻن ۽ احتجاج ڪن اهو کين مناسب نٿو لڳي .

سنڌ حڪومت ساڻن وري وري اهڙو وهنوار ڪيو آهي تڏهن به کين سمجهڻ ۾ نٿو اچي ته ان ۾ حڪومت جو ڪهڙو ڏوهه آهي، شايد استاد پاڻ ٻه ٽي درجا وڌيڪ پڙهي پيا آهن ته سندن دماغ  جائيتو نه رهيو آهي، جنهن سبب هي ڪو نه ڪو مسئلو  کڻي اچي ڪراچيءَ نڪرن ٿا . ان ڪري حڪومت سنڌ اڳتي لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ تي ويچاري رهي آهي ته پرائمري اسڪول کان هاءِ اسڪول ۽ هاءِ اسڪول کان ڪاليج تائين سمورا تعليمي ادارا بند ڪيا وڃن ۽ اهو سمورو پئسو انهن اڳواڻن تي خرچ ڪيو وڃي جيڪي قيدن ۾ آهن يا ڪيسن ۾ آهن

يونيورسٽيءَ جي تعليم جاري رکي وڃي ڇاڪاڻ ته جنهن به شخص ۾ پنهنجي طاقت هوندي ۽ اولاد سان محبت هوندي اهو پنهنجي اولاد کي پڙهائي يونيورسٽيءَ موڪليندو.  جنهن ۾ نه هوندي اهو ڀل پنهنجي ٻارن کي، ڇولن وڪڻڻ، ڪيلن جو گاڏو هلائڻ، مانڊڻي کولڻ، ڪاغذ ميڙڻ ۽ اهڙن ٻين هنرن جي سکيا ڏياري روزگار سان لڳائي، نه پڙهڻ وارا هوندا نه پڙهائيندڙ ۽ نه حڪومت جي مٿي جو سورُ !

سنڌ حڪومت جي اهڙن کنيل قدمن ۽ فيصلن جي سنڌ جي ماڻهوءَ کي کُلي دل سان آجيان ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به احتجاج نه هجڻ سبب کين شهرن ۾ امن امان سان زندگي گذارڻ جو موقعو ملندو ۽ حڪومت کي به تعليم جي مد ۾ ضايع ٿيندڙ پئسن جي بچت ٿيندي ۽ جيڪڏهن اهي پئسا حڪومت کي ڪو مناسب فائدو ڏيئي سگهيا ته اڳتي لاءِ صحت واري کاتي بابت پڻ اهڙو فيصلو اسيمبليءَ ۾ آندو ويندو .

بهرحال ڪنهن به طرح استادن جي اهڙي ناجائزي برداشت نه ڪري سگهڻ جهڙي آهي .جنهن لاءِ حڪومت جيڪي اپاءُ ورتا آهن انهن مان ڪجهه، ٻه ڏينهن اڳ عمل ۾ آيا آهن ڪجهه، اڳتي هلي عمل هيٺ آندا ويندا ڇاڪاڻ ته اسان لاءِ جمهوريت ۽ ان جو تقدس وڌيڪ اهم آهي ڇو ته جمهوريت هوندي ته اسين سڀ هوندا سين ڪنهن به طرح سنڌين کي جمهوريت جو ساٿ ڏيڻ کپي، ننڍن ننڍن مسئلن لاءِ سوچڻ نه گھرجي . ننڍا مسئلا ننڍيون قومون ۽ ماڻهو آڏو رکندا آهن،  اسان آڏو وڏا آدرش هجڻ کين، جيئن اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ هُئا ۽ اسان فتح ماڻي ورتي، هن فتح کي جيڪو شڪست ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ان سان سختيءَ سان پيش اچبو جيئن ڪاليجي استادن سان حڪومت پيش آئي آهي ڇو ته اها جمهوريت جي تقاضا آهي ڪنهن به طرح جمهوريت  زندهه آباد ٿيڻ گھرجي باقي مسئلا سڀ پوءِ حل ڪري سگهبا !!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.