جروار اسپتال جي بحالي لاءِ تحريڪ شروع، شٽربند هڙتال، ڪاروبار بند

جروار (ن ع آ)  جروار اسپتال بحالي تحريڪ پاران اعلانيل شٽر بند ھڙتال کي جروار جي دڪاندارن کين ڀرپور موٽ ڏيندي احتجاج طور ڪاروبار بند ڪري شھري بک ھڙتالي ڪئمپ تي اچي پُھتا مکي درشن لال،  حشمت رام ۽ ٻين شھرين پاران ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، ٻئي طرف اسپتال جي بحالي لاءِ لڳايل ڪئمپ تي ايس ٽي پي وائيس چيئرمين ڄام فتاح سميجي ۽ زاھد ميراڻي يڪجھتي طور اچي پھتا، ڪارڪنن سميت ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو وچن به ڪيو آھي ان موقعي تي ڄام فتاح سميجو ڳالھائيندي چيو آھي ته جروار شھر تاريخي ھُئڻ باوجود بدقسمتي سان صحت جھڙي بنيادي سھولت کان وانجھيل آھي ان مان صاف ڳالھ نظر اچي رھي آھي ته چونڊيل نمائندن جي لاپرواھي ۽ صحت کاتي جي بالا آفيسرن جي بي ڌياني سبب جروار اسپتال زبون حالي جو شڪار ٿي بلڊنگ ناڪارا بڻجي وئي آھي ھن وڌيڪ چيو آھي ته جروار واسين جي اسپتال لاءِ جدوجھد ساراھ جوڳي آھي محنتون ، ڪوششون ڪڏھن به رائيگان وينديون ناھن بک ھڙتالي ڪئمپ تي ويٺل جروار واسين ڊي سي گھوٽڪي سميت وس وارن کان نوٽيس جو مطالبو ڪيو آھي ٻي طرف جروار واسين جي مسلسل جدوجھد ڏسندي پريس ريليز ڪندي  ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ليفٽيننٽ رٽائرڊ محمد خالد سليم چيو آهي ته جروار رورل هيلٿ سينٽر جي بحالي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون ان سلسلي ۾ سيڪريٽري هيلٿ کي گذارش ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل صحت مرڪز جي فوري طور ممت ڪرائي وڃي.6

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.