خيبرپختونخواهه ۾ پوليو جا نوان ڪيس سامهون اچي ويا…!

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ۾ پوليو جا وڌيڪ 2 ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ صوبي ۾ هلندڙ سال 10 مهينن دوران پوليو سبب متاثر ٻارن جو انگ 61 تائين پهچي ويو.

ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اي او سي) خيبرپختونخواهه موجب پوليو جا نوان ڪيس لکي مروت مان رپورٽ ٿيا جتي وائرس جو شڪار ٿين ٻارن جو عمرون 15 کان 22 مهينن جي وچ ۾ آهن.

نوان ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال پوليو سبب متاثر ٻارن جو انگ 82 تائين پهچي ويو آهي.

ايمرجنسي آپريشن سينٽر خيبرپختونخواهه مان رپورٽ ڪيل 61 ڪيسن مان 23 ضلعي بنون مان، ضلعي لکي مروت مان 14، ضلعي اتر وزيرستان مان 8، ضلعي تورغر مان 7، ضلعي هنگو مان 2 جڏهن ته چارسده، ڊيرا سماعيل خان، شانگلا، باجوڙ، خيبر ۽ ڏکڻ وزيرستان جي ضلعن مان هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ڪيا ويا.

ٻئي پاسي سنڌ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ ڄامشوري مان 9 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن.

بلوچستان جي ضلعي عبدالله، جعفر آباد ۽ ڪوئيٽا جي ضلعن مان 7ڪيس ۽ پنجاب صوبي ۾ لاهور ۽ جهلم مان پوليو جا 5 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.