500 ميگا واٽ جي 11 ونڊ پاور منصوبن جي منظوري…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته 500 ميگا واٽ جي 11 ونڊ پاور منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

تفصيل موجب توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 1800 کان 2000 ميگا واٽ واڌو پيداوار  صنعتن کي ڏينداسين، صنعت کي گهڻي کان گهڻو فائدو ٿيندو، واپاري، اقتصادي سرگرميون وڌنديون.

عمر ايوب چيو ته منصوبن سان ساڍا  6 رپيا يونٽ بجلي بڻجندي، 2025ع تائين ڪوشش آهي ته گهڻي کان گهڻي بجلي پيدا ڪري.

هن چيو ته سسٽ ۾ سستي بجلي آڻينداسين جنهن سان واپار وڌندو، ڪمرشل، واپاري، ٿري فيز ميٽرز وارن ماڻهن کي سهولت ڏينداسين.

وفاقي وزير چيو ته گهريلو ۽ ڪمرشل صارفن جي لاءِ رعايتي اگهن جو پيڪيج به آڻي رهيا آهيون، بجلي جي رعايتي اگهن مان 31.19 سيڪڙو صارف فائدو کڻندا، صنعتن جي لاءِ ڪابينا کان پيڪيج منظور ڪرايو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.