يقين آهي ته فضل الرحمان…! چوڌري سرور وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر چوڌري سرور چيو آهي ته يقين آهي ته فضل الرحمان ٽڪراءَ واري سياست ۾ نه ويندو، اميد آهي ته ڳالهين جي ذريعي ئي مسئلو حل ٿي ويندو.

تفصيل موجب پنجاب جي گورنر چوڌري سرور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون ۽ ڳالهيون ڪامياب ٿينديون، اميد آهي ته ٽڪراءَ واري سياست نه ٿيندي، سياستدانن جا بيان هميشه سخت هوندا آهن پر معاملا ڳالهين جي ذريعي ئي حل ٿيندا آهن.

پنجاب جي گورنر جو چوڻ هو ته يقين آهي ته فضل الرحمان ٽڪراءَ واري سياست ۾ نه ويندو، عالمن کان اپيل آهي ته  وفد بڻائي مولانا سان ڳالهيون ڪرڻ وڃو ۽ هن ڏکئي وقت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

چوڌري سرور چيو ته پهرين به ناهي چيو ته ڌرڻو ناجائز آهي هان چون ٿا ته ڌرڻي کي ناجائز ناهي چيو پر اِهو چيو آهي ته ڌرڻي جو وقت درست ناهي، ڪراچي کان اسلام آباد ڪا رنڊڪ ناهي وڌي، ڪا به وٺ پڪڙ ناهي، سمورن شرڪت ڪندڙن کي آزاداڻي طريقي سان وڃڻ ڏنو ويو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هن وقت اسان جو سڄو ڌيان ڪشمير تي هئڻ گهرجي، اسان ڌرڻي وارن سان سهڪار ڪري رهيا آهيون، اميد آهي ته ڳالهين جي ذريعي ئي مسئلو حل ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.