”ڪجهه قوتون دٻاءُ وجهڻ پيو چاهن، اصولن تي سمجهوتو نه ڪندس“

مظفر ڳڙهه(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪجهه قوتون مون تي دٻاءَ وجهڻ چاهن ٿيون پر آئون اصولن تي سمجهوتو نه ڪندس.

مظفر ڳڙهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته حڪومت هڪ سال ۾ عيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي،  نااهل ٽولو ملڪ سنڀالي سگهي ٿو نه معيشت، احتساب جي نالي تي سياسي انتقام جي حد ڪئي وئي آهي، اِهو ڪهڙو احتساب آهي جيڪو رڳو مخالف ڌر جو ٿي رهيو آهي ڪيس سنڌ ۾ ٿيندو آهي پر هلندو پنڊي ۾ آهي، ڪجهه قوتون مون تي دٻاءُ وجهڻ چاهن ٿيون پر آئون اصولن تي سمجهوتو نه ڪندس عوام کي حڪومت جي رحم و ڪرم تي نه ڇڏينداسين، عوام جي حقن لاءِ وڙهندو رهندس.

هي به پڙهي سگهو ٿا:بلاول ڀٽو زرداري ”عدالتي نظام“ تي سوال اٿاري ڇڏيا…!

پ پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته پهرين به خبردار ڪيو هو ته هن ملڪ ۾ ڪٺ پتلي کي مڙهڻ جي تياري ڪئي وئي وڃي، وري اِهو ئي ٿيو 25 جولاءِ تي سليڪشن ٿي ۽ بدترين ڌانڌلي ڪئي وئي، پولنگ ايجنٽن کي پولنگ اسٽيشن کان ٻاهر اڇلايو ويو ۽ عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو ويو، ڪنهن پارٽي چونڊن کي قبول ناهي ڪيو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:بلاول ڀٽو زرداري کي پيءُ جي ڳڻتي…!

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون پهرين تقرير ۾ عمران خان کي چيو هو ته هن عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪيا ته تعريف ڪندساين پر واعدا پورا نه ڪيا ته ڀرپور مخالفت ٿيندي، هي حڪومت گذريل 10 سالن کان روئي رهي آهي ۽ هر قسم جو الزام هڻي رهي آهي پر هنن کان ڪير پڇي 10 سال پهرين سون جي قيمت ڇا هئي ۽ اڄ ڇا آهي، 10 سال اڳ پيٽرول، اٽو، گيهه کنڊ ۽ ٻيون کائڻ پيئڻ جو شيون ڪهڙي قيمت تي موجود هيون، گيس ۽ بجلي جون قيمتون ڇا هيون، آئون ان سليڪٽڊ حڪومت کي بي نقاب ڪري رهيو آهيان ۽ جيڪڏهن عوام چيو ته پيپلز پارتي ڌرڻي جي سياست به ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.