وزيرستان ۾ ايس پي طاهر داوڙ جو ويجهو عزيز مارجي ويو

پشاور(ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه  ۾ فائرنگ سبب ايس پي طاهر داوڙ جو ڀيڻوو مارجي ويو.

ميران شاهه مير علي سب ڊويزن جي ڳوٺ خدي ۾ اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ منصور خدي مارجي ويو. هن  کي خدي جي مرڪزي مارڪيٽ ۾ نشانو بڻايو ويو .

منصور خدي ايس پي طاهر داوڙ جو ڀيڻوو هو ۽ جوابدار هن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

واضح رهي ته ايس پي طاهر داوڙ کي به اڻڄاتل ماڻهن وفاقي راڄڌاني اسلام آباد مان اغوا ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته سندس لاش افغانستان مان مليو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.