خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ موبائيل فون تي پابندي…!

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ موبائيل فون جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.

تفصيل موجب پنجاب حڪومت سمورن خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ موبائيل فون جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان پنجاب جي تعليم کاتي سمورن ضلعن جي اي ڊي او ۽ سي اي او ايجوڪيشن کي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب موبائيل فون تي پابندي تعليمي ادارن ۾ وڌندڙ منشيات جي استعمال کي روڪڻ لاءِ لڳائي وئي آهي، شاگردن کي منشيات کان پري رکڻ جي لاءِ اِهو قدم کنيو پيو وڃي، تعليمي ادارن ۾ سوشل ميڊيا جو هر طرح سان استعمال روڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.