مُجيب اوٺي جو ڪهاڻي ڪتاب ”بارش کان بارش تائين“ : بخشل باغي

*”بارش کان بارش تائين“جي منظر ۾ ھڪ اُداس ۽ اڪيلو شخص ڇَٽي کڻي بيٺل آهي۔چوطرف پَنن کان خالي وڻ، سندس ويران وجود جي گواهي ڏئي رهيا آهن۔رنگَ مِينهن ۾ پُسي ڌُنڌلائجي ويا آهن۔هر طرف موسم جي درد جون ڪهاڻيون ساھ کڻي پنهنجي هُجڻ جو احساس ڏياري رهيو آهن۔
پر اُن مَنظر پُٺيان مُجيب جي بَظاهر نظر ايندڙ مُطئمن چهري تي خوابن کان رُٺل اکيون، زندگيءَ جي آرٽ گيلري ۾ رنگن کان خالي ڪيئنواس جيئن پنهنجي خالي پڻي ۾ به ڪيئي ڪهاڻيون سمائيندي محسوس ٿين ٿيون۔
هر فنڪار،پنهنجي اَڌورائپ جي ڏُک کي فن جي دامن ۾ ڦهلائي مُڪملتا جي اَڻ پوري ڪوشش ڪندو آهي۔
مُجيب پڻ اهڙين اُداسين جي سفر جو نئون پانڌيئڙو آهي۔جيڪو ڪهاڻيءَ جي طَويل سفر تي ڪهاڻين جهڙا قدم کڻندو اڳتي وڃي رهيو آهي۔سندس اَڇوتن قدمن جا نيشان، دراصل سندس زخمي پيرن جا اُهي عنوان آهن جن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون ڪتين جيئن ڪَرَ موڙي جڏهن جاڳن ٿيون ته ڪيترائي خواب،احساس توڙي آهون ڪوري ڪاڳر جو مُقدر بڻجي،مُجيب جي اندر جي ڪهاڻيڪار کي فن جي نِڪور زاويي ۾ تحليل ڪري ڇَڏين ٿيون۔
مُجيب جي”دل جي آڳنڌ تي لَڙي آيل جُدائي“ڪنهن انتظار مان ڦُٽي پيل اُها مُکڙي آهي جيڪا ڪڏهن گُل نه بڻجي سگهندي آهي۔ڇوته ”انتظار جي حالت ۾ ڪنهن هڪ جاءِ تي بيهڻ مُشڪل هوندو آهي“۽ پوءِ مَنجهس ھڪ سوچ جنم وٺي ٿي ته”اڄ جي شام کي ايئن چوري چوري وڃڻ نه گُهرجي“ايئن هڪ ڪيفيت جي ڪڙاڻ زبان تي محسوس ٿيڻ لڳي ٿي۔اکيون نمڪين بَڻجي ٿيون وڃن۔”رُڳي انتظار جا وَڍ وِجهندڙ لمحا ٽي وي جي بدلجندڙ منظرن ۽ آوازن جي سهاري ڪٽڻ“ڪيڏو نه عذاب آهي۔آخر”جدائيءَ جي صدمي ۾ گهٻرائجي ويل هوءَ ڇوڪري، جنهن دروازي سان ٽَڪرائجي ڪِري پئي هئي،سو پاڳل خاني جو لوهي شيخن وارو دروازو هو۔“هي ڇا حيرتن جا سَتئي آسمان مٿان اچي ڪِرن ٿا۔هڪ بي نانءُ درد جي سَٽ سيني مان اُڀري دل واري پاسي گُم ٿي وڃي ٿي۔۽ پوءِ من ۾ ”احساس جون لهرون“جاڳي دل کي لهرون لهرون ڪري وڃن ٿيون۔
”جڏهن هُو مزاج ۾ خاموش ٿي ويو هو۔۔۔۔۽ سندس لِهجن مان ماکي ٽِمڻ لڳي هئي۔تڏهن کيس ايئن محسوس ٿيندو هو،ڄڻ کيس محبت ٿي وئي هُجي۔“
”کيس وهم ٿي ويندو هو ته:”هُو پيءُ جو ناجائز پُٽ آهي!“
”اِهو ٻُڌي هُو خاموش ٿي ويو هو۔۽ پوءِ مون ڏٺو ته احساس کيس ڀاڪر پاتو ته هُو روئي ويٺو هو۔۔۔۽ سندس ڳوڙهن ۾ مان ٻُڏي رهي هُئس“ ”مون کي سندس نئين محبت پُراڻي درد جي لَذت جهڙي ڀاسي هئي۔هُن پنهنجو درد ڪڏهن به مون کي نه ٻُڌايو۔“
ھڪ سوال گوليءَ جيان سيني ۾ اچي لڳي ٿو۔۔۔۔۔
”ڪنهن جي ڪهاڻي ٻُڌائي رهي آهين؟“
”پنهنجي پُٽ جي“
”پر پاڻ کي ته ڪو پُٽ ئي نه آهي!“
آئون پولار مان پاتال ۾ پيهي وڃان ٿو۔هڪ پيڙا جو پَهاڙ مَٿان اچي ڪري ٿو۔اکين ۾ سمنڊَ ڇُلڪي پَوَن ٿا۔سوچان ٿو۔مائرون اولاد کي حقيقت توڙي تصور ۾ جنم ڏئي دراصل پنهنجي لاءِ درد ڄڻينديون آهن۔جنهن کي پوءِ عمر ڀر پاڻ ئي ڀوڳينديون رهنديون آهن۔
هر سٺو پڙهندڙ”بارش کان بارش تائين“ جي سُرمئي سفر ۾”سائي چادر جو ڏُک“ڪڏهن به،نٿو وساري سگهي۔ڇاڪاڻ ته اُن ڪهاڻيءَ ۾”زال جي جُدائيءَ جو زخم ٽِڙي مَھڪندڙ گلاب ۾ بدلجي ويو هو۔جنهن جي خوشبو جي سحر هُن کي عجيب چَريائپ ۾ مُبتلا ڪري ڇڏيو هو“۽ مُجيب کي ياد ٿو اچي ته”هن کي پاڙي جي هڪ دوست کان خبر پئي هئي ته: جنهن ڇِتي ڪُتي سندس زال کي ڏاڙهيو هو،اُن ڪُتي شهر جي ٻين به ٽِن ماڻهن کي کاڌو هو۔“مان سوچيان ٿو ته واقعي زندگي المين جو نانءُ آهي۔ڏک،درد، الميا آرٽ کي دوام بَخشيندا آهن۔۽ ڪهاڻيءَ لاءِ فن جو اعليٰ ڪرافٽ هُجڻ لازمي آهي۔نه ته ڪهاڻي،ڪهاڻي نٿي بڻجي سگهي۔۔۔۔۔!
”مگر هُنن پُسيل سائو ڪپڙو سندس مَٿان وجهي ڇڏيو۔“ ”۽آخر اُهي سِسِڪيون به هڪ ماٺ ۾ بدلجي ويون هُيون۔۔۔۔موت جي ماٺ ۾۔۔۔“
مُجيب ماٺ ميٺ ۾ جيڪو ڪهاڻي جو سفر ڪري رهيو آهي۔اهو سندس نئين پنڌ جي پيرن تي پُراڻي پيرن جو گُمان آشڪار ڪري ٿو۔سندس ڪهاڻيءَ جا مُنهن مُهانڊا سندس ئي تخيل ۽ زاويي مان گَهڙجي نِڪتا آهن۔
مُجيب جي ڪهاڻين جو ڪيئنواس ايئن آهي جيئن ڪو ڦوٽو گرافر ڪيئمرا جي ننڍڙي اک ۾ ڪائناتي ڦھلاءُ کي وڌ کان وڌ سهيڙڻ جي ڪوشش ڪري،ننڍڙي زاويي ۾ وڏي وشالتا سمائي ڇڏڻ چاهيندو هجي۔
مُجيب کي ڪهاڻيءَ جي پنڌ جا پَرُوڙَ ڪنهن اڳين جنم ۾ ئي پئجي چُڪا هئا پر هِن جنم ۾ هُن ڪهاڻي جي آڱر پَڪڙي آهي يا شايد سندس ڪهاڻي آڱر پڪڙي پاڻ سان همسفري جو اعزاز بخشيو اَٿس۔۔
مُجيب نه چاهيندي به بارشن ۾ ڀِڃندي”پهرين اَنام ڪهاڻي“لکي سنڌي ڪهاڻيءَ کي گروَ وتو ڪري ڇڏيو آهي۔
سندس هر ڪهاڻي پنهنجي حُسناڪين کي سهيڙي روح تائين رَسِي ٿي وڃي۔ڇو ته هر ڪهاڻي سندس دل جي ڪاڪ کي ڪڪوري مومل بڻي آهي۔۔۽ مُجيب روح ۾ ڪڪورجِي راڻي جو رُتبو ماڻيو آهي۔
مُجيب تخيل ۽ تصور جي آميزش سان هِن ڪهاڻيءَ کي هڪ نئون رُخ،نئون جهان اَرپيو آهي۔اِها ڪهاڻي جنهن ڍنگ ۽ رنگ سان لکي وئي آهي۔ اهڙو دلربا ۽ پُختو انداز مُجيب وٽ ئي نظر اچي ٿو۔ڇو ته ڪهاڻي ننڍي هُجي يا وڏي۔بُنيادي ڳالهه اِها آهي ته اُن ڪهاڻيءَ کي ليکڪ پنهنجي فن جي ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪيئن پڙهندڙ کي آڇي ٿو۔۔ مُجيب ڪهاڻي لکي ڪونه ٿو پر ڪهاڻي ئي کيس لکرائي ٿي۔
مُجيب جي هي پهرين ئي ڪتابي تخليق ادب جي جهول ۾ بلڪل به نِڪور ۽ نياري لڳي ٿي۔سندس ڪهاڻيون هوا کان هَلڪيون ۽ پاڻ ۾ تحليل ڪري ڇڏيندڙ آهن۔نه رڳو ڪهاڻيون، اُنهن جي ٽريٽمينٽ،ڪردار نگاري،منظر ڪشي،علامت نگاري،ڊائلاگ، ڪهاڻيءَ جو مختصر پر جامع ڪيئنواس، سادي پر پُرڪشش ٻولي۔عنوان مطلب ته مُجيب جون ڪهاڻيون اهڙيون ته سهڻيون، سيبتيون ۽ مُڪمل آهن جو سنڌي ڪهاڻي مَٿن ضرور فخر ڪندي۔دراصل اِها منهنجي ذاتي رائي آهي۔ ۽ سچ ته مُجيب جي ڪهاڻين ۾ ڪا به اَجائي پٽاڙ جو ڪوبه احساس نه ٿو ملي۔هُو لفظن جو تقدس رکندي پنهنجي دل جي ڳالهه جيڪا هُو ڪردارن کان چوارائي ٿو يا بيان ڪرائڻ ٿو چاهي اُها وڏي سليقي سان چوڻ جو ڀرپور هُنر ڄاڻي ٿو۔
نه رڳو ايترو پر سندس ڪهاڻين جا عنوان به ڇا ته ڪمال جا شاعراڻا آهن۔
”خوابن جي دنيا مان خارج ٿيل ماڻهو“هي ڪهاڻي علامتي انداز جو هڪ سهڻو حوالو هئي۔
”سيني سِڪان ساريان“مان ڪجهه جملا:”ڊپ جو هڪ ڪُن سندس اندر ۾ پيدا ٿي پيو“،”اُداسي کيس اَڇي پُوتيءَ جيئن ويڙهيل هئي“،”هوءَ گونچ مان ٽاري ٿي پئي هئي ۽ ٽاري ٽار ۾ بدلجڻ لڳي هئي“۔
”سُڪي ويل گل جي خوشبو“ هڪ بهترين ڪهاڻي آهي۔جنهن مان صرف هڪڙي ئي سِٽَ ڪهاڻيءَ جي ڪردار جي زندگيءَ جِي اُکيل ٿي ڪري ڇڏي۔”هُو هميشه هڪ پُراڻي خوشبو جو مُتلاشي هو۔“
الائي ڇو اُهو جملو پَڙهي منهنجي ذهن تي هڪ شاندار انگلش فلم ”پرفيوم“ تري اچي ٿي۔
”زندگيءَ جي ايش ٽري ۾ سَڙيل ساھ“پڻ وجود ۾ تحرڪ پيدا ڪري ڇڏيندڙ ڪهاڻي آهي۔هِن ڪهاڻي ٻُڌايو ته ”ڪهاڻي ايئن لکجي جو پَڙهندڙ اُداس ڪردار جي آڱر پَڪڙي ڪيئنواس تي هلڻ لڳي۔“
”رهجي ويل مُلاقات جو لمحو“،”ٺري ويل چانھ جو ڪوپ“،”سيني جي سرحد مان نڪري ويل ڇوڪري“، ”اڪيلائيءَ جو آخري ڇِرڪ“، ڪهاڻي ٻڌايو ٿي ته مُجيب جي اندر جي”بي چيني جڏهن ڀَيانڪ طوفان جو رُوپ اِختيار ڪرڻ لڳندي هئي ته،هُو ڪهاڻي لِکي اُن طوفان کي جَهڪو ڪري ڇڏيندو هو۔۔۔۽ پوءِ خيالن جي ناوَ تي چڙهي اندر جي اُونهي سمنڊ ۾ نِڪري ويندو هو۔“
ايئن سندس ٻيون ڪهاڻيون
”خوف جي خوشبوءِ“يا
”هِن دل جي خانه بدوشي“ ۾ هڪ جُملو ڪهاڻيءَ جو معيار طيءِ ڪري ٿو ته،
”کيس ايئن محسوس ٿي رهيو هو،ھُو ڪهاڻي ٻُڌي نه پر ڏِسي رهيو هو۔“
۽ سچ ته مون مجيب جون ڪهاڻيون پڙهندي اُنهن کي اکرن مان اُڀري پاڻ سان گڏ هلندي ۽ هم ڪلام ٿيندي پڻ ڀانيو آهي۔
”ڪهاڻيءَ جي ڪناري تي بيٺل ڇوڪري“ ڇا ته شاندار ڍنگ ۾ رچيل ڪهاڻي آهي۔سچ ته مُجيب وٽ ڪهاڻي لکڻ جو ڏانءُ ڏاڍي نفيس انداز ۾ مَٿس مُنڪشف ٿيندي محسوس ٿئي ٿو۔جيئن مُحبت دل تي پنهنجا پَرَ پکيڙيندي ايندي آهي تيئن ڪهاڻي به سندس مَن جي سمنڊ ۾ مڇيءَ جيئن ترندي وٽس ايندي آهي۔۽ مُجيب کيس ڏاڍي پيار سان لفظن جي”فش باڪس“۾ لاهي وٺندو آهي۔مڇين جهڙيون رنگ برنگي ڪهاڻيون، ڇولين سان ساحل تي ايندڙ رنگين پٿرين جهڙيون دل ۾ پيهي ويندڙ ڪهاڻيون۔
”ماڻهو جو مثال به ٻرندڙ ميڻ بتيءَ جيئن آهي۔جيئن جيئن ڌاڳو سڙندو ٿو وڃي تيئن تيئن ميڻ ڳرندي ٿي وڃي۔هر ماڻهوءَ جي اندر به اهڙو ئي ڌاڳو آهي، جيڪو مسلسل سَڙي رهيو آهي۔جيئن جيئن اُهو سڙندو ٿو وڃي تيئن تيئن ماڻهو اندر ڳرندو ٿو وڃي۔“
”ننڍپڻ ۾ مري ويل شخص“ عجيب قسم جي ڪهاڻي آهي۔سچ ته مون وٽ لفظ ناهن جو مان اُن ڪهاڻي جي ڪهاڻيپڻي کي بيان ڪري سگهان۔ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻي ڪيئن ٿي ساھ کڻي۔ڪيئن ٿي مُختلف رُخ پيدا ڪري۔ڪيئن ٿي وجود جو حصو بڻجي ڀوڳرائي۔اُهو مُشاهدو ماڻڻ لاءِ مُجيب جي ڪهاڻين جي پيچرن تي دل جي پيرن سان پنڌ ڪرڻ لازمي آهي۔
مُجيب جي ڪهاڻين جا موضوع توڙي مواد،مُجيب جي دل جي دنيا جا پنهنجا آهن۔
هُو هر موضوع کي ڪٿان به شروع ڪري ڪٿي به ختم ڪري ڪهاڻيءَ کي تخليق ڪري سگهي ٿو۔
“ڪهاڻين جو ديوتا”ڪهاڻي پڙهي سچ ته منهنجي دل چئي ويٺي ته واقعي مُجيب ”ڪهاڻين جو ديوتا“آهي۔۽ ڪهاڻيون سندس ديويون آهن۔
سندس دل اُنهن ڪهاڻي ديوين جو مُقدس مندر آهي۔جتي پوڄا به هڪ نِرالي فن سان ڪئي وڃي ٿي۔هي ڪهاڻي پڻ ٻين ڪهاڻين جيان پنهنجو مَٽ پاڻ آهي۔
”وائلن جي ٽُٽل تار جهڙي ڇوڪري“پڻ وائلن جي سُرن جهڙي هڪ سُريلي ڪهاڻي آهي۔جنهن جي تارن ۾ درد سگريٽ جيئن دُکي سُرمئي ڪيفيت ۾ تبديل ٿِي وڃي ٿو۔
اکيون گِهمجي وڃن ٿيون۔۽ ڀِنل دل سان”بارش کان بارش تائين“جو سفر پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پُهچي وري هڪ نئين رنگ ۽ ڍنگ سان شروع ٿِي وڃي ٿو۔ مُجيب جون ڪهاڻيون ڪنهن پُڄاڻي توڙي شُروعات جون مُحتاج ڪين آهن۔اهي ته عالمي ڪهاڻيءَ جي تاڃي پيٽي ۾ سِرجيل اهڙيون ته نراليون ڪهاڻيون آهن۔جن کي پَڙهي، ڏِسي ۽ ٻُڌي حيرتن ۾ وڃائجي وڃجي ٿو………!

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.