سلمان خان ”دبنگ 3“ مان راحت فتح علي خان جو گيت ڪڍي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي نئين فلم ”دبنگ 3“ مان پاڪستاني گلوڪار راحت فتح علي خان جو گيت ڪڍيو ويو آهي.

اها فلم جلد رليز ٿيڻ واري آهي ۽ ان حوالي سان حتمي تياريون ڪيو پيون وڃن.

ميڊيا رپورٽن موجب راحت فتح علي خان ان فلم لاءِ هڪ گيت رڪارڊ ڪرايو هو پر پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ تي انڊسٽري فيصلو ڪيو هو ته پاڪستاني گلوڪارن سان ڪم روڪيو وڃي، راحت فتح علي خان جو واسطو پاڪستان سان آهي، ان ڪري سلمان خان ۽ هن جي سموري ٽيم هن جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي گلوڪار جو گيت شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

خابرو ادارن ان حوالي سان راحت فتح علي خان جي پروڊيوسر ۽ گلوبل پروموٽر سلمان احمد سان رابطو ڪري ڄاڻ حاصل ڪئي، ٻڌايو  ويو ته حقيقت ۾ دبنگ لاءِ ٻه گيت رڪارڊ ڪرايا ويا هئا، جيڪي تمام گھڻا سٺا هئا.

هي به پڙهي سگھو ٿا:ماهرا خان گڏيل قومن جي خير سگالي سفير مقرر

هن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ گيت نينا گھڻو خوبصورت آهي ۽ هر هڪ کي افسوس هوندو ته راحت صاحب جو ورجن فلم جو حصو نه بڻجي سگھيو، پر هو پنهنجي ملڪي مفادن کي ڏسندا آهن، منهنجو خيال ناهي ته فنڪار وٽ اهڙين حالتن ۾ ڪا چونڊ ٿي سگھي ٿي.

فيڊريشن آف ويسٽرن انڊيا سائين امپلائيز (ايف ڊبليو آءِ سي اي) هدايتون جاري ڪيون آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجودهه صورتحال کي ڏسندي ڪو به ڀارتي فنڪار، گلوڪار، ڊانسر، ميزبان، پرفارمر ۽ پروموٽر پاڪستان ڄاول ۽ پاڪستان فنڪارن سان ڪم نه ڪندو.

ان اداري ماضي ۾ انهن ڀارتي فنڪارن ۽ پروموٽرن کي نوٽيس جاري ڪيا هئا جن پاڪستان فنڪارن جي ايونٽس ۾ شرڪت ڪئي يا اهي ايونٽس ڪرايا.

سلمان احمد جو چوڻ هو ته جيڪڏهن گيت رليز ٿيو ته تڪرار ٿيندو، ان سان فلم به متاثر ٿيندي ۽ ڪو به ائين نٿو چاهي، ۽ ائين ناهي ته سلمان خان ڄاڻي واڻي ان گيت کي فلم جو حصو نه بڻايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.