نياڻي وديا ڪٿي گم آهي؟

چوندا آهن ته جتي باهه لڳي اهو هنڌ سڙي ،جهن جو هنڌ سڙي تنهن کي ڪل پوي، سنگ مرمر ۽ ٿڌين هوائن وارن ڪمرن ۾ ويٺلن کي ڀلا ڪهڙي خبر ته ڪنهن مسڪين جي گهر جي سونهن ۽ ماءُ پيءَ جي ٿڪاوٽن جي دردن جي دوا سمجهي ويندڙ سندن نوجوان نياڻي ”وديا“ستن مهينن کان لاپتا آهي

20 مئي 2019 وارو ڏينهن انهن ماءُ پيءَ لاءِ  ڪيڏو نه بدنصيب هو جنهن ڏينهن 16 سالن جي وديا گُم ٿي. وئي پر  اڄ تائين گهر واپس نه موٽي سگهي، سندس پيءُ راجيش جي خواهشن جو قتل ۽ امڙ جون مسڪراهٽون گهڙي پل ۾ دفن ٿي ويون ۽ اکڙين جا آگم بيهڻ جو نالو ئي نٿا وٺن ، وديا جي تلاش ۾ سڀ اميدون ختم ٿيڻ کانپوءِ سندس امڙ  پنهنجي دادلي ڌيءَ جي هر روز سج جي اڀرندڙ روشنيءَ ۾ ڳولها ڪري ٿي، سندس پيءُ راجيش پنهنجي مٺڙي ڌيءَ جي ڳولا لاءِ پوليس کان نا اميد ٿي، هر انساني حقن جي دفتر آڏو جهوليون ڦهلايون پر هر طرف کان سکڻا آسرا ئي سندس نصيب ۾ آيا، ستن مهينن کان لاپتا وديا جو پتو لڳائڻ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به بي وس بڻجي ويا آهن .

ڪراچي جي ضلعي اولهه جي جي يو سي ماڙيپور پوليس اسٽيشن جي حد مان 20 مئي تي گم ٿيل نائين ڪلاس جي شاگردياڻي هندو نينگري وديا جي لاپتا ٿيڻ بابت پوليس اسٽيشن ماڙيپور تي سندس والد راجيش طرفان  گم ٿيڻ جي ايف آئي آر نمبر 118 درج ڪرائي وئي،جنهن بعد انساني حقن بابت وڏي وزير جي معاون خصوصي وير جي ڪولهي نوٽس وٺندي وڏي وزير مراد علي شاهه ڏي خط لکيو، وڏي وزير خط جو ترت نوٽس وٺندي آءَ جي سنڌ ڪليم امام کان رپورٽ طلب ڪئي، وديا ڪيس ۾جاچ ڪندڙ پوليس آفيسر ارشد تنولي پنهنجي جاچ رپورٽ ڄاڻايو آهي ته وديا 20 مئي 2019 واري ڏينهن جو 12 وڳين گهر ڀاتين کي ٻڌائڻ کانسواءِ گهران نڪري وئي، جنهن جو پتو ناهي پئجي سگهيو. جاچ ڪري رهيا آهيون ڳولڻ جي ڪوشش جاري آهي پر وديا جو ڪو به ڏسُ نٿو ملي، شڪ آهي ته وديا کي اغوا ڪيو ويو آهي.

نينگري وديا  جي گم ٿيڻ کانپوءِ سندس والد راجيش ڊپ مان پنهنجي 12 سالن جي پٽ ديپ کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، راجيش جو چوڻ آهي ته اسان  غير مسلم آهيون ان ڪري پوليس اسان جي نٿي ٻڌي، پوليس  ڪو پتو ناهي لڳائي سگهي، ان ڪري ائين نه ٿئي جو منهنجي معصوم پٽ ديپ کي به ڪير اغوا ڪري وڃي ان ڪري ديپ کي اسڪول وڃڻ کان روڪيو آهي، سندس پٽ ديپ 6 هين ڪلاس جو شاگرد آهي جيڪو ساڳئي اسڪول ۾ پنهنجي ڀيڻ وديا سان پڙهندو هو، راجيش جو چوڻ آهي ته وديا جي ڪمري مان 19 خط مليا آهن جيڪي مختلف ڇوڪرن جا لکليل آهن انهن ۾ ٻه هندو ڇوڪرا ۽ ٻيا مسلمان آهن جن ۾ اسان جي پاڙي جا چار جسڪاڻي ذات جا ڇوڪرا به شامل آهن، مونکي شڪ آهي ته انهن چئن ڇوڪرن مان هڪ ڇوڪرو آهي جيڪو منهنجي ڌيءَ وديا کي ورغلائي وٺي ويو آهي، راجيش پنهنجي ڌيءَ وديا کي ياد ڪندي اکين مان لڙڪ نه روڪي سگهيو هن چيو ته ستن مهينن کان وديا لاپتا آهي اسان جو سڪون برباد ٿي ويو آهي ڪم ڪار به نٿو ٿي سگهي مالي حوالي سان به ڏاڍي تڪليف آهي، ڪير به سار نٿو لهي،افسوس ته اسان جا مهاراج به نٿا ملڻ چاهين، جادو ٽوڻن کان به خبر نٿي پوي، اسان غريب آهيون سوچون ٿا هتان لڏي هليا وڃون پر چئون ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ وديا جو لاش ملي يا خبر پوي ته هوءَ ڪٿي آهي پوءِ آسرو پلي ڪيڏانهن هليو وڃجي،

وديا جي لاپتا ٿيڻ ۽ ان جي آزادي جي ذميوار سنڌ حڪومت ۽ ان سان لاڳاپيل ادارا آهن انهن جي پهرين ذميوارين ۾ ڪنهن به شهريءَ جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ آهي اتي مال جي لٽ مار کي کڻي پاسي تي رکو پر گهٽ ۾ گهٽ نياڻيءَ جو گم ٿيڻ انهن ادارن لاءِ سواليه نشان آهي ، ڇا جديد دور ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڳولهڻ ادارن لاءَ وڏو مسئلو آهي بلڪل نه ،، ته پوءِ هي ادارا وديا جي لاپتا کان اڻڄاڻ ڇو بڻيل آهن ڇا ڪنهن سياستدان يا ڪنهن بااثر ماڻهوءَ جي ڌيءَ وديا جيان لاپتا ٿئي ها ته هيءُ حڪومتي عملدار ائين پر سڪون ٿي ڪري اها ئي رپورٽ ڏين ها ته بس اسان ڳولها ڪري رهيا آهيون ، خدارا انهن ڊرامن کي ڇڏيو ۽ وديا جي گم ٿيڻ جي ايمانداريءَ سان جانچ ڪري ان کي بازياب ڪرايو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.