ايڊز جي بيماري، احتياط ۽ علاج:ڊاڪٽر نبيلا سومرو

ايڇ آءِ وي /ايڊز نه رڳو هاڻي هڪ بيماري آهي پر هاڻي اها پنهنجي صحت جي سيڪيورٽي جو پڻ حصو بڻجي چڪي آهي. ايڇ آءِ وي جو مطلب human immuno deficiency virus  آهي جنهن جي نالي مان ئي ظاهر آهي ته اهو وائرس جيڪو انسان جي جسم جي برداشت واري طاقت کي گهٽ ڪري جنهن سان انسان مختلف قسم جي مرضن جو شڪار ٿي ويندو آهي. هن مرض جي مريضن جي ڪڏهن ته ڪابه تڪليف ظاهر ناهي ٿيندي پر جيڪڏهن سندس صحيح طريقي سان علاج نه ڪرايو ويو ته اهو مرض اڳتي هلي 3 کان 15 سالن اندر ايڊز جي صورت اختيار ڪري وٺندو آهي.
ايڊز جو مطلب Acquired immuno deficiency syndrome آهي. اها هڪ خطرناڪ بيماري آهي جنهن ۾ مريض جي حياتي کي خطرو هوندو آهي ۽ جسم ۾ برداشت جي قوت ايتري ته گهٽ ٿي ويندي آهي جو ڪيترن ئي قسمن جا انفڪيشن ۽ ڪينسر ٿيڻ جو خطرو پئدا ٿي ويندو آهي. هن ۾ جسم جي بچاءُ وارا گهرڙا CD4 تباهه ٿي لڳ ڀڳ ختم ٿي ويندا آهن. CD4 سيلز جيڪڏهن 200 کان گهٽ ٿي وڃن ته پوءِ اسان هن بيماري کي ايڊز سمجهندا آهيون.
سبب: اها بيماري بنا چڪاس ڪرايل رت جي منتقلي، گدلاڻ وارين انجيڪشنز ۽ سُين جي استعمال ، جنسي ڇڙواڳي خاص طور ايڇ آءِ وي پازيٽو مريضن کان، ڳورهاري يا متاثر ٿيل ماءُ کان ٻار جي پئدائش دوران، پازيٽو ماءُ جو ٻار کي ٿڃ پيارڻ مهل پکڙجندي آهي.
علامتون ۽ نشانيون: بخار، مٿي جو سور ۽ سنڌن جو سور، خارش، ڳلي جو سڄڻ ۽ تڪليف ڏيندڙ وات جي زخمن، لِفَ يا غدودن جو سور ڳچي جي لمف نوڊ، وزن جو گهٽجڻ، ٿڪاوٽ ۽ سستي وغيره.
حفاظتي اپاءُ: ايڇ آءِ وي/ ايڊز جي هيل تائين ڪابه ويڪسين ايجاد ناهي ٿي، پر ڪيترن ئي ملڪن ۾ ويڪسين تي ريسرچ هلي رهي آهي. اميد آهي ته ترت ڪا سٺي خبر ملندي، في الحال اسان پاڻ کي هن بيماري کان بچڻ لاءِ سيڪس ۾ ڪنڊومز، لبريڪنٽس، جراثيمن کان پاڪ سرنجز ۽ سُيون، چيڪ ڪيل رت جي منتقلي، جيڪڏهن ماءُ کي ايڇ آءِ وي آهي ته ان کان بچاءُ لاءِ دوائن، ARVs  ( anti retro viral) جو استعمال، ٻار جي پيدائش، سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي ماهر ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ ڪرايو ۽ ٻارڙن کي ٿڃ پيارڻ مهل به مائرون ان دوا جو استعمال ڪنديون رهن. جيڪڏهن اوهان کي ايڇ آءِ وي/ايڊز جي بيماري ظاهر ٿي وئي آهي ته پنهنجي ويجهي ٽريٽمينٽ سينٽر کان لڳاتار دوا ۽ ٽيسٽ ڪرائيندا رهو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.