ڪرتار پور راهه داري: نئين دور جي شروعات

سحر بلوچ

پاڪستان سرڪار گرونانڪ جي 550- هين جنم ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان ايندڙ سک ياترين کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪرتار پور رهداري کولڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ سک ياترين لاءِ ڪيترين سهولتن جو اعلان پڻ ڪيو آهي جنهن بعد اهو امڪان آهي ته هندستاني پنجاب مان سک ياترين جو هڪ وڏو انگ پاڪستان اچي ۽ گرونانڪ جي 550- هين جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت ڪري.

پاڪستان ايندڙ سک ياترين کي نه ته هن سال لاءِ پنهنجو پاسپورٽ آڻڻ جي ضرورت هوندي ۽ نه ئي پاڪستان سرڪار کي پاڻ متعلق اڳواٽ ڪا معلومات جمع ڪرائڻي پوندي ۽ نه ئي کين پاڪستان اچڻ لاءِ ڪا ويزا في ڏيڻي پوندي، کين رڳو ٻن ڏينهن لاءِ 9- کان 11 – نومبر تائين پاڪستان اچي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ جي اجازت هوندي. پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جو چوڻ آهي ته اهڙي معلومات هندستان سرڪار کي ڏني وئي آهي، جڏهن ته پاڪستاني فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور هڪ ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته، ” سک ياترين کي پنهنجي سڃاڻپ لاءِ پاسپورٽ يا پرمٽ آڻي پوندي”،

پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان محمد فيصل جو چوڻ آهي ته آءِ ايس پي آر جو بيان پاڪستان جي ڪرتار پور متعلق پاليسيءَ مطابق آهي، بعد ۾ هُن فون تي بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته ڪرتار پور متعلق آءِ ايس پي آر جي بيان کي ” مس ڪوٽ“ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پهرين نومبر تي پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان هڪ ٽوئٽ ۾ چيو هو ته پاڪستان ايندڙ سک ياتري ڪنهن به سڃاڻپ واري دستاويز سان گڏ ڪرتار پور ياترا تي اچي سگهن ٿا انهن لاءِ پاسپورٽ جو هجڻ ضروري نه آهي. ڪرتار پور راهداريءَ جو افتتاح اڄ ٿيندو جنهن بعد هندستان کان پاڪستان ايندڙ سک ياتري ڪرتار پور اچي سگهندا ۽ 12- نومبر تائين تقريبن ۾ شرڪت ڪري واپس ٿيندا.

گذريل ڏينهن پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان محمد فيصل هڪ بريفنگ ۾ چيو هو ته هاڻي سک ياترين کي پاڪستان اچڻ لاءِ ويزا جي ضرورت نه پوندي، پاڪستان گرو نانڪ جو نالو وٺندڙن جي پراڻي خواهش کي پورو ڪيو آهي جيڪو عمل عين اسلامي اصولن موجب آهي، انهيءَ ڏس ۾ پاڪستان هڪ خاص سڪو ۽ پوسٽ جي ٽڪلي پڻ متعارف ڪرائي آهي. پرڏيهي دفتر موجب ياترا لاءِ ايندڙ سکن جو انگ پنجن هزارن تائين متوقع آهي، جڏهن ته سک ياترين جي انگ ۾ واڌ جو پڻ امڪان آهي.

انهيءَ ڏس ۾ پاڪستان ۽ هندستان سرڪار وچ ۾ جيڪي معاهدا ٿيا آهن انهن موجب پاڪستان ايندڙ ياترين لاءِ اليڪٽرانڪ رجسٽريشن ۽ پاسپورٽ جي ضرورت هوندي، ويزا جي ضرورت نه هوندي. جڏهن ته ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اها ڳالهه به طئه ٿي هُئي ته پاڪستان ويندڙ سکن کي 10- ڏينهن اڳ پنهنجي معلومات جمع ڪرائڻي پوندي، جڏهن ته هاڻي پاڪستان پاران پاسپورٽ آڻڻ جي شرط ۽ ڏهه ڏينهن اڳ معلومات جمع ڪرائڻ وارن شرطن کي نرم ڪيو ويو آهي، ۽ هندستان سرڪار کي پاڪستان سرڪار پاران اهڙي معلومات کان پڻ آگاهه ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي دفتر جي ترجمان جو اهو پڻ چوڻ هو ته هن دفعي هندستان جو اڳوڻو ڪرڪيٽر ۽ سياستدان نوجوت سنگهه سڌو پڻ پاڪستان ايندو.

بي بي سي جي ٿورن سان

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.