ڊينگي ويڪسين جا شروعاتي تجربا ڪامياب

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) ڊينگي بخار کي روڪن لاءِ تيار ڪيل ويڪسين جي شروعاتي تجربي ۾ نمايان ڪاميابي ملي آهي. وڏي پيماني تي ڪيل ڪلينيڪل ٽرائلز جو نتيجو 80 سيڪڙو بدرآمد ٿيو آهي.

ان کان اڳ فلپائن ۾ ڊينگي جي پهرين ويڪسين ڊينگي ويڪشيا 2016ع ۾ منظر عام تي آئي هئي پر ٻئي سال ئي ڪجهه حفاظتي قدمن سبب ان جا تجربا روڪيا ويا هئا. ڊينگي ويڪشيا سان ماڻهو سخت بيمار ٿي ويا جن کي ڪڏهن به ڊينگي بخار نه ٿيو هو.

هن سال آمريڪي ادارن ڊينگي ويڪشيا جي منظور ي ان شرط تي ڏني آهي ته اها رڳو انهن ماڻهن کي لڳائي وڃي جيڪي ڊينگي متاثر آهن ۽  هاڻ جاپان طرفان به نئين ويڪسين تيار ڪئي وئي آهي.

جاپان جي دوا ٺاهيندڙ ڪمپني ٽاڪيڊ جيڪا ويڪسين ٺاهي آهي اها زندهه ڊينگي وائرس کي ڪمزور ڪري ٿي. ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا جي 26 هن شهرن ۾ ان جي آزمائش اهڙن 20 هزار ٻارن تي ڪئي وئي آهي جن جون عمريون 4 کان 16 ورهيه هيون. ڪجهه ٻارن کي فرضي ويڪسين يا پلاسيبو ڏني وئي ۽ ٻئي گروپ جي ٻارن کي ٽن ٽن مهينن جي وقفي سان ويڪسين جا ٻه ڊوز پياريا ويا. جيتوڻيڪ ٻئي ڊوز جي ٽن ورهين کان پوءِ ئي ويڪسين جا حتمي نتيجا برآمد ٿيا پر جاپاني ڪمپني هڪ سال پورو ٿيڻ تي شروعاتي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: طبي ماهرن ڀارتين بابت اهم انڪشاف ڪري ورتو

فلپائن جي تيار ڪيل ڊينگي ويڪشيا جي برخلاف جاپان جي نئين ويڪسين اڳ کان ڊينگي متاثرن ۽ ڊينگي ۾ مبتلا ٿيل ٻارن ۾ هڪ جهڙا بهتر نتيجا فراهم ڪيا. انهن ٻآرن ۾ ڊينگي وائرس جا چار قسم موجود هئا ۽ ويڪسين هڪ وائرس جي خلاف مڪمل جڏهن ته ٻن قسمن جي وائرسن جي خلاف جزوي تحفظ فراهم ڪيو.

ڊينگي تي تحقيق ڪندڙ هڪ ماهر چيو آهي ته جن ٻارن کي ويڪسين ڏني وئي آهي انهن جو وڌيڪ مشاهدو ضروري آهي، ان ڪري وقت سان گڏ خبر پئجي ويندي ته جاپاني ويڪسين ڪيتري وقت لاءِ ۽ ڪيتري اثرائتي آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ڇا اوهان کي ٿوم جا طبي فائدا خبر آهن؟

سنگاپور ۾ ڊيوڪ اين ايس ميڊيڪل اسڪول جي سائنسدان ڊاڪٽر ڊواني گيوبلز وٽ ان ويڪسين جي ملڪيت جو حق آهي. هن جو چوڻ آهي ته ويڪسين جا شروعاتي نتيجا اثرائتا آهن. جيڪڏهن اها ڊگھي وقت لاءِ ڊينگي وائرس کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته ان سان کي ڊينگي جي روڪٿام ۾ گھڻي مدد ملي سگھندي. ويڪسين سبب سموري دنيا ۾ ڊينگي جي وبا روڪڻ ممڪن ٿي ويندو.

پاڪستان ۾ ڊينگي جو مرض هن وقت تائين ڳڻتي جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي ۽ هن سال 44 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ان جو شڪار ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.