ڇا نواز شريف حڪومت سان ڊيل ڪري ڇڏي؟

علي ٿهيم

پي ٽي آءِ جي اگسٽ 2018 ۾ حڪومت اچڻ کان پوءِ وزير اعظم عمران خان پاران ڪرپشن خلاف وڏيون دعوائون ڪيون هيون ته ڪرپٽ ماڻهن کان ملڪ جي لٽيل دولت واپس وٺڻ کان سواءِ انهن مان هٿ نه ڪڍندس، سندس دور ۾ نواز شريف ، آصف علي زرداري ، مريم نواز ، حمزا شهباز ، خواجا سعد رفيق ، شاهد خاڪان عباسي ، سيد خورشيد شاھ سميت ڪيترن سياستدانن ، بيورو ڪريٽس کي پڪڙي جيلن حوالي ڪيو ، ۽ وزير اعظم روزانو انهن کان پئسا واپس وٺڻ جون دعوائون ڪندي نظر پئي آيو ان دوران هن سياستدانن کي جيلن ۾ مليل اي سي واري سهولت به واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو ، جيڪي سياستدان جيل پهتا انهن جي جيل ۾ طبعيت به خراب ٿي پيئي جنهن تي وزيراعظم چوندو رهيو ته انهن کي اڃا روئاريندس ، پر اين آر او نه ڏيندس، مون انهن کي اين آر او ڏنو ته قوم کي ۽ خدا کي ڪهڙو منهن ڏيکاريندس ،

خير اهي ته هئا وزير اعظم جا خيال ، تازو جي يو آءِ سربراھ مولانا فضل الرحمان ڪراچي کان آزادي مارچ شروع ڪيو ، جيڪي اسلام آباد پهتو ، اسلام آباد مارچ پهتو ته ان مارچ کي بلاول ڀٽو زرداري ، شهباز شريف ، ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسان مولانا سان گڏ هونداسون ۽ هن حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪنداسون ، مولانا فضل الرحمان جو آزادي مارچ وڏي جاهه و جلال سان اسلام آباد ۾ داخل ٿيو ته حڪومت جا وار اڀا ٿي ويا، حڪومت کي تصور ئي نه هو ته مولانا فضل الرحمان سان لکين ماڻهو اسلام آباد ايندا ،

هڪ پاسي مولانا فضل الرحمان جو مارچ مٿان محمود خان اچڪزئي ، اي اين پي ، جي کليل حمايت ۽ پ پ پ ۽ ن ليگ پاران نه صرف جي يو آءِ جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو پر بلاول ڀٽو ۽ شهباز شريف خود به مولانا سان گڏ ڪنٽينر تي چڙهي حڪومت خلاف هر محاذ تي ويڙھ جا اعلان ڪيا ، ان صورتحال کي ڏسندي حڪومت به پير پوئتي ڪرڻ شروع ڪيا ، ڌرڻي کان پوءِ اهي ڳالهيون به منظر تي اچڻ لڳيون ته مشڪل ۾ ڦاٿل پارٽين جا سربراھ اين آر او وٺي سگهن ٿا ، اهي ٿي سگهي ٿو مولانا جي ڪلهي کي استعمال ڪري فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪن ، جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ان ڌرڻي جا اثر ظاهر ٿيڻ لڳا ن ليگ ۽ پ پ پ تان بلائون ٽرڻ شروع ٿي ويون ، انهن پارٽين جي سربراهن پاران شروع ۾ پاڻ کي بيمار ظاهر ڪيو ويو هو ته اهوئي عمران خان چوندو هو ته هي بيمارين جا بهانا پيا ڪن پر ڌرڻي سندس هوش ٺڪاڻي تي آڻي ڇڏيا آهن ، هن پنهنجن وزيرن مشيرن کي منع ڪري ڇڏيو ته نواز شريف جي طبعيت بابت ڪير به تبصرو نه ڪري ، مطلب معاملا اڳتي وڌڻ شروع ٿي چڪا هئا ، مولانا فضل الرحمان پاران ڪوٺايل اي پي سي ۾ مولانا فضل الرحمان پاران مبينا طور تي پ پ پ ۽ ن ليگ جي قيادتن تي تحفظات ظاهر ڪيا ويا هئا ڇوته انهن پارٽين پاران صلاح ڏني پئي ويئي ته هن حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻجي ته بهتر ٿيندو ، هي رستن تي اچڻ وارو طريقو ۽ حڪومت ڊاهڻ وارو رستو ٺيڪ نه آهي ، جنهن تي مولانا ڳالھ سمجهي ويو ته هي ٻيئي پارٽيون مون کان ويون هليون ، عوامي سطح تي به اهڙا خدشا ظاهر ڪيا پئي ويا ڇوته ن ليگ جا اڳواڻ مشرف دور ۾ به اهڙا خفيا ٺاھ ڪري ملڪ مان راتو رات نڪري ويا هئا ، هن وقت اهي افواھ ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن ته ميان نواز شريف علاج جي نالي تي ٻاهر وڃي سگهي ٿو ۽ مبينا طور سندس ٻاهر وڃڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن ، ميان نواز شريف بابت ڊاڪٽرن جيڪي رپورٽون ٺاهيون آهن انهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سندس مرض جي خبر نه پيئي پوي ، مطلب ته ڊاڪٽرن اڻ سڌي طرح سان چئي ڇڏيو آهي ته نواز شريف کي ٻاهر موڪليو ،

هتي سياسي مارڪيٽ ۾ اهي به ڳالهيون هلن پيون ته آصف علي زرداري کي به سنڌ جي ڪنهن جيل ڏانهن موڪليو ويندو جنهن کان پوءِ سندس ضمانت وغيره جو فيصلو ڪيو ويندو ، ان کان سواءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ تان به بلا ٽري ويئي نه ته ڪجھه وقت اڳ اهو چيو پئي ويو ته مراد علي شاھ اجهو ٿو گرفتار ٿئي ،

ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف ٻاهر علاج لاءِ وڃڻ تي راضپو ڏيکاريو آهي ، جنهن لاءِ سندس پٽن لنڊن ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم به جوڙي ورتي آهي ، ذريعن موجب آصف علي زرداري جو وڪيل لطيف کوسا به جلد درخواست داخل ڪندي عرض ڪندو ته آصف علي زرداري بيمار آهي ان کي پرآئيويٽ ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي ،

مولانا فضل الرحمان آزادي مارچ ڌرڻو هڻي ٻين لاءِ ڪم ڀلو ڪري ڇڏيو آهي ، هن ڌرڻي مان کيس ته اڃا ڪجھه نه مليو آهي پر پ پ پ ۽ ن ليگ تان بلائون ٽرڻ شروع ٿي چڪيون آهن ، نواز شريف کي مليل رليف بابت وفاقي وزير غلام سرور انڪشاف ڪيو آهي ته نواز شريف کي ضمانت ملڻ ڊيل جو حصو آهي، سندس چوڻ هو ته نواز شريف اڳ به ڊيل ڪري ويو هو هن وقت به ڊيل ڪئي اٿس ، وفاقي وزير غلام سرور پاران اهڙي انڪشاف جو مطلب وزير اعظم عمران خان تي سڌو الزام هڻڻ آهي جيڪو چوندو رهيو آهي ته آئون انهن کي نه ڇڏيندس ، انهن کي روئاريندس ،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.