گڏيل عرب رياستن جي واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ خوشخبري..!

دبئي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب رياستن جي سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي  کاتي پيغام پهچائڻ جي مشهور ترين موبائل ويب ايپليڪيشن واٽس ايپ ڪالز تان پابندي ختم ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

عرب ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل عرب رياستن جي اختيارين ڪالنگ فيچر تان پابندي ختم ڪرڻ تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن کان پوءِ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته واٽس ايپ واهيپدارن لاءِ مملڪت ۾ جلد اهو دستياب هوندو.

گڏيل عرب رياستن جي نيشنل اليڪٽرانڪ سيڪيورٽي اٿارٽي جي سربراهه الڪيوتي جو چوڻ آهي ته واٽس ايپ سان اسان جا بهترين رابطا قائم ٿي ويا آهن، اسان ڪمپني سان ڀائيواري وڌائڻ کان سواءِ مختلف معاملن تي ڪم ڪري رهيا آهن.

هن اشارو ڏنو ته واٽس ايپ جي سهڪار ۽ سيڙپڪاري کان پوءِ گڏيل عرب رياستن ۾ جلد واٽس ايپ ڪال تي لڳايل پابنديون ختم ڪيون وينديون جنهن کانپوءِ اتي رهندڙ ماڻهو به واٽس ايپ ڪالز جي سهولت مان فائدو وٺي سگھندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.