حڪومت جو 6 ارب يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي ڏيڻ جو فيصلو…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت 6 ارب رپيا يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي فوري ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، رقم مان اٽو، گيهه، چانور ۽ دالين جي قيمتن ۾ واضح گهٽتائي ايندي.

تفصيل موجب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ضرورت جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي آڻڻ، عوام کي ريليف ڏيڻ بابت اجلاس ٿيو  جنهن ۾ 6 ارب رپيا يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي فوري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، رقم مان اٽو، گيهه،کنڊ، چانورن ۽ دالين جي قيمتن ۾ واضح گهٽتائي ايندي.

 وزير اعظم عمران خان چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ آي تي کي ڪتب آندو وڃي، عوام کي  ريليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

هن چيو ته ڪوشش آهي ته غربت مان متاثر خاندانن کي خاص ريليف ڏنو وڃِي، معيشت جي صورت حال کي نظر ۾ رکندي حڪومت ڏکيا فيصلا ڪيا، انهن فيصلن جي ڪري اڄ معيشت ۾ استحڪام آهي.

وزير اعظم چيو ته اقتصادي انگ اکر بهتري ظاهر ڪري رهيا آهن، ايندڙ ڏينهن ۾ اقتصادي انگ اکرن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، ڏکين حالتن جي باوجود ريليف ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ضرورت جي شين جي عوام تائين پهچ کي جلد يقيني بڻايو وڃي.

ٻئي پاسي وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته 500 پوسٽ آفيسن کي به ضرورت جي شين جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، جلد ئي پاڪستان پوسٽ هوم ڊيلوري سروس به شروع ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.