واپار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ سان سيڙپڪاري ۾ واڌ ٿيندي…!

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود جو چوڻ آهي ته واپار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ سان سيڙپڪاري ۾ واڌ ٿيندي، ننڍي ۽ وچين درجي جي صنعتن کي مضبوط ڪيو ويندو.

تفصيل موجب واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود جي صدارت هيٺ سيڙپڪاري بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيئرمين سيڙپڪار بورڊ، سيڪريٽري واپار ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ واپاري سرگرمين جي هٿي جي لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ تي غور ڪيو ويو.

واپار واري صلاحڪار چيو ته واپار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ سان سيڙپڪاري ۾ واڌ ٿيندي، ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن کي مضبوط ڪيو ويندو.

عبدالرزاق دائود چيو ته ايس ايم ايز جي ترقي معيشت مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، ايز آف ڊوئنگ بزنس رپورٽ ۾ پاڪستان 28 درجي جي ترقي ڪئي، وڌيڪ آسانيون پيدا ڪري سيڙپڪاري کي هٿي ڏني ويندي.

واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود گذريل هفتي آڪٽوبر 2019ع جا واپار بابت انگ اکر جاري ڪيا هئا، آڪٽوبر دوران برآمدات 2 ارب 80 ڪروڙ ڊالر رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.