سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻي اي آءِ جي تنوير احمد طاهر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس کاتي ۾ ڪروڙين رپين جي فراڊ واري ڪيس بابت ٻڌڻي ٿي، عدالت اڳوڻي اي آءِ جي تنوير احمدطاهر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي اي آءِ جي تنوير احمد طاهر جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي جڏهن ته اڳوڻي اي آءِ جي فدا شاهه کي آزاد ڪرڻ جي خلاف نيب چيئرمين جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تنوير احمد طاهر جي سزا جي خلاف اپيل جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران عدالت اڳوڻي اي آءِ جي تنوير احمد طاهر جي سزا ڪالعدم قرار ڏئي جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جڏهن ته اي آءِ جي فدا شاهه کي بري ڪرڻ جي خلاف نيب چيئرمين جي اپيل رد ٿي وئي، عدالت فدا شاهه بابت احتساب عدالت جي فيصلي کي درست قرار ڏئي ڇڏيو، خيال رهي ته احتساب عدالت اڳوڻي اي آءِ جي فدا شاهه کي آزاد ڪري ڇڏيو هو.

احتساب عدالت تنوير احمد طاهر کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، ٻنهي آفيسرن تي پيٽرول ۽ سي اين جي جا ڪوڙا بل بڻائڻ جا الزام هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.