تيز گام حادثي جي جاچ بابت درخواست تي وفاق کي نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  تيز گام ريلوي حادثي جي آزاداڻي جاچ جي درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ تيز گام ريلوي حادثي جي آزاداڻي انڪوائري جي لاءِ داخل درخوست تي ٻڌڻي ٿي. هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو.

درخواستگذار جي وڪيل دليل ۾ چيو ته تيز گام حادثي ۾ ماڻهن جون جانيون ويون، حادثي جون شاهديون ختم ڪيون پيون وڃن، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جو ذمو مسافرن تي مڙهيندي چيو آهي ته تبليغي جماعت جي سلينڊر مان  باهه لڳي، واقعي جي ايف آءِ آر ريلوي ٿاڻي ۾ داخل ٿي آهي، شفاف جاچ ڪيئن ٿيندي، ريلوي جا هڪ ٻه نه پر هر ايندڙ ڏينهن حادثا ٿي رهيا آهن.

جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته وفاقي حڪومت کي نوٽيس ڪري رهيا آهيون، اِهو ضروري آهي. عدالت نوٽيس جاري ڪري ڪيس جي ٻڌڻي 22 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.