اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري درخواست رد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ اسد دراني جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

تفصيل موجب وفاقي ڪابينا اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ اسد دراني جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. گهرو وزارت جي ڊپٽي سيڪريٽري رپورٽ جي ڪاپي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي.

بچاءَ واري وزارت جي نمائندي موجب اسد دراني خلاف پهرين انڪوائري مڪلم ڪري ٻه نيون جاچون شروع ڪيون ويون آهن ۽ ٻن هفتن  هن کان جواب طلب ڪيو آهي.

واضح رهي ته فوجي عدالت اسد دراني جي خلاف انڪوائري۾ را جي اڳوڻي سربراهه سان گڏ لکيل هن جي ڪتاب کي ملٽري ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو هو ۽ ليفٽيننٽجنرل ريٽائرڊ اسد دراني جي پينشن سميت جنرل طور سموريون مراعتون به ختم ڪيو ويون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.