ايران ۾ زلزلو، 5 ڄڻا فوت، 300 کان وڌيڪ زخمي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي اتر اولهه حصي ۾ آيل زلزلي جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا فوت جڏهن ته 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ايران جي زلزلي ماپيندڙ مرڪز جو چوڻ آهي ته 5 ڏهائي 9 شدت جو زلزلو جمعي ڏينهن وچولي رات جو هڪ وڄي 17 منٽن تي آيو.

زلزلي جو مرڪز اتر آذربائيجان صوبي جي  شهر تبريز ۾ 120 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ هو.

زلزلو ماپيندڙ مرڪز زلزلي کي وچولي شدت قرار ڏيندي ٻڌايو ته ان جي گھرائي 8 ڪلومٽر هئي جنهن کان پوءِ 5 آفٽر شاڪس به آيا.

صوبائي گورنر محمد رضا پور محمدي ايراني ميڊيا کي ٻڌايو ته زلزلي سبب متاثر ٿيل 41 ڳوٺن ۾ ريسڪيو جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، پر ٻن ٻهراڙين ورناڪيش ۽ ورزغان ۾ وڌيڪ نقصان ٿيو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا:ڊينگي ويڪسين جا شروعاتي تجربا ڪامياب

ايمرجنسي سروسز موجب زلزلي کان پوءِ تقريبن 340 ماڻهن کي اسپتال منقتل ڪيو ويو، ۽  انهن مان ڪجهه ماڻهن کي علاج بعد فارغ ڪيو ويو آهي.

زلزلي ۾ تقريبن 40 گھر مڪمل طور تي تباهه جڏهن ته 200 کان وڌيڪ جانور به مري ويا آهن.

تقريبن 100 زخمين کي هنن جي تباهه ٿيل گھرن جي ملبي مان ڪڍيو ويو، ايمرجنسي ٽيمن 78 ٻهراڙين ۾ ضروري امدادي سامان فراهم ڪيو جڏهن ته ورناڪيش ۾ ايمرجنسي شيلٽر ڪيو ويو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: گڏيل عرب رياستن جي واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ خوشخبري..!

آمريڪي جيولوجيڪل سروي (يو ايس جي ايس) الرٽ وارننگ جاري ڪندي چيو ته زلزلي سبب وڏي پيماني تي جاني نقصانا واضح آهي .

زلزلي جا لوڏا صوبائي راڄڌاني تبريز کان سواءِ راشت شهر ۾ به محسوس ڪيا ويا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.