آسٽريليا پاڪستان کي ٽين ميچ ۾ شڪست ڏئي ٽي ٽوئنٽي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

پرٿ (ويب ڊيسڪ) 3 ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.

پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ جاري 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي، آسٽريليا ٽاس کٽي پهريان پاڪستان کي بيٽنگ جو دعوت ڏني جنهن تي قومي ٽيم رڳو 107 رنسن جو هدف ڏنو جنهن جو پيڇو ڪندي آسٽريليا طرفان اننگز جي شروعات ڊيوڊ وارنر ۽ ايرون فنچ ڪئي.

ٻنهي اوپنرز بهترين راند جو مظاهرو ڪندي پاڪستان جو 107 رنسن جو هدف سواءِ ڪنهن نقصان جي 11.5 اوورن ۾ پورو ڪيو. آسٽريليا طرفان ڊيوڊ وارنر 78 ۽ ايرون فنچ 52 رنسون اسڪور ڪيون.

هي به پڙهي سگھو ٿا:قومي ٽيم کان ٻاهر محمد حفيظ هڪ ٻئي مسئلي ۾ ڦاسي پيو…!

ان کان اڳ پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات امام الحق ۽ ڪپتان بابراعظم ڪئي. ٻنهي اوپنرز خاص ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪندي رڳو 15 رنسن تي ڪپتان بابراعظم 6 رنسون اسڪور ڪري اسٽارڪ جي بال تي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته ٻئي بال تي ون ڊائون آيل محمد رضوان به بولڊ ٿي پويلين موٽي ويو.

پاڪستان جي 3 وڪيٽ 22 رنسن تي ڪري جڏهن ته اوپنر امام الحق 14 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، ڇوٿون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر حارث سهيل هو جنهن رڳو 8 رنسون ٺاهيون جڏهن ته 69 جي گڏيل اسڪور تي ٽي ٽوئنٽي ۾ ڊيبيو ڪندڙ خوش دل شاهه به 8 رنسون ٺاهي هليو ويو.

هي به پڙهي سگھو ٿا:اسلام آباد يونائيٽيڊ کي ٻه ڀيرا چيمپيئن بڻائيندڙ ڊين جونز برطرف

قومي ٽيم جو ڪو به رانديگر گھڻي دير تائين وڪيٽ تي نه بيهي سگھيو سواءِ افتخار احمد جنهن 45 رنسون ٺاهيون، عماد وسيم به رڳو 6 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو جڏهن ته شاداب خان هڪ رن ٺاهي سگھيو، قومي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 106 رنسون ٺاهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.