ڪرتارپور راهداري سان ڪهڙا رستا کلندا…!  پرڏيهي وزير جي ڳالهه ٻولهه

لاهور(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪرتارپور راهداري ترقي جا رستا کلڻ جو سبب بڻجندو.

تفصيل موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪرتارپور راهداري تي پنهنجو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ۾ سمورين اقليتن کي مڪمل مذهبي آزادي آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته هندو، مسيحي ۽ ٻيون اقليتون پنهنجون مذهبي رسمون آزاداڻي طريقي سان ادا ڪري سگهن ٿيون، افسوس ڪشمير ۾ ڀارتي حڪومت جمعي جي نماز تي به پابندي لڳائي رکي آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته پهريون ڀيرو گڏيل قومن ۾ ڪشمير جو مسئلو بحث هيٺ آيو آهي، او آءِ سي والاريل ڪشمير جي حمايت ۾ پنهنجو موقف ڏئي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته ڀارتي ڌمڪين جي باوجود مهاتير محمد ڪشمير تي پنهنجو موقف تبديل ناهي ڪيو، ڪرفيو کڻڻ کان پوءِ والاريل ڪش۾ير جو عوام پنهنجو احتجاج ريڪارڊ ڪرائيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.